پنهنجي ٻارن کي دهشتگردي کان پاڪ ۽ محفوظ پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا: پرويز رشيد

راولپنڊي (م.ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته اسان کي پنهنجي مذهب، قرآن جي تعليم ۽ حضور صه جي ٻڌايل رستي تي هلڻو آهي، هي رستو ڪنهن جي زندگي وٺڻ نه پر زندگيون ڏيڻ وارو آهي، حڪومت، پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ کي دهشتگرد کان پاڪ ڪرڻ جي ايجندا تي عمل پيرا آهن، صرف پنهنجي ئي نه پر دهشتگردن جي ٻارن کي به محفوظ پاڪستان ڏيڻ چاهين ٿا، چونڊون مقرر مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ٿينديون، پارٽِي اليڪشن ۾ بي ضابطگين کانپوءِ 2015ع ۾ پي ٽي آءِ ۾ پارٽي اليڪشن ٿي سگهي ٿي. هو ڪالهه آچر ڏينهن الخليل قرآن ڪمپليڪس ڪاليج روڊ راولپنڊي ۾ سندون ورهائڻ ۽ دستار بندي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته ان مدرسي سان منهنجون تمام گهڻيون يادون لاڳاپيل آهن، هن چيو ته مدرسي جي باني حافظ خليل الرحمان مرحوم سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪئي ۽ چيو ته اج به محسوس ٿئي ٿو ته منهنجو هٿ ان جي هٿ ۾ آهي، هن چيو ته سندس لهجي ۾ نرمي، ٻارن سان شفقت ۽ اسلام جي تدريس مون کي اج به ياد آهي، سندس طبيعت ۾ هميشه نرمي ئي هئي، ڪڏهن تلخي نه ڏٺي ۽ گهڻو ڪري ان سان گڏ نماز ادا ڪندو هئس، هن چيو ته ان مدرسي اسلام جي اها تعليم ماڻهن تائين پهچائي جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان تقسيم نه پر متحد ٿيا آهن ڇو ته هتي مر مسلڪ جي طالبعلوم قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان جي نبي صه هميشه محبت، انسانيت جو درس ڏنيدو هو، نبي ڪريم صه هميشه ان ڳالهه جودرس ڏنو ته خدا تعلاليٰ رب العالمين آهي، ان جون رحمتون هر هڪ تي نازل ٿينديون آهن، الله تعليٰ جڏهن رحمتون نازل ڪرڻ ۾ تقسيم نٿو ڪري ته اسان ڇو تقسيم ۽ فرقن ۾ ورهايل آهيون، هن چيو ته نمازين کي شهيد ڪيو ويندو آهي جيڪي ماڻهو الله جي عبادت ۾ سر جهڪايل هوندا انهن انهن کي شهيد ڪيو ويندو آهي، جيڪي ماڻهو هي سڀ ڪجهه ڪن ٿا انهن کي سمجهائڻ اسان جو، عالم دين ۽ سڀني جو فرض آهي، اسلام جو پيغام پهچائڻ جي لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو وڃي جيڪو قرآن ۽ سنت جي عين مطابق آهي، هن چيو ته دهشتگردي ڪندڙن کي هي سمجهڻ گهرجي ته اسان صرف پنهنجي ٻارن جي لاءِ دهشتگردي ختم نٿا ڪرڻ چاهيون پر دهشتگردن جي ٻارن کي به محفوظ پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته سريلنڪن ٽيم تي دهشتگرد حملو ٿيو ۽ ٽيم کي واپس وڃڻو پيو، پوءِ ڪجهه عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ ڊينگي مڇر جي بيماري اچي وئي، پنجاب جي وزيراعليٰ ان بيماري خلاف هڪ محاذ قائم ڪيو، علي الصبح ميٽنگز ڪندو ۽ رات دير تائين ان بيماري کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف عمل رهندو هو، ميڊيا جون به خبرون هيون ته ڪافي ماڻهو مئا آهن ۽ ايندڙ سال وڌيڪ حملا وڌندا ان صورتحال ۾ سريلنڪن ڊاڪٽرن جي ٽيم پاڪستان ايندي آهي، جنهن ملڪ جي رانديگرن تي دهشتگردي جو حملو ٿئي ٿو، جڏهن مڇر کان اسان جي زندگي کي خطرو ٿيو ته انهي ملڪ جا ڊاڪٽر پاڪستان آيا، سريلنڪن ڊاڪٽرن جيڪو اسان سان ڪيو هي اها ئي تعليم آهي حضور صه جنهن جي تلقين ڪئي هئي، دنيا ۾ ڪنهن کي ڏک ۽ پريشاني ۾ ڏسو ته ان جي مدد لاءِ پهچو، هي ته قرآن پاڪ جي تعليم آهي، اسان کي پنهنجي مذهب، قرآن جي تعليم ۽ حضور صه جي ٻڌايل رستي تي هلڻو آهي، هي رستو ڪنهن جي زندگي نه پر زندگيون ڏيندڙ وارو آهي، اسان سڀ هڪٻئي جا ڀيڻ ڀائر آهيون، هڪٻئي جي ڏک ۽ درد ۾ شريڪ ٿيندا آهيون، هن چيو ته جتي مسجدون دارالاايمان هجن، محبت، امن، ڀائيچاري، دوستي ۽ پيار جو پيغام ڏيندڙ هجن، اهي علماءُ حق جيڪي اڄ به پاڪستان جي مسلمانن ۽ عالم اسلام کي انهي پيغام سان روشناس ڪرائيندا آهن جيڪي نه رڳو اسان جي دلين کي منور ڪري ڪن ٿا پر اسان کي مثبت رهنمائي به ڏيندا آهن، آئون انهن جو پيروڪار آهيان، ان کان اڳ آجياڻي وارو خطبو پيش ڪندي الحاج حافظ نسيم احمد خليل چيو ته الخليل قرآن ڪمپليڪس ۾ 60 شاگردن جي دستاربندي، حفظ قرآن جون سندون ڏنيون پيون وڃن، اڄ اسان کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته اسان قرآن پاڪ سکنداسين، تلاوت کي معمول بڻائينداسين ۽ ان تي مڪمل عمل ڪنداسين، تقريب کي خطاب ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پيرزاده راحت مسعود قدوسي چيو ته مذهبي درسگاهن سان لاڳاپو منهنجي لاءِ باعث فخر آهي، قرآن اها ڏيکاري ٿو جيڪا سڌي آهي، ان مدرسي جي بنياد 1948 ۾ خليل احمد مرحوم رکي، هڪ وڻ جي هيٺيان ان مدرسي جو آغاز ٿيو، تعليمي ادارا عمارت جو نالو نه، استاد ۽ شاگرد جي تعلق جو نالو ٿيندا آهن، عمارت وڏي هجي استاد ۽ شاگرد جو رشتو ڪمزور هجي ته اهي تعليمي ادارا ڪمزور هوندا آهن، منهنجي جي ٻارن به هتان ئي قرآن حفظ ڪيو آهي، ان مدرسي ۾ استاد ۽ شاگرد جو رشتو تمام گهڻو مضبوط آهي، هيستائين لکين ٻارن قرآن حفظ ڪري چڪا آهن، ان موقعي تي ايم ايس ايف پنجاب جي صدر مقبول احمد خان، ڊائريڪٽر نيشنل ڪاليج آف آرٽ راولپنڊي ڊاڪٽر نديم عمر تارڙ، ڊي ايس پي حافظ حامد خليل سميت حفاظ ڪرام جا والدين، معززين جو وڏو انگ موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *