جي هريڙون به ٻڏي وڃن!!!؛ارشد شاهه

پاڪستان ۾ بهتر سياسي ماحول نه جڙڻ ۾ لابين جو وڏو اهم ڪردار رهندو آيو آهي، مختلف سياسي جماعتن اندر موجود لابيون پنهنجي سياسي پوزيشن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مرڪزي، صوبائي، ڊويزنل، ضلعي توڙي تعلقن ۽ مقامي سطح تائين پنهنجا حمايتي پيدا ڪري پنهنجي پوزيشن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون آهن. ان لابي سسٽم جي ڪري ئي سياسي جماعتن ۾ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ اهم شخصيتن کي پنهنجين پارٽين کان تحفظات رهندا آيا آهن ۽ اڪثر ڀيرا ڪيترن ئي سالن تائين پارٽي سان گڏ رهي پارٽي لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪن توڙي اڳواڻ يا ته ٻين پارٽين ۾ هليا ويندا آهن يا وري اهي سياست کان پاسيرا ٿي ويندا آهن، ان جا ڪيترائي مثال اسان کي پنهنجي ملڪ جي سياسي جماعتن ۾ نظر اچن ٿا. موجوده دور ۾ جتي ملڪ ۽ قوم جي حالتن ۾ رتي برابر به تبديلي نه آئي آهي، اتي سياسي جماعتن جي اندر ضرور تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن جو تازو مثال پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ اليڪشن بورڊ جي سربراهه جسٽس (ر) وجيهه الدين ۾ اختلافن کانپوءِ نيٺ پارٽي چيئرمين پاران اليڪشن بورڊ آڏو گوڏا کوڙڻ وارو عمل آهي. اها ئي صورتحال نواز ليگ ۾ به آهي جتي هڪ ئي وقت نواز شريف کان علاوه اسحاق ڊار، خواجه آصف، راڻا ثناءُ الله ۽ چوڌري نثار جون لابيون اهم حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن لابين جا هڪ ٻئي سان اختلاف به ڪنهن کان ڳجها نه آهن پر جڏهن اسين پاڪستان پيپلزپارٽي تي نظر وجهون ٿا ته اتي اسان کي صورتحال ٻين جماعتن کان بلڪل مختلف نظر اچي ٿي. پيپلزپارٽي ۾ به ڪيتريون ئي لابيون موجود آهن، جيڪي ڀٽو شهيد ۽ شهيد راڻي جي وقت ۾ به نه صرف موجود هيون پر اهي پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ ڪم به ڪنديون رهنديون هيون. 2007ع جي المناڪ سانحي ۾ محترمه جي وڇوڙي بعد پاڪستان پيپلزپارٽي بلڪل مختلف شڪل اختيار ڪري ورتي. آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پ پ جي سياسي مشن کي اڳتي کڻي وڃڻ ۽ 2008ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي حڪومت ۾ براجمان ٿيڻ، مفاهمتي پاليسي شروع ڪرڻ، سياسي دشمنن کي دوست بڻائڻ ۽ مفاهمت سان صدر مملڪت جو منصب حاصل ڪري پنج سال حڪمراني ڪرڻ جو شرف حاصل ڪرڻ بعد 2013ع جي چونڊن ۾ شڪست ۽ پارٽي جي سنڌ تائين محدود ٿي وڃڻ واري عمل ۽ پارٽيءَ جي سينئر ۽ قرباني ڏيندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڀت سان لڳائي دوستن، يارن ۽ ڪاروباري ساٿين ذريعي پارٽي ۽ سنڌ سرڪار کي هلائڻ واري طريقيڪار سڀ کان پهرين پيپلزپارٽي ۾ موجود سمورين لابين کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇو ته لابين کي هلائيندڙ اڳواڻ پيپلزپارٽي جا هئا، انهن کي دوست، يار يا ڪاروباري ساٿي ٿيڻ جو شرف حاصل نه ٿي سگهيو ۽ نتيجي طور اهي لابيون جيڪي ڀٽو شهيد ۽ محترمه شهيد جي دور ۾ به موجود هيون اهي آصف علي زرداري جي قيادت ۾ سياست ڪندڙ پيپلزپارٽي ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهيون ۽ انهن جي جاءِ نين لابين والاري ڇڏي، جنهن ۾ ادي جي لابي، ڀائي جان جي لابي ۽ دوستن جي لابي قابل ذڪر هيون. آهستي آهستي انهن لابين کي سوڙهو ڪري هڪ مضبوط لابي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻجي پارٽي ۽ سنڌ سرڪار کي پنهنجي منشا موجب هلائي رهي آهي، جنهن جي قيادت شهيد راڻي جي تڪ مان چونڊيل ايم اين اي ۽ شريڪ چيئرمين جي ڀيڻ فريال ٽالپر ڪري رهي آهي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪنهن به قسم جي اهميت نه ملڻ ۽ مسلسل نظرانداز ٿيڻ بعد خاموش ٿي چپ سبي ويهي رهيا آهن. پارٽي ۽ سنڌ سرڪار ۾ اهڙن چهرن کي اڳتي آندو ويو آهي جيڪي نه پ پ جي منشور کان واقف آهن ۽ نه جيالن جي فطرت کان واقف آهن ۽ نه ئي جيالا انهن کان واقف آهن، نتيجي طور شهيد ڀٽي ۽ شهيد راڻي جا ساٿي مايوسي جو شڪار بڻجي پارٽي جي تيزيءَ سان گهٽجندڙ مقبوليت تي اندر ئي اندر ۾ جلي ۽ سڙي رهيا آهن ۽ ان صورتحال جو ذميوار ادي جي لابي کي قرار ڏيئي رهيا آهن، جيڪا لابي، پرس ۽ منرل واٽر جي بوتل کڻي اڳيان هلڻ وارن ماڻهن کي گهرو ۽ جيل کاتن جي اهم وزارتن جي منصب تي فائز ڪرڻ ۾ به دير نه ٿي ڪري پر اتي ئي پارٽي ۾ اهم حيثيت رکندڙ ۽ جيالن جي حقن جو آواز بلند ڪندڙ اڳواڻن کي ڀت سان لڳائڻ جو سلسلو پڻ تيزيءَ سان جاري ڪيو ويٺي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ موجوده پ پ قيادت ۾ شديد اختلافن واري معاملي کي ٻن دوستن ۾ اختلاف چئي پاسيرو ڪري سگهجي ٿو پر گڏوگڏ بدين ۾ پوليس چڙهاين، گرفتارين، تشدد، هڪ ئي رات ۾ 7، 7 ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل به جيالن ۾ سخت مايوسي کي جنم ڏنو آهي. شهيد راڻي جي انتهائي ويجهو رهندڙ ۽ اسلامي دنيا جي پهرئين مسلمان عورت اسپيڪر جو اعزاز حاصل ڪندڙ سينئر پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا پاران بار بار اهو چوڻ ته پ پ اسان جو گهر آهي ۽ اسين ان جا ڀاتي آهيون، سنڌ سرڪار ۽ پ پ قيادت انتقام وٺڻ بدران اسان سان ڳالهائي مسئلي جو حل ڪڍي، ان باوجود پ پ قيادت توڙي ڪنهن به ذميوار پاران ڊاڪٽر فهميده مرزا سان رابطو نه ڪرڻ واضح اشارو آهي ته پ پ جي موجوده قيادت ڪيتري سنجيده آهي.

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مفاهمتي سياست تحت قاتل ليگ کي قابل ليگ بڻائي شهيد راڻي جي ناپسنديده سياسي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي آئين ۾ خاص گنجائش ڪڍي ڊپٽي وزيراعظم جو منصب عطا ڪندڙ موجوده پ پ قيادت کي مرزا معاملي تي ڇو مفاهمتي سياست وسري وئي؟

جيئي ڀٽو جا نعرا هڻندڙ عام ڪارڪن نوڪري لاءِ پريشان آهي، ترقياتي ڪمن لاءِ پريشان آهي، اهميت نه ملڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ جون دانهون ڪري رهيو آهي انهن جي ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي، ڪارڪن ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪيترائي ڀيرا پارليامينٽ ۾ براجمان ٿيندڙ ۽ پارٽي ۾ اهم عهدن تي مقرر اڳواڻ به آف دي رڪارڊ ڳالهيون ڪندي مايوسيءَ جي اٿاهه بلندين تائين پهچي وڃن ٿا، سڀ سٺو پيو ٿئي واري ڳالهه صرف اهي چهرا ڪندي نظر اچن ٿا، جيڪي چهرا 2008ع کان اڳ پارٽي ۾ موجود ئي نه هئا ۽ هاڻ اهي چهرا پارٽي ۽ سنڌ سرڪار ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن. سڄي زندگي پارٽي کي ارپيندڙ اڳواڻن جي مستقبل جو فيصلو به انهن نون چهرن جي هٿن ۾ آهي، هن وقت جڏهن سڀ ماڻهو چئي رهيا آهن ته سياسي ميدان ۾ پيپلزپارٽي تيزيءَ سان پوئتي وڃي رهي آهي ته ڇا موجوده پ پ قيادت جي اکين کان اها صورتحال اوجهل آهي؟
شهيد راڻي جو پٽ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن کي پارٽي جا جيالا آخري اُميد سمجهن ٿا، ان به گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ اهم عهدن تي ضياءَ باقيات جي مقرريءَ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي واپسي تي وڏي پئماني تي تبديلي آڻڻ جو اشارو ڏنو آهي. بلاول ڀٽو ڪافي وقت کان ملڪ کان ٻاهر آهي سندس جي غير موجودگي، پڇاڻو نه ڪرڻ يا مصلحت پسندي تحت خاموشي جو نقصان پارٽي کي ٿي رهيو آهي.

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به چڱيون، پر جي هريڙون به ٻڏي وڃن ته پوءِ ڇا چڱو بچندو. بلاول ڀٽو کي اهو سوچڻ جي سخت ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *