اٺيتاليهه ڪلاڪن ۾ ملندڙ خبر وارو معاملو؛امر جليل

مائي صفوران چوڪ واري واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ سرڪار سڳوري هن قوم کي هڪ خوشخبري ٻڌائي هئي ته ايندڙ 48 ڪلاڪ، ملڪ جي هاڻوڪي تاريخ جا اهم ڪلاڪ آهن. ڏکوئيل قوم کي هڪ اهڙي خبر ٻڌڻ لاءِ ملندي، جنهن کي ٻڌندي ئي ڏکوئيل قوم جو واڇون ٽڙي پونديون. هاڻوڪي تاريخ جي هڪ اهم خبر ٻڌڻ لاءِ قوم بيچين ٿي وئي.قوم پنهنجي پنهنجي حيثيت مطابق پنهنجا ڪنَ صاف  ڪرايا. ڪنهن جي ڪنن مان 68 سال پراڻن واعدن واري مير نڪتي. هڪ جهونو ماڻهو اڄ به پاڪستان ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهندي ڏسڻ جي اميد تي اڄ به آس لڳائي ويٺو آهي، ان جي ڪنَ مان اورنگزيب عالمگير جي سُورن جي مير نڪتي.هڪ  ٻيو جهونو هو. ان جي ڪن مان وڪرما جيت جي زماني جي مير نڪتي. هڪ ماڻهو جي ڪن مان مئل ڪرڙي به نڪتي هئي. توهان ٿورو سوچيو ته، 20ڪروڙ ماڻهن جي قوم جيڪڏهن ڪنَ صاف ڪرائڻ ويهي رهي ته ڇا ٿو ٿي سگهي! فٽ پاٿ تي ويٺل نڪ، ڪن، ۽ نڙي جي بيمارين جي عطائي ماهرن کان وٺي  5 اسٽار هوٽلن جهڙين اسپتالن ۾ ويٺل ڊاڪٽرن جي ته چاندي ٿي ويندي. بلڪه سون ٿيندي. انهن جا ته وارا نيارا ٿي ويندا.ڪنَ صاف ڪرائڻ کانپوءِ ڏکوئيل قوم هاڻوڪي تاريخ جي اهم خبر ٻڌڻ لاءِ ڌيان ڏئي ويٺل هئي. 48 ڪلاڪن ڏکوئيل قوم کي 48 سال به نه پر 48 صديون محسوس ٿيڻ لڳيون هيون.

اڃان مشڪل سان 24 ڪلاڪ گذريا هوندا ته صفوران واقعي قوم جا هوش خطا ڪري ڇڏيا.صفوران چوڪ کان گذرندڙ نجي بس کي 5،6 دهشتگردن روڪيو. بس بيهڻ سان ئي 5،6 ئي ڄڻا بس ۾ گهڙي ويا.ٻارن، پوڙهن، جوانن، عورتن تي ٻڌل مسافرن تي انڌا ڌنڌ انداز ۾ گوليون هلائي 48 مسافرن کي ڏسندي ئي ڏسندي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.مارجي ويندڙن بابت قوم کي هڪ دم خبر پئجي وئي ته اهي اسان مسلمانن جي مختلف مڪتبِ فڪر  ۾ سڀ کان وڌيڪ امن پسند، سياست کان پري، ڪاروبار سان لاڳاپيل، سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل هئا. ڏکوئيل  ۽ وايون بتال قوم کي اها به خبر پئجي وئي ته  مسلمانن ۾ سڀ کان وڌيڪ نيڪي جي ڪم ڪندڙن کي مارڻ وارا هندو نه هئا. سک نه هئا، ڪرسچن نه هئا، يهودي نه هئا، پارسي نه هئا، ڪميونيسٽ نه هئا. دهريا نه هئا. ملحد نه هئا،ته پوءِ ڇا اهي قاتل مسلمان هئا؟ جيڪڏهن مسلمان هئا ته انهن جو تعلق ڪهڙي مڪتبِ فڪر سان هو؟ جيترا وات اوتريون ڳالهيون. جڏهن 20ڪروڙ وات هجن ته ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ان جو اندازو توهان چڱي ريت لڳائي سگهو ٿا.مون کي ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي.ڪنهن چيو ته قاتلن جو تعلق لشڪرِ جهنڪوي سان هو، ڪنهن چيو ته قاتلن جو تعلق طالبان سان هو، ڪنهن چيو ته قاتلن جو تعلق استادن سان هو. ڪنهن چيو ته قاتلن جو تعلق القائده سان هو، ڪنهن چيو ته قاتلن جو تعلق بي قائده سان هو. ڪنهن چيو ته قاتل داعش جا هئا، ڪنهن چيو حوثي هئا، ڪنهن چيو ته اهو ڪم پرڏيهي ڳجهن هٿن جو آهي،

پرڏيهي ڳجهن هٿن کي مسلمانن ۾ سڀ کان وڌيڪ پرامن پڙهيل لکيل، نيڪي وارا ڪم ڪندڙ طبقي سان ڪهڙي دشمني هئي؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. پر ننڍي وات مان نڪتل وڏي ڳالهه فقيرن جي سمجهه ۾ اچي وئي.ننڍي وات چيو ته هي وحشياڻو ڪم مسلمانن جي ان گروهه جو آهي، جيڪي پاڻ کانسواءِ ٻين مسلمانن کي ٻه نمبري سمجهن ٿا ۽ ڪفر جي فتويٰ اڏائيندا رهندا آهن. ڪنهن تي قتل ثابت ٿيڻ جي فتويٰ تائين ڏيڻ ۾ دير ناهن ڪندا. صفوران ڳوٺ يا چوڪ جي طوفان پوري ملڪ کي وڪوڙي ڇڏيو. قوم ڀلجي وئي ته 48 ڪلاڪن اندر هو ڪهڙي خوشخبري ٻڌڻ وارا هئا، جنهن جي خبر هنن کي سرڪار جي خاص ماڻهو چوڌري نثار علي ڏني هئي. اها ڪهڙي خبر هئي جنهن کي ٻڌي انهن جي مرجهايل منهن تي مسڪراهٽ اچڻ واري هئي!  50 ٽي وي چينلن لاڳيتو هفتي جا 7  ئي ڏينهن ۽ راتيون صفوران واقعي تي پروگرام ڏيکاريا. بحث، تبصرا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليا. تجزيا ٻڌريا ۽ ڏيکاريا ويا . پوليس آفيسرن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن جا انٽرويوز ٻڌريا  ۽ ڏيکاريا ويا ، عوام جا تاثر ڏيکاريا ۽ ٻڌرايا ويا، هڪ ئي نوعيت جا پروگرام لاڳيتو ڏسڻ سان ظاهر آهي توهان جو ذهن ڌوپجي ويندو! ماڻهو ڀلجي ويندا ته 48 ڪلاڪن  ۾ هو ڇا ٻڌڻ وارا هئا! پاڪستان جي هاڻوڪي تاريخ جي حوالي سان اها هڪ غير معامعولي خبر  هئي، بلڪه، انڪشاف هو. ماڻهن  وساري ڇڏيو. ماڻهن کي ڪجهه به ياد نه رهيو ته هو ڪهڙي قسم جي تاريخ ساز خوشخبري ٻڌڻ وارا هئا.خدا خدا ڪري صفوران واقعي بابت بحث، مباحثا، تجزيا ۽ تقريرن جو طوفان بيٺو، شڪي ڏوهاري يعني قاتل پڪڙجي ويا.  سنڌ جي وڏي وزير سائين قائم علي شاهه 5 ڪروڙ رپيا روڪ پوليس آفيسرن جي نالي ڪئي. ڏوهارين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪيس هلندو،

ڏوهارين  جو بچاءُ ڪندڙ ۽ سرڪاري وڪيلن جي وچ ۾ قانوني نڪتن تي دليل ٿيندا. ننڍي عدالت کانپوءِ وڏي عدالت ۾ ڪيس هلندو. ان کان پوءِ سڀ کان وڏي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. جيڪڏهن سرڪاري وڪيل ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ ڏوهاري عزت سان ازاد ٿي ويا ته سائين قائم علي شاهه 5 ڪروڙ  جي انعام واري رقم پوليس آفيسرن کان واپس وٺي ڇڏيندو. آخر ڪار سرڪاري پئسو آهي، سائين قائم علي شاهه پنهنجي کيسي مان ته ناهي ڏنو، جو درگذر ڪري ڇڏي! مائي صفوران واري واقعي جي هلچل ختم ٿيڻ تي هئي. اسان پاڪستان جو غريب، مفلس، لاچار،عوام جيڪو حقيقت ۾ پاڪستان جي قانون ساز اسيمبلين ۾ ويٺل مالدار، اعليٰ تعليم يافتا اڪابر، ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي ووٽ بئنڪ آهيون. اسان خوش ٿياسين ته هلو ڀلا48 ڪلاڪ نه سهي، هڪ سو 48 ڪلاڪن کان پوءِ  ئي سهي، اسان کي آخر ڪار اها تاريخ ساز خبر ٻڌڻ لاءِ ملندي، جنهن جو واعدو گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڪيو هو.

تاريخي انڪشاف ٻڌڻ لاءِ  اسان غريب عوام ڌيان ڏئي ٻڌڻ لاءِ ويٺل هئاسين ته ايگزيڪٽ نالي هڪ نجي ڪمپني جو پول زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.ميڊيا وارن ايتري قدر واويلا ۽گوڙ ڪيو جو 48 ڪلاڪن ۾ تاريخي خوشخبري ٻڌڻ وارا اسان انتظار ۾ويٺل عوام سڀ ڪجهه وساري ايگزيڪٽ جي چڪر ۾ ڦري وياسين، ٺيڪ آ مڃون ٿا ته اسان بيوقوف، چريا ۽ ميڻ جو نڪ لڳائي گهمندا آهيون، ڏيئي هيٺان اونداهه واري چوڻي هاڻي غير مروج ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن اسان نه، ته گهٽ ۾ گهٽ اسيمبلي ۾ ويٺل اڪابر  ته سي آئي ڊي قسم جي ادارن کان پڇي سگهن ٿا ته 10،15 سالن کان هڪ ڪاروباري ڪمپني انهن جي نڪ هيٺان ڌوڪو ڪري رهي هئي ۽ انهن کي خبر به نه پئي! ڇا اهو ممڪن آهي؟ پر اسان ميڻ جو نڪ رکندڙ عوام اڃان تائين 48 ڪلاڪن ۾ ملندڙ خوشخبري ٻڌڻ جي انتظار ۾ آهيون، جنهن خبر جي اچڻ ۾ هاڻي 248 ڪلاڪ گذري چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *