سـنـڌ جو بي پـهچ ماڻـهو ۽ اينٽي ڪرپـشـن کاتـو: تحرير : مير نادر علي ابڙو: ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو

اينٽي ڪرپشن جو نالو مون تڏهن ٻڌو جڏهن 1977ع ۾ منهنجو والد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن ٿيو. اڪثر بابا سائين ڪچهري ۾ دوستن کي چوندو هوته انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته هوند اسان جي سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها مونکي ته هاڻ اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر لکن جا لک مال غنيمت سمجهي ائين هضم ڪيووڃن ڄڻ تـه ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجي بابا سائين ته پنهنجو وارو وڄائي ويو پر انهي وقت مان ٻار هئس ۽ مونکي اها سندس ڪيل ڳالهه چڱي طرح سمجهه ۾ نه پئي آئي پر خدا جي قدرت 1993ع ۾ مان ايل ايل بي ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪئي. 1994ع ڌاري ايل ايل بي بنياد تي اخبار ۾ اشتهار آيو اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽرن جي ڀرتي لاءِ مون به پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني ۽ پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندو ميرٽ تي پاس ٿيس ٽريننگ وغيره ڪري 1998 ع ۾ بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهداد ڪوٽ مقرر ٿيس جئين ته شهداد ڪوٽ منهنجو پنهنجو اباڻو ڳوٺ هو تنهنڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اهميت هئي تڏهن ئي مونکي بابا سائين مرحوم جا مٿيان چيل جملا ذهن تي تري آيا ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي جنهن ۾ جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ته غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو دعائون کيس الائي ڪٿي پهچائي ڇڏين. مان اينٽي ڪرپشن سنڌ جي تاريخ جو ننڍي ۾ ننڍو سرڪل آفيسر هئيس محنت، شوق ۽ ايمانداري سان ڪم کي چمبڙي ويس ڪافي غريبن جا ڪم ته رڳو فون تي ئي چوڻ سان ڪري ڇڏيندو هئس، ڪنهن کي خط تـ ڪنهن کي ڪارڊ ۽ ڪنهن سان گڏجي آفيسرن ڏي وڃي کين انصاف وٺرائي ڏيڻ، جڏهن ته اهو سڀ مون پنهنجي دور ۾ ڪيو ۽ ڪري رهيو آهيان. شهداد ڪوٽ کان پوءِ بدلي ٿي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪل آفيسر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄامشورو زون آهيان. لکڻ جو مقصد فقط ۽ فقط هي آهي ته اسان جي سنڌ جو عوام ڏاڍو اٻوجهه ۽ تعليم گهٽ رکندڙ آهي جن کي اها خبر ئي ڪونه آهي ته جيڪڏهن سندن سان ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃڃي. پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، پيرن ۽ ميرن جا پير وڃي وٺندا آهن يا وري وڪيل معرفت وڃي ڪنهن آفيسر يا ڪورٽ تائين پهچڻ جي ڪوشش وغيره ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي مسڪين پيرين اگهاڙا سالن تائين پيا پريشان ٿيندا آهن پر جيڪڏهن بجاءِ ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن جي وڃڻ کان اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني (ڪاغذ) تي ڪنهن سرڪاري آفيسر يا ملازم جي طرفان سندن سان ٿيل زيادتي جي حوالي سان لکي ڏين تـ انهن جو ڪم هوند بنا ڪنهن منٿ ايلاز جي ٿي پوي، انهي لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري پڪا پُختا ثبوت هٿ ڪري هڪدم ايف آءِ آر ڪٽڻ جي لاءِ لکندا آهيون ۽ FIR ڪٽڻ جي اجازت لاءِ پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، 9 گريڊ کان 16 گريڊ تائين ڊويزنل ڪمشنر ۽ 17 گريڊ کان مٿين لاءِ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ اجازت ڏيندو آهي. ايف آءِ آر ڪٽڻ بعد جاچ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح هڪ دفعو وري ٻيهر پڪا پُختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي. انهي سڄي ڪم ۾ وقت ضرور لڳندو آهي پر فريادي عرضدار جو ڪيس مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو آهي. جڏهن ته اڪثر عوام ۾ اهو تاثر هوندو آهي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي اسان درخواست ڏني آهي ڪافي وقت ٿي ويو آهي پر اڃان ڪجهه به ڪونه ڪيو اٿئون اها بلڪل حقيقت آهي پر انهي دير ٿيڻ ۾ فريادي جو ڪيس به ته تمام گهڻو مضبوط ٺاهيو وڃي ٿو. اسان وٽ عام پوليس جيان لٺ واري ڳالهه آهي ئي ڪونه اسان وٽ آهي قلم ۽ حق واري ڳالهه، مسڪين جڏهن سڀ دروازا آزمائي نااميد ٿيندا آهن پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن. مون وٽ ته الائي ڪيتريون عورتون توڙي مرد روئيندا پٽيندا آفيس پهتا ۽ انصاف ملڻ تي کلندا خوش ٿيندا واپس ويا. اسان وٽ گهڻو آزار پوليس ۽ روينيو کاتي جو رهيو آهي، ٻهراڙي منجهـ غريبن کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي کين فقير ڪريو ڇڏي پر اٻوجهـه ماڻهو خوف کان اُف به ڪونه چوندا. انهي ڊپ کان ته متان فيل مست پوليس وري بـه نه ٽارچر ڪري. مان هتي واضع ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس جي خلاف بيشمار اهڙا ڪيس به داخل ٿيا آهن جن ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسرن منٿون ميڙون به ڪيون آهن ۽ ڪن موقعن تي پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب بـه کڻي عرضدارن ڏانهن ويا آهن ته مهرباني ڪري اسان سان صلح ڪيو نـه تـه اسان جي مٿان ڪيس ثابت ٿيو ۽ چالان ٿياسين ته اسان جون ترقيون ئي ڪونـ ٿينديون. مونکي منهنجي ويجهي مائٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ ياد ايندا آهن ته “نادر اينٽي ڪرپشن بـ عدليـه جي ڀيڻ اٿئي” جئين ته مان پاڻ به وڪيل رهيو آهيان ۽ ڄاڻان ٿو ته عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به وڪيل کپي، غريب ماڻهو کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ هو مسڪين ماڻون وڪيل صاحب جي فيس ڪٿان آڻيندو. پر انهي جي بر عڪس جيڪڏهن هو اسان وٽ رڳو هڪ رُپئي واري اڇي پني (ڪاغذ) تي درخواست لکي ڏي ۽ پوءِ ڏسي ته سندن سان انصاف ٿئي ٿو يا نه. انهي جو ثبوت آهي تـه اينٽي ڪرپشن کاتو گذريل ڪافي سالن کان چيف منسٽرن، وزيرن صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان وٺي ڪمشنرن ۽ وڏن وڏن آفيسرن کي چالان ڪري چڪو آهي. اسان جي سنڌ جي اٻوجھ عوام کي فقط اها ڳالهه سمجهائڻ جي آهي ته اينٽي ڪرپشن آهي ڇا؟ هو انگريزي لفظ اينٽي ڪرپشن کي سمجهن ئي نٿا ۽ جيڪڏهن کين چڱي طرح سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿي ڪو اهڙو ادارو آهي ئي ڪونه جنهن ۾ بغير وڪيل ۽ فيس جي سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پيرين پوڻ جي بنا ئي سندن ڪم ٿيو وڃي، ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته هي کاتو آهي ئي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو جيڪڏهن هو هن کاتي جودرکُڙڪائين تـه !؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *