نه مقرر ٿيندڙ ڪمند جا اگهه ۽ آبادگارن کي ٿيندڙ نقصان

گذريل ڏينهن صوبائي وزير زراعت علي نواز مهر جا آبادگارن کي شگر ملز مالڪن سان الڳ الڳ اجلاس ٿيا جيڪي بنا نتيجي پڄاڻي تي پهتا، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سرڪار شگر مل مالڪن ۽ آبادگارن ۾ ڪمند جو اگھه مقرر ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شگر مل مالڪن سنڌ سرڪار کان ساڍا ٽي ارب رپيا سبسڊي گھري ورتي، بنا سبسڊي جي آبادگارن کي 180 رپيا اگھه ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سرڪار آبادگارن کي خاطري ڪرائي آهي ته ٻن ڏينهن اندر 180 رپيا مڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ۽ شگر مل مالڪن کي سرڪار هلندڙ سال سبسڊي نه ڏيڻ جو نياپو ڏئي ڇڏيو آهي.اجلاس دوران شگر مل مالڪن موقف اختيار ڪيو ته هن وقت پاڪستان اندر شگر ملن وٽ 11 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ ذخيرو ٿيل آهي، جڏهن ته ايندڙ سيزن ۾ 50 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ پيدا ٿيندي، ان حساب سان ملن وٽ 61 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ ذخيرو ٿي ويندي، گھرج پوري ٿيڻ کانپوءِ  20 لک مئٽرڪ ٽن کنڊ بچي پوندي، جنهن کي پرڏيھه نيڪال ڪرڻ لاءِ چئني صوبن جون سرڪارون في ٽن تي 8 هزار رپيا سبسڊي ڏين، جيڪا رقم 16 ارب رپيا ٿئي ٿي، سنڌ ۾ هن وقت شگر ملن وٽ ساڍا چار لک مئٽرڪ ٽن کنڊ ذخيرو آهي جيڪا پرڏيھه نيڪال ڪرڻ لاءِ مل مالڪن سنڌ سرڪار کان ساڍا ٽي ارب رپيا سبسڊي گھري ورتي آهي، تنهن ڪري بنا سبسڊي ملڻ جي هو آبادگارن کي 180 رپيا في مڻ تي ڪمند جو اگھه نٿا ڏئي سگھن، هو 160 رپيا في مڻ تي اگھه ڏيندا، جنهن کانپوءِ صوبائي وزير زراعت علي نواز مهر آبادگارن سان الڳ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي شگر مل مالڪن جي مطالبن کان آگاھ ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن صوبائي وزير کي چيو ته گذريل سال به کين اگھه نه مليو ، گذريل چئن کان پنج سالن ۾ کين وڏو معاشي نقصان ٿيو آهي، شگر مل مالڪ هٺ ڌرمي ڪيو ويٺا آهن، اسان کي 230  رپيا في مڻ تي ڏنو وڃي. جنهن تي صوبائي وزير کين خاطري ڪرائي ته سرڪار آبادگارن کي 180 رپيا في مڻ ڏياريندي ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن اندر اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

ڪمند جي آبادگارن ۽ ملز مالڪن ۾ اگهه ۽ ڪٽوٽي جي معاملي تي ڪيترن ئي سالن کان اهو مسئلو ٿيندو پيو اچي پر ان جو ڪو به مستقل حل ناهي ڪڍي ويو، صوبائي وزير ته تبديل ٿيندا رهن ٿا پر آبادگار ۽ شگرملز مالڪ اتي جو اتي بيٺل آهن جنهن سان صرف ۽ صرف ڪمند جي آبادگار کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي جيڪا ساڻس زيادتي آهي جنهن بابت سنڌ سرڪار کي ڪو ٺوس قدم کڻن گهرجي جئين آبادگار کي نقصان بجاءَ ڪجهه حاصل ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *