جيڪب آباد:قتل ٿيل نوجوان وارو واقعو، وارث انصاف جي اوسيئڙي ۾؟

 

جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مولاداد لڳ جوابدارن مدرسي ۾ رهندڙ فالج ۾ مبتلا 35 ورهين جي نوجوان کي رات جو ننڊ مان اٿاري کنڀي کڻي ويا جڏهن ته جوابدارن نوجوان کي تشدد ڪري گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدارن ڏوهه کي لڪائڻ لاءِ لاش گڏهه گاڏي تي رکي جهنگ ۾ ڦٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ناڪام ٿيڻ بعد لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ جوڳو ڪرڻ لاءِ لاش مٿان تيزاب هاري لاش جي بي حرمتي ڪئي وئي اهڙو ڀانڊو ڦاٽڻ بعد مولاداد پوليس لاش جي ڳولها شروع ڪري ڇڏي جڏهن ته مقتول جي وارثن جو پتو پوڻ تي پوليس پاران وارثن سان سڌو رابطو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ وارثن پوليس کي ٻڌايو ته مقتول کي 23 اپريل تي کنڀي بي دردي سان قتل ڪيو ويو جنهن جو لاش ملڻ بعد اسان غريب بي پهچ ماڻهن دفنائي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڳوٺ ۾ ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن علي بهر ڊومڪي علي اصغر ڊومڪي ۽ حبيب الله ڊومڪي کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي جن پوليس اڳيان ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته مقتول نوجوان کي ڪارنهن جي الزام هيٺ اسان قتل ڪيو آهي جڏهن ته پوليس جوابدارن جي ڪيل اعتراف جي بنياد تي مقتول نوجوان جي ڀاءُ عبدالغني ڊومڪي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي . ٻئي پاسي مقتول نوجوان عبدالرشيد ڊومڪي جي پير سن امڙ زر بي بي ٻڌايو ته جوابدارن منهنجي معذور پٽ تي نه مڃڻ جوڳي تهمت مڙهي آهي جيڪا قتل کان وڌيڪ جهير ڏئي رهي آهي مان ان وقت تائين الله کان موت نه گهرندس جيستائين ملوث جوابدارن کي ڦاهي جي سزا نه ملندي هن چيو ته منهنجو پٽ مدرسي ۾ رهندو هو جيڪو دنيا کان بيگانو هو هنن منهنجي جهولي خالي ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي اميد ته مون سان انصاف ٿيندو  ان موقعي تي ان سان گڏ مقتول جو ڪيس ۾ فريادي ڀاءُ عبدالغني ڊومڪي به موجود هو

ان حوالي سان پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته اسان کي ٻڙڪ هئي ته اهڙي قسم جو بلائنڊ واقعو پيش آيو آهي تصديق لاءِ پوليس کي سرگرم ڪيو ويو جنهن بعد سمورو قصو سامهون اچي ويو هن چيو ته مقتول عبداالرشيد ڊومڪي کي بي دردري سان قتل ڪري لاش مٿان تيزاب هاريو ويو جڏهن ته واقعو 23 اپريل تي پيش آيو ۽ اسان وٽ 17 مئي تي رپورٽ ٿيو اسان مقتول جي استعمال ڪيل موبائل فون نمبر تي ٽريس ڪري جوابدارن جي نشاندهي ڪئي سين هن چيو ته هي بلائنڊ ڪيس هو جنهن ۾ ڪاميابي ملي اڄ اسان ايس ايس پي ظفر اقبال ملڪ وٽ پيش تي حقيقت ٻڌائڻ آيا آهيون هن چيو ته جوابدارن ڪارنهن جو الزام مڙهي نوجوان کي قتل ڪيو ۽ جوابدارن هڪ پلانگ ڪئي ته پهريان لاش گڏهه گاڏي تي کڻي گم ڪيو ويندو پر هو ان ۾ ناڪام ويا اميد ته ان ۾ جوابدارن سان سهڪار ڪندڙ ماڻهو به پڪڙجي پوندا .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي گهرجي ته هن معاملي جون اصل حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ معاملي جي جڙتائين پهچي ۽ گرفتار ٿيل ڏوهارين جي ڪيل اعتراف مطابق مرحوم جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ڪارنهن واري ڪڌي رسم کي ٻنجون ڏيڻ لاءِ سخت اقدام ڪري ته جيئن ٻيهر اهڙي قسم جو ڪو واقعو پيش نه اچي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *