ڪراچي ۾ امن امان لاءِ آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين: وزيراعظم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان لاءِ آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، ڪراچي ۾ نائين پاڪستان ايڪسپو نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ جي معاشي ترقي اسان جي پهرين ترجيح آهي پاڪستان هڪ اڀرندڙ معاشي طاقت آهي اسان کي خطي ۾ معاشي سرگرمين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ توجهه جي ضرورت آهي يورپي يونين طرفان جي ايس پي پلس پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي پاڪستان جي برآمدات 25 ارب جي لڳل ڀڳ آهي جنهن کي ايندڙ 3 سالن ۾ 50 ارب ڊالر تائين آندو ويندو، هن چيو ته حڪومت توانائي جي بحران تي قابو آڻڻ لاءِ به ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ان سلسلي ۾ ايندڙ 25 سالن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪئي آهي، پاڪستان ايندڙ 3 سالن ۾ بجلي جي بحران تي قابو ڪري وٺندو، وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جا ڏيڍ سال مسئلن تي قابو آڻڻ ۾ گذريا آهن، ان سلسلي ۾ اسان ٺوس فيصلا ڪيا آهن جن ۾ آپريشن ضرب عضب به شامل آهي، ڪراچي ۾ امن امان لاءِ تمام گهڻو اڳ فيصلو ڪرڻ گهرجن ها ڪراچي سان ان جون تمام گهڻيون سٺيون يادون جڙيل آهن ڏيڍ سال اڳ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب هئي، حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي آپريشن جو فيصلو ڪيو جنهن سبب هاڻ صورتحال تمام بهتر آهي ۽ آئنده ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي شهر ۾ مان لاءِ آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين 2018ع تائين ڪراچي هڪ پرامن شهري بڻجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *