سنڌ پرست، روشن خيال، انقلابي عورت.ڪامريڊ بختاور مڱڻهار جي سالگره تقريب: سورٺ خاصخيلي

شاهپورچاڪر جي زرخير مٽي سان تعلق رکندڙ ڪامريڊ بختاور مڱڻهارجي زندگي جدوجهدن جي هڪ ڊگھي باب جي حيثيت رکي ٿي، هن انهن مارشلائي ڏينهن ۾ سياست جي دنيا ۾ پير پاتو جڏهن ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم ڄڻ ڪاريهڙ تي پير پيم“ جهڙي صورتحال هئي، پنهنجي وڏي ڀاءُ ڪامريڊ امير بخش مڱڻهار جي ڇپر ڇانو ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان سياست جي شروعات ڪندڙ ڪامريڊ بختاور مڱڻهار وڏين سياسي جدوجهدن جو حصو رهي، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ هن عورتن جي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو، ڪالاباغ ڊيم خلاف سکر کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ۾ پنهنجا پير پٿون ڪيا، ان سان گڏ سڄي سنڏ اندر پارٽي توڙي عورتن جي حقن لاءِ ٿيندڙ سياسي سرگرمين جو حصو رهي، ميڊم زاهده شيخ، نذير قريشي، ادي صاحبزادي ڏاهري ۽ حور النساءِ پليجو جهڙين انقلابي عورتن جي سٿ جي ساٿياڻي رهي آهي، 70 سالن جي ڄمار ۾ به ڪامريڊ بختاور ساڳي سنڌ پرست ۽ عورتن ۾ سجاڳي لاءِ اڳري آهي،هن وقت به ميڊم زاهده ڏاهري، شبنم چانڊِيو، پروين ڏاهري، نوشاد بلوچ ۽ ٻين سرگرم عورت اڳواڻن سان سڏ ۾ سڏ ڏيندي سنڌ جي حقن ۽ عورتن جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرامن ۾ شريڪ رهي ٿي، تازو عمر آباد ۾ ٿيل عورتن جي مچ ڪچهري ۾ سندس اهم ڪردار ادا ڪيو،  اهڙين عورتن تي سنڌ ناز ڪري ٿي.سنڌ جي نالي واري قومپرست عورت اڳواڻ، هميشه آمريت سان جنگ ڪندڙ، عورتن ۾ اتساه ڏيندڙ عظيم عورت رهنما شاعره ڪامريڊ بختاور مڱڻهار جي تاريخي سالگره تقريب زين گارڊن شاهپورچاڪر ۾ سنڌي عورت تنظيم پاران ملهائي وئي جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ جو دعوتنامون ته نه مليو هو پر پوءِ به امان ڪامريڊ بختاور جي عظيم بهادري ۽ همٿ جو پڙاڏو ٻڌي اتي پنهنجي پياري ڀا۽ سان گڏجي شرڪت ڪيم.

اسان جڏهن شاهپورچاڪر پهتاسين ته ٿڌي ٿڌي هوائن جي شوشاٽن جو به ڪڙڪو لڳي رهيو هو ائين پئي محسوس ڪيم ڄڻ هي هوائون به امان ڪامريڊ بختاور جي سالگره جون جھر جھنگ ۾ مبارڪون ڏيندي گذري رهيون هجن  اسان جڏهن زين گارڊن ۾ پهتاسين ته امان بختاور جي سالگره تقريب ۾ پنهنجي عورت ڀينرن جي شرڪت ۽ ڀائرن جي شرڪت ڏسي بي انتها خوشي ٿي.پر جڏهن اسٽيج تي ويٺل ٻهڪندڙ خوشي ۾ به نه ماپجندڙ عظيم ۽ پياري چهري امان ڪامريڊ بختاور تي نظر پئي سندس بي انتها رونق واري ۽ دل کي سرور بخشيندڙ چهري منهنجي سفر جا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا ۽ دل ۾ باقي اهو ارمان هيو ته امان بختاور جي مونتي به صرف هڪ نظر پئجي پوي جنهن ڪري آئون مڙني عورتن کان اڳتي ٿي امان ڪامريڊ بختاور جي سامهون جھڪي سلام ڪيم جنهن تي امان ڪامريڊ بختاور به مسڪرائيندي پنهنجي ساڄي هٿ کي مٿي ڪري نهايت پيار محبت احترام سان منهنجو مانائتو آڌرڀاءُ ڪري سچ ته مونکي پاڻ ڏانهن جھوري وڌو ان ئي مهل ڀيڻ زاهده ڏاهري به اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي سلام ڪري نهايت اهڙو پيار ڏنو جو وساري نٿي سگھان .عورتن ۾ اهڙو شعور اجاگر ڏسندي اهڙي تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڏسي امان ڪامريڊ بختاور جي انٿڪ محنت جوش جذبو ۽ ولولو نظر آيو.عورتن جي حال ۾ تمام گھڻي رش سبب ٻارن جو به خاصو شور هيو ويهڻ لاءِ ڪابه ڪرسي وغيره نه هجڻ باوجود ڪافي دير تائين پيرن ڀر بيهي امان بختاور جو ديدار ڪندي رهيس ڪافي دير بعد مردن واري هال مان ڪجھ ڪرسيون گھرايون ويون جنهن تي ويهي رهيس سالگره تقريب جي هن پوري پروگرام کي تمام گھڻي دلچسپي سان ڏسندي رهيس پروگرام دوران ننڍڙين ٻارڙين پاران پڻ امان ڪامريڊ بختاور مڱڻهار کي ٽيبلوزذريعي ڀيٽا ڏني قومي گيتن تي جھومي داد حاصل ڪيوسنڌي عورت تنظيم جو هي پروگرام نهايت بهترين ڏٺم جنهن ۾ مرڪزي صدر زاهده ڏاهري کي اسٽيج تي ويهڻ بجاءِ سامهون ويٺل عورت ڪارڪنن جي وڄ ۾ ڏٺم جيڪو پڻ بهتر عمل هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *