4 اپريل، هڪ ناقابل فراموش ڏينهن: بشير رياض

4 اپريل 1979ع پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل جو ڏينهن آهي،4-3 تحت ورهايل فيصلوعدالتي تاريخ ۽ آمريت جي دور جو هڪ شرمناڪ باب آهي،هڪ آمرشخصي اقتدار۽ ٻاهرين قوتن جو ڇاڙتو بنجي قائد عوام کي عبرتناڪ مثال بنائڻ لاءِ کيس ڪال ڪوٺڙين ۾ اذيت جو نشانو بنايوپر بيشمار اذيتون ۽ ظلم سندس همت ۽ عزم کي ٽوڙي نه سگهيو، هن هڪ ظالم حڪمران سان اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو،ضياءَ جي آمريت خلاف سينو تاڻي مصيبتون، اذيتون ۽ ظلم برداشت ڪيا، تشدد به ان جي پختي عزم کي شڪست نه ڏئي سگهيو،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بي مثال بهادري سان پنهنجي ان قول کي سچ ثابت ڪيوته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ قرباني ڏيڻ جي ضرورت پئي ته هو پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندو۽ هڪ سڌي رستي تي هلندڙ انسان وانگر پنهنجي قول جي صداقت سان سچائي جي هڪ نه وسامندڙ شمع روشن ڪري ويو.

پاڪستان جي پهرئين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل خلاف پوري دنيا ۾ شديد ردعمل ٿيو،دنيا جي هر ننڍي وڏي اڳواڻ ، معروف توڙي غير معروف عالمي شخصيتن ۽ ۽ عالمي اخبارن ان جي سخت مذمت ڪئي ، اهو هڪ عالمگير احتجاج هو۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عالمي تاريخ ۾ هڪ اهڙو نقش ڇڏي ويو آهي جو اڄ به پوري دنيا ۾ پاڪستاني کيس ياد ڪندا آهن ۽ خراج عقيدت پيش ڪندا آهن، ڊڪٽيٽر ضياءُ اهڙو ظالماڻو سلوڪ ان قومي اڳواڻ سان ڪيو جنهن جي خدمتن جي پوري دنيا معترف آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1971ع ۾ تباه ٿيل پاڪستان جي ڏور سنڀالي ملڪ جي يڪجهتي ۽ سالميت کي برقرار رکڻ جو جيڪو ڪارنامو سر انجام ڏنو اهو پاڪستان جي المناڪ تاريخ جو هڪ بي مثال باب آهي، ڍاڪا ساغي کانپوءِ جيڪي طاقتون پاڪستان جي وجود کان انڪاري بنجي ويون هيون ۽ ان جا ٽڪرا ڇڙوڇڙ جي توقع ڪيو ويٺيون هيون پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انهن قوتن جي سمورن اندازن کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو۽ هڪ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن ڪري بنگلاديش جي تحريڪ انجام تي پهچڻ سان پاڪستان وڌيڪ امڪاني خطرن کان بلڪل محفوظ رهيو، سندس انهي دورانديشيءَ جي ڪري پاڪستان جي عوام انهي عدم تحفط واري احساس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو، اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي به اهم آهي ته 1973ع تائين پاڪستان جو عوام ان موجهاري جو شڪار رهيو ته پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟ آيا پاڪستان پنهنجي وجود کي برقرار رکندي خودمختياري جو تحفط ڪري سگهندو؟ ملڪ اندر انهيءَ مايوسي واري احساس جي ڪري پرڏيهه ۾ به اهو تاثر نمايان هو ته الله نه ڪري بنگلاديش جو قيام پاڪستان جي هڪ ملڪ طور خاتمي جو سبب ته بنجندو، ان وقت صورتحال به اهڙي هئي ۽ مختلف نعرن سان ملڪ جي يڪجهتي تي جيڪا يلغار ڪئي پئي وئي ان سان غير ملڪي مبصرن جا اندازا انهن شڪن ۽ شبهن جو عڪس هو ته اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ بعد باقي پاڪستان مختلف قوميتن ۾ ورهائجي ويندو،پرڏيهي علحدگي جون تحريڪون به پاڪستان جي بدخواهن جا بُرا ارادا رکڻ وارين قوتن کي حوصلو فراهم ڪري رهيون هيون ۽ اهي قوتون جن پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ لاءِ بنگلاديش جي تحريڪ جي ڪاميابي کي ممڪن بنايو هو انهن به ٻين عليحدگي پسند تحريڪن کي هوا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ اهڙي طرح ٻاهرين دنيا ۾ پاڪستان جو وجود ڄڻ لٽڪيل رهجي ويو هو پر اهو سمورو ڪريڊٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو جنهن ڏينهن رات جي محنت ۽ جفاڪشي سان نه صرف اهڙي خطرناڪ صورتحال کان بچڻ لاءِ پاڪستان جي بقا لاءِ ضروري قدم کنيا پر سندس ڪوششن سان پرڏيهه ۾ پاڪستان جي ساک بحال ٿي ۽ ان جو وقار به بلند ٿيو.

1971ع  ۾ پاڪستان ٽٽڻ واري الميي سبب ملڪ جي عالمي ساک جهڙي ريت ختم ٿي چڪي هئي ان ۾ خوشگوار تبديلي آئي ۽ شڪست کاڌل قوم جي عزم کي تازو ۽ نئون حوالو ڏيئي عالمي برادري ۾ ان کي جائز مقام ڏيارڻ جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽوکي هڪ ذهين ۽ مدبر اڳواڻ طور تسليم ڪيو ويو ۽ هو عالمي سياست جو هڪ اهم موضوع بنجي ويو، ڏيهه اندر سڌارن ۽ پرڏيهه ۾ پاڪستان جي مفاد ۾ بهترين قدم کڻڻ جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو ٽين دنيا جي ملڪن جي اڳواڻن ۾ هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل ڪري ورتو،ان ڏس ۾ نيويارڪ جي مشهور اخبار روازني وال اسٽريٽ جرنل  جي هڪ مضمون جو حوالو به مناسب لڳي ٿو، ان اخبار پنهنجي 8 ڊسمبر 1973ع واري اشاعت ۾ وزيراعظم ڀٽو جي صلاحيتن ۽ ڪارنامن جو اعتراف ڪندي لکيو ته” پاڪستاني قوم هاڻي گهڻي جنگ کانپوءِ وارن زخمن مان صحتياب ٿيندي نظر اچي رهي آهي،قوم پنهنجي تمام ٿوري عالمي ڪردار کي وڏي حقيقت پسندي سان ڏسڻ شروع ڪيو آهي، وزيراعظم ڀٽو، جنهن کي هاڻي هر هنڌ هڪ انتهائي مدبر سياسدان مڃيو وڃي ٿو ان هڪ آئين ۽ ٻيا جمهوري ادارا جوڙيا آهن،هاڻي مسٽر ڀٽو عوامي حمايت سان مصروف عمل آهي۽ پاڪستان هندستان کان ڳالهين جي ميز تي ويهي اٽڪل ٻه سال پراڻي اعصابي جنگ کٽي ورتي ۽ هن بغير رعايتن جي پنهنجا سمورا جنگي قيدي واپس ڪرايا جنهن تي هندستان اٽڪي بيٺل هو، پاڪستان پنهنجي ٻن عطيم طاقتور اتحادين چين ۽ آمريڪا سان نه صرف لاڳاپا قائم ڪيا آهن پر کين مستحڪم بنايو ۽ پوءِ انهن ئي امداد ڏيندڙن جو منظور نطر بنجي ويو،هاڻي پاڪستان ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ صحتمند ۽ اميد افزا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو آهي ۽ پاڪستانين کي جنگ کانپوءِ احساس خود ترسي ۽ دل شڪستگي ماڻ ٻاهر ڪڍڻ جو سهرو به اول ۽ آخر وزيراعظم ڀٽو کي وڃي ٿو، مسٽر ڀٽو مسلسل سرگرمي ۽ شخصيت جي زور تي اڪيلي سر اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، هندستان سان ڳالهين کانپوءِ پاڪستان هڪ اهڙي سمجهوتي جي لاءِ نڪتو آهي جنهن مان بلڪل ويجهو اهو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جهڙوڪ پاڪستان هند-پاڪ جنگ کٽي هجي“.

1974ع ۾ لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي ذوالفقار علي ڀٽو اسلامي ملڪن جي وچ ۾ نئين مثبت اتحاد ۽ اشتراڪ جي لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو،انهيءَ ڪانفرنس سان اسلامي اتحاد جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، خود ان ڪانفرنس پاڪستان جي وجود جي باري ۾ دشمن قوتن طرفان پکيڙيل پروپيگنڊه کي ڪوڙو ثابت ڪيو ڇاڪاڻ ته جيڪي قوتون پاڪستان جي ختم ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪري رهيون هيون اهڙي صورتحال ۾ اسلامي دنيا پاڪستان تي پنهنجو اعتماد ۽ يقين جو اظهار ڪري انهن قوتن جي خوابن کي پورو نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ ذوالفقار علي ڀٽو جي انهي سهڪار کي پرڏيهي دنيا ۾ سندس ذات ۽ تدبر سان ڀيٽيو ويو. آمريڪا جي روزاني اخبار ڪرسچين سائنس مانيٽر12 آڪٽوبر 1974ع واري اشاعت ۾ پاڪستان جي صورتحال جو تجزيو ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ته مسٽر ڀٽو اهو شخص آهي جنهن پاڪستان کي 1971ع جي زوال بعد ڌُٻڻ مان ٻاهر ڪڍيو، 1971ع ۾ هندستان جي هٿان شڪست کائڻ کانپوءِ وزيراعظم 90 هزار جنگي قيدين کي واپس آندو، جنگي ڏوهن جا ڪيس ختم ڪرايا ۽ ملڪ جي حاڪميت ۽ استحڪام کي نقصان ڏيڻ کانسواءِ 5 هزار چورس ميل جو قبضو ڪيل علائقو به خالي ڪرايو،وزيراعظم ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان ايران ۽ ٿائيليند جي وچ ۾ ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان صحتمند ۽ خوشحال قوم طورسامهو اچي چڪو آهي، صرف ٽن سالن جي مختصر عرصي ۾ مسٽر ڀٽو پنهنجي عوام جي قومي غيرت کي بحال ڪرايو آهي ، هاڻي پاڪستاني پنهنجو پاڻ تي اعتماد محسوس ڪرڻ لڳا آهن ۽ جيئن ته لاهور جي اسلامي سربراهي ڪانفرنس اهو واضح ڪيو ته وچ اوڀر جا مسلمان هڪ نئين سڃاڻپ سان روشناس ٿيا آهن،ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو ئي آهي ته هن  پاڪستان جي بقا ۽ وحدت تي ذرو به نشان نه اچڻ ڏنو ۽ پاڪستان کي عالم اسلام جو هڪ اهم ترين ملڪ بنائي ڇڏيو. 4-اپريل پاڪستان جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ ڏينهن آهي، قائد عوام جي شهادت کي 37 سال گذري چڪا آهن ۽ ان سان گڏ اڃا تائين ساڻس ٿيل عدالتي نا انصافي اڄ به انصاف جي گهرجائو بڻيل آهي، وقت جي فرعون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي صفحه هستي سان مِٽائڻ چاهيو پر هو تاريخ ۽ عوام جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم قرباني ۾ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ اهو .ي پيغام آهي ته ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سمورا هم وطن سندس مشن، پاڪستان جي بقا، جمهوريت ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏين.

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *