سنڌ حڪومت! سياسي ۽ عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ؛وينگس

حڪومت، رياست ۾ دل جهڙو ڪردار رکندڙ هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو حڪومت جو سڌو تعلق عوام سان رهي ٿو ۽ جڏهن عوام ئي سورن ۽ تڪليفن ۾ هجي ته ان جو مطلب رياست به تڪليف ۽ درد ۾ ورتل آهي. ان ڪري حڪومت جي ڪارڪردگي وڌيڪ اهميت رکندڙ آهي. ڪنهن سچ ئي چيو، ”ڪنهن به رياست کي ڏسڻ لاءِ اتان جي حڪومت جي ڪم کي ڏسو، توهان کي خبر پئجي ويندي ته رياست ڪهڙي حال ۾ آهي؟“

پاڪستان ۾ حڪومتن جي ڪارڪردگي کي ڀيٽيو وڃي ته اهي خراب کان بدترين تائين وڃي بيهنديون، ان کان الڳ ٿي ڪري بهتر ڪارڪردگي تي ڪا به حڪومت نه ٿي اچي. عالمي ادارن جي فهرست ۾ پاڪستان حڪومتن جي ڪارڪردگي هر سال هميشه خراب نمبر تي بيٺل آهي. ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا ان جي ذميواري ٻاهرين قوتن تي هنئي ويندي؟ جڏهن اقتدار سنڀاليندڙ حڪمران پنهنجا ئي هجن پوءِ اهي عوام جا مسئلا حل ڇو نه پيا ڪن؟

جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي يا حل ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي ته پوءِ ان جي سڌي ذميواري حڪومت جي مٿان عائد ٿئي ٿي. اسان هن وقت سنڌ حڪومت جي ڳالهه ڪنداسين، وفاقي حڪومت ڇا ۽ ڪيئن ڪم ڪري پئي ان تي ٻئي دفعي بحث ڪبو، پر هن ڀيري سنڌ حڪومت ۾ ساڳيو وزيراعليٰ ۽ وزير، گذريل حڪومت کان وٺي هيل تائين اقتداري ڪرسي تي ويٺل آهن.

انهن کان پڇيو وڃي ته انهن سنڌ جا ڪيترا سيڪڙو مسئلا حل ڪيا آهن ۽ عوام کي ڪيترو رليف ڏنو ويو؟

سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي جاچڻ لاءِ ٻن پاسن تي نظر رکڻ انتهائي ضروري آهي هڪ سياسي ۽ ٻيو عوامي پاسو، جتي سنڌ حڪومت پاڻ کي ڪٿي وڃي بيهاريو آهي؟

سڀ کان پهرين عوامي مسئلن جي پاسي تي نظر ٿا وجهون:

سنڌ جي حالت ڪٿي وڃي پهتي آهي؟ شهرن ۽ ڳوٺن جي حالت ڏسو ته انهن کي ڏسي ائين بلڪل نه لڳندو ته اهي ڪي 21 صدي جا شهر آهن. عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ عوام مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسندو پيو وڃي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت تي تنقيد ٿئي ٿي ته چيو وڃي ٿو، اِهو ميڊيا جو پيدا ڪيل مسئلو آهي. آخر صوبائي حڪومت ٻڌائي، ڇا ميڊيا هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هٿ ٺوڪيا مسئلا پيدا ڪري پئي؟

جنهن صوبي جي گادي واري شهر  (Capital city) ڪراچي ۾ مسئلا هجن ۽ اتي حڪومت اگر مگر جا لفظ استعمال ڪندي رهي ته پوءِ حڪومت جي ڪارڪردگي جو چڱي ريت انداز لڳائي سگهجي ٿو. ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي کي آخر سنڌ حڪومت حل ڪري ڇو نه پئي؟ جيڪڏهن سنڌ حڪومت هڪ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ پوري صوبي جي مسئلن کي ڪيئن حل ڪري سگهندي؟

حڪومت کي ڪرڻ ائين گهربو هو ته ٻن ڏينهن اندر ڪراچي شهر ۾ پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ گهربو هو پر سنڌ حڪومت ان کي حل ڪندي نظر نه ٿي اچي. عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي، ڪراچي شهر جو حال ڏسو، ڇا ڪير اندازو لڳائي سگهي ٿو ته اهو سنڌ جو ڪپيٽل سٽي آهي!

سنڌ حڪومت ڪيترن ئي سالن کان حڪومت ۾ ويٺل آهي ان جو اندازو حڪومت کي ٿي وڃڻ گهرجي ته عوام جا مسئلا ڪهڙا آهن؟ روڊ رستن جو حال ڏسو اهي بدترين شڪل ۾ آهن، تعليم جي تباهي ۾ ٻارن جو مستقبل تباهه پيو ٿئي، تحفظ عوام کي مليل ناهي، صحت جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته اتي به سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي زيرو آهي ۽ هاڻي وري پاڻي جو بحران پيدا ڪري، عوام کي تڪليف ۾ رکي اڻسڌي طرح ٽينڪر مافيا گروپ کي سپورٽ ڪيو پيو وڃي.

پاڻي جو مسئلو ان وقت پيدا ٿئي ٿو جڏهن پاڻي جي ضرورت هوندي آهي، خاص طورتي ڪراچي شهر ۾ ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي، هر وقت گرمي جي موسم دوران پاڻي جو بحران پيدا ڪري ٽينڪر مافيا جي لاءِ ڪمائي جا رستا کوليا ويندا آهن.

ائين ناهي ته سنڌ حڪومت ڪم نه ٿي ڪري، يقينن اهي ڪم ڪن پيا پر انهن جو بهترين ڪم بيان کان شروع ٿيندو آهي ۽ اتي ئي اچي ختم ٿئي ٿو. حڪومتون عملي ڪم ڪڏهن ڪنديون؟ سنڌ حڪومت جيڪڏهن چونڊن دوران عوام آڏو ڪو عذر پيش ڪري پنهنجي لاءِ صاف رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ايتري سنڌ حڪومت کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته عوام هن ڀيري انهن جا عذر نه ٻڌندي ڇاڪاڻ جو پيپلز پارٽي گذريل حڪومت کان وٺي هن وقت تائين اقتداري ڪرسي تي موجود آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي ڪا رڪاوٽ حڪومت آڏو آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت ڪهڙا عذر پيش ڪندي؟عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهڻ جو مطلب پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن جي فهرست ۾ ڪمزور ڪرڻ ۽ ان جي ذميواري حڪومت جي ڪارڪردگي تي ويندي. سنڌ حڪومت ميگا پراجيڪٽ جي فهرست نه ڏئي پر سنڌ حڪومت عوام جا ننڍا مسئلا حل ڪري ته اهو بهتر آهي جڏهن عوام وٽ پاڻي ۽ شهر صاف نه هوندا ته انهن جي لاءِ ميگا پراجيڪٽ ڪا به اهميت نه ٿا رکن.جنهن شهري وٽ روڊ رستن تي سفر ڪرڻ جي سهولت نه هجي ۽ اتي حادثا ٿيندا رهن، ڇا ان کي بهتر حڪومت چئي سگهجي ٿو؟ اسان جي لاءِ تعجب جي ڳالهه ان وقت آ جو وڏي شهر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ هجڻ باوجود حڪومت ميٽنگ مٿان ميٽنگ تي وقت ضائع ڪري پئي، اڃان حڪومت کي ڪيترو وقت گهرجي جو اهي ميٽنگ ۾ ويهي ڪري پاڻي بحران حل ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو فارمولو تلاش ڪن ۽ پوءِ ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪن.هڪ سادو فارمولو استعمال ٿيندو آهي ته ”عملي ڪم“ ڪري ڏيکارڻ، جڏهن سنڌ حڪومت عملي ڪم ڪري ها ته شايد ڪراچي شهر ۾ پاڻي جو بحران نه هجي ها ۽ عوام خوش ٿئي ها ته سنڌ حڪومت ٻن ڏينهن ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪري ڏيکاريو آهي، کڻي ان تي مخالف ڌر ڪيتري به تنقيد ڪري ها پر مخالف ڌر جي تنقيد عوام تي اثر نه ڪري سگهي ها، ڇو جو عوام پاڻ مسئلي جو حل ٿيندي ڏسي چڪي ها پر حڪمران غير سنجيده رويو رکندي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاءِ مسئلن کي اينگهائي رهيا آهن.سنڌ حڪومت جتي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي اتي سياسي مسئلن ۾ به پاڻ کي پٺتي ناهي رکيو اتي به ناڪام رکڻ ۾ اڳيان اڳيان آهي.سياسي مسئلن تي نظر وجهو:اڄڪلهه سنڌ حڪومت وٽ ذوالفقار مرزا وڏو سياسي مسئلو آهي، جنهن جي لاءِ سياسي مفاهمت جو فارمولو استعمال ڪرڻ جي جاءِ تي پيپلز پارٽي ڏي جواب وٺ جواب جي پاليسي اختيار ڪئي آهي. سياسي منظرنامي تي پ پ پارٽي پاڻ کي ظاهر ڪندي رهي ٿي ته انهن وٽ سياسي مفاهمت جو فارمولو ان وقت تائين بهترين آهي جيستائين انهن کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو سهارو ملي، باقي ٻئي جڳهه تي سياسي مفاهمت فارمولو استعمال نه پيو ٿئي، ذوالفقار مرزا جي سياست سمجهه کان ٻاهر ناهي سڀ ظاهر ٿئي پيو ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور آهي جو ان انداز سان مرزا سياسي ٻولي استعمال ڪئي آهي.ان جڳهه تي پيپلز پارٽي پاڻ کي ناڪام ڇو ڪري پئي ڇا اهي ٻه پير مفاهمت جا اڳتي ڪري معاملي کي حل نه ٿا ڪري سگهن؟ ذوالفقار مرزا جي لاءِ بلاڪ ڇو هنيو پيو وڃي؟ جيڪڏهن پيپلزپارٽي وٽ مرزا سان ڏي جواب ۽ وٺ جواب جي پاليسي کي اختيار ڪري ميڊيا ۾ رهڻ وڌيڪ اهميت رکي ٿو ته ان سان خود پيپلز پارٽي جي پنهنجي مفاهمت واري پاليسي وائکي پئي ٿئي.ان ڪري سنڌ حڪومت سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ به ناڪام نظر اچي ٿي. سنڌ حڪومت کي سوچڻ گهرجي ته اهي حڪومت ڪيئن ڪري رهيا آهن؟ عوام جا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهن، اقتدار عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي جو رياست ۾ عوام خوش هجي پر جڏهن هڪ وڏي شهر ۾ عوام پاڻي جي مسئلي لاءِ پريشان هجي ۽ جنهن شهر ۾ هڪ مخالف سياسي اڳواڻ مرزا کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ان کان پوءِ صوبي اندر حڪومت جي حڪمراني ڪيئن ڪم ڪري پئي؟ حڪومت پاڻ ئي تصوير ڏيکاري رهي آهي ڇا ان کان وڌيڪ ڪجهه لکڻ لاءِ بچي ٿو جڏهن حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي جي خراب تصوير گادي جي شهر ۾ ڏيکاريندي هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *