اسلام آباد جي امن ڪرائڻ لاءِ فوج کي مليل اختياريون..!!: غلام مصطفيٰ جمالي 

تحريڪ لبيڪ يا رسول الله ويهه ڏينهن مسلسل ڌرڻو هڻي،گادي واري شهر اسلام آباد جو مين علائقو فيض آباد پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو هوُ،جڏهن ته ڌرڻي بعد حڪومتي وفد ۽ ڌرڻي جي قيادت وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ڳالهيون پڻ ٿيون هنيون تنهن هوندي به ڪو حتمي فيصلو نه ٿيو سگهيو هو جنهن اندر حڪومت پاران ڏنل ڊيڊ لاڪ بدستور برقرار رهي. اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي مسئلي جي حل لاءِ حڪومتي وفد ۽ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون پنجاب هائوس ۾ ٿيون هينون. حڪومت ۽ انتظاميا طرفان ڳالهين ۾ راجا ظفر الحق، خواجا سعد رفيق، قانون واري وزير زاهد حامد، ڪيپٽن صفدر، راڻا ثناءُ الله، انوشا رحمان، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ڪمشنر کي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي نمائندن واري وفد ۾ ڊاڪٽر شفيق اميني، پير اعجاز اشرفي، عنايت الحق شاهه ۽ مولانا ظهير نور شامل هئا. ان وقت تحريڪ ليبڪ يا رسول الله قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار رهي ۽ ڳالهين ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

حڪومت استعيفيٰ جو مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.جنهن ڪري  حڪومت ۽ ڌرڻي جي قيادت وچ ۾ ڳالهين جون آخري دور به ناڪام رهيو. ان وقت وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ عالمن جو اجلاس پڄاڻي تي پهتو، جنهن دوران اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله صه جي ڌرڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ان ڏس ۾ پير حسين الدين شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي هئي، جنهن چيو ته هر مسئلي جي پرامن حل لاءِ رابطا ڪندي.! اجلاس ۾ راجا ظفر الحق جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي جي سفارشن کي سامهون آڻڻ جو مطالبو به ڪيو ويو هو. احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل عالمن جي اجلاس کانپوءِ مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سردار يوسف ميڊيا اڳيان تفصيل پيش پڻ ڪيا هئا، جنهن ۾ چيو ويو هو ته اجلاس سچي نيت ۽ دل سان ان امر جو اعلان ٿو ڪري ته ختم نبوت تي عقيدو اسان جي روح جو حصو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي برداشت نه ڪئي ويندي.

ان وقت ٿيل اجلاس ۽ گڏيل بيانن سبب حالتون ڪجهه اهڙيون ئي ڏسڻ ۾ آيون پئي ته پاڪستان جو امن مڪمل طور خطري ۾ پئجي ويندو، ۽ حالتون اسان لاءِ ڳڻتي جوڳيون ٿي وينديون، جنهن جي حل لاءِ سڀني ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻو هو ۽ خاص طور تي پنجاب حڪومت کي جنهن هڪ وزير تي استيفيٰ جي ڪري پوري پاڪستان جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو،جڏهن ته حڪومت کي اها به خبر ته اهو معاملو اهڙي نونيت جو آهي جيڪو ڳالهين سان حل ئي نه ٿيندو ڇو ته انهي جو حل ئي وزير احسن اقبال سان ئي جيڪا ن ليگ ڪهڙي به صورت ۾ نه پئي ڏني،ٻئي ڳالهه ته حڪومت کي جيڪڏهن خبر هئي ته معاملو تمام گهڻو پيشيدا ٿيندو ته حڪومت پلان اي بي سي ڇوڪون جوڙيا،صرف هڪ پلان کڻي اچي ڪري ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو ساڍي ستين وڳي ڌاري پنهنجي اٺ هزار اهلڪارن سان اچي ڌرڻي واري هنڌ پهتي،جڏهن ته سموري معاملي جو ڪارڻ هڪومت کان معلوم ڪيو ويو ته حڪومت پنهنجي ڪنڌ مان رسو ڪڍي ڪري اهو واضع لفظن ۾ چيو ته اسان جي مٿان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ جو دٻاءُ هو جنهن جي ڪري مجبورن اسانکي ڌرڻ ختم ڪرائن لاءِ پوليس ۽ ايف سي جي اهلڪارن کي ڌرڻي واري منتقل ڪيو جيڪي تحريڪ ليبڪ يا رسول  جي لڳل ڌرڻي کي ختم ڪرائي مقرر ڪيو ويو هو ۽ پوءِ ٿيو اهو ئي جنهن جو ڊپ هوُ.

فيض آباد ۾ لڳل ڌرڻي جي ڪري پاڪستان جي دارالحڪومت جو امن امان خطري ۾ پئجي ويو،نه رڳو اسلام آباد پر پورو پاڪستان انهي ڌرڻن جي زد ۾ اچي ويو،پنجاب کي ڇڏي ڪري سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ٿيڻ لڳا ۽ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جي ڪيترائي ڪارڪنن هٿن ۾ پٿر ۽ گلولون کڻي روڊن تي نڪري آيا جن ڪيترائي سڪيورٽي اهلڪار زخمي ڪري ڇڏيا،جڏهن ته اسلام آباد ڪالهه سڄو ڏينهن جنگ جو ميدان بڻيل هوُ،وفقي وقفي سان تحريڪ لبيڪ يا رسول الله ۽ سڪيورٽي اهلڪارن جي وچ ۾ پٿرن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي،جنهن ڪري ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا،پوليس سڄو ڏينهن آنسو گئيس ۽ پاڻي جي شيلنگ ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪندي رهي ته سندن هر حربو ناڪام ويو،۽ تحريڪ لبيڪ يا رسول الله جا ڪارڪنن گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌڻ شروع ٿي ويا ۽ آهستي آهستي وڌندي وڌندي ايتري حد تائين اچي پهتا جو مجبور ٿي ڪري پوليس ۽ ايف سي جي اهڪارن کي پوتئي هٽڻو پيو.اهڙي صورتحال اندر حڪومت جي ڪو به گس ڏسڻ ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري،هيٺ حڪومت پنهنجو ٻانهون مٿي کڻي ڪري سموريون زميواريون ۽ اسلام آباد جو امن فوج حوالي ڪري پاڻ روايتي موجب پاسي تي ويهي رهي،۽ وزير داخلا هڪ نوٽيس جاري ڪيو جنهن امن اسلام آباد جي امن لاءِ فوج کي مقرر ڪيو ويو،وزيرداخلا جي نوٽيس ۾ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

اهو واضع ڪيو ويو ته حالتون سندس قابو ۾ نه اچي رهيون آهن ۽ ماحول اندر تمام گهڻي گرما گرمي ٿي وئي آهي ۽ ڪو به افسوسناڪ واقعي پيش اچڻ کان اڳ ۾ فوج پنهنجون زميواريون سنڀالي،

آرٽيڪل245جي تحت نوٽيس جاري ڪيو ويو هو ته فوج اچي ڪري سولين جي مدد ڪري،ان وقت اهو طعه ڪيو ويو هو ته جيڪا فوج اسلام آباد ۾ امن ڪرائيندي انهي جي اڳواڻي ٽي ڪمانڊر 111برگيڊيئر ڪندا،جڏهن ته اسلام آباد جي امن لاءِ فوج کي پوري اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويندو،ٻڌايو پئي ويو ته اهڙو فيصلو پاڪستاني وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي پاران ڪيو ويو هو جنهن هڪ سمري ٺاهي ڪري چيف ڪمشنر اسلام آباد کي موڪلي جنهن جي منظوري بعد اهو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته سموري اسلام آباد ۾ امن لاءِ فوج کي مقرر ڪيو ويندو. ڇو ته اسلام آباد گادي جو شهر هجڻ ۽ سموري سياسي ماڻهن جو گهر هجڻ ڪري به هڪ وڏي اهيمت رکندڙ شهر آهي جنهن اندر ايڏي ڪشيدگي يقينن سنگين مسئلو هو.

اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻي جي ڪري مختلف جهڙپن اندر 200کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا ۽ 10پوليس گاڏيون هڻ ساڙيون ويون هنيون،معاملو ايتري حد تائين خراب ٿي ويو هو جو مظاهرو ڪندڙ سابق وزيرداخلا چوڌري نثار جي گهر جو پڻ گهيراءُ ڪيو هو جنهن اندر مظاهرو ڪندڙن چوڌري نثار جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي هئي،ان وقت سڪيورٽي اهلڪار موقعي جي پهچي ويا هئا جن چوڌري نثار جي بڪتربند گاڏي جي سڪيورٽي ڏئي ڪري ڪنهن محفوظ جاءِ تي پهچايو،ڌرڻي دوران حڪومت ڌر پاران پاڪستاني جي نچي ٽي وي چئنلن جي نشريات کي پڻ بند ڪيو ويو هوُ،جڏهن ته سوشل ميڊيا جو سموريون سائيٽون پڻ بند ڪيو ويون هنيون جنهن ۾ فيس بڪ،ٽوئير،يوٽيوپ،انسٽاگراف وغيره جهڙيون سائيٽون مڪمل بند ڪري ڇڏيو هنيون،ٻئي پاسي فيض آباد واري علائقي اندر پاڻي سپلاءِ پڻ بند ڪئي وئي هئي،۽ بجلي جو نظام نه ختم ڪيو ويو هو،ان وقت نه رڳو زميني پر هوائي رستن ذريعي به ڌرڻو هڻندڙن پارٽي خلاف ڪاروايون ڪيون پئي ويون،۽ آپريشن جي نگراني هيلي ڪاپٽر ذريعي پڻ ڪئي پئي،آپريشن کان پهرين پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن جي دستا فيض آباد واري علائقي ۾ پهچي چڪا هئا،

فيض آباد ڌرڻي جي پڄاڻي افسوس جهڙي هوندي افسوس جهڙي انهي ڪري آهي جو پاڪستان اندر ڪو اهڙو قانون ناهي جيڪو اهڙي ڌرڻن کي روڪي سگهي،اهڙو ڪو قانون ناهي جنهن اندر اهو واضع ڪيل هجي ته شهرن جي مين روڊن ۽ چونڪن تي هزارين ماڻهو جو ڌرڻو هڻي ويهي رهڻ قانون جي خلاف آهي،مان سمجهان ٿو ته پاڪستان جي حڪمرانن کي پاڪستان اندر مظبوط جهموريت ۽ امن گهرجي ٿو ته انهن کي سڀ کان پهرين انهن ڳالهين طرف ڌيان ڏيڻو پوندو،اسلام آباد جي علائقي فيض آباد جي ڌرڻي جي پڄاڻي پاڪستان جي سڪيورٽي ادرارن لاءِ وڏي ۾ وڏي چئلنج هوندي،ڇو ته سامهون به انساني زندگيون آهن،۽ انهن کي ائين اٿارڻ به سولو ناهي، ڌرڻي واري جاءِ تي حڪومت پاڻي شيلنگ واريون ٽئيڪون،آنسو گئيس،جو وڌ کان وڌ استعمال انهي ڪري ڪيو آهي جئين ڪا زندگي ضايع نه ٿي،پر انجي باوجود پنج انساني زندگيون انهي ڌرڻي جي نظر ٿي ويون آپريشن اندر پوليس رينجزس ۽ ايف سي جي 8هزار کان مٿي اهلڪارن حصو ورتو،جڏهن ته اهي اهلڪار ڌرڻي واري جاءِ تي پهتا ته فيض آباد جو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو،مظاهرو ڪندڙ مختلف جاين کي باهيون ڏئي ساِڙي ڇڏيو ۽ اهلڪارن احتجاج ڪندڙ مٿان آنسو گئيس ۽ پاڻي شيلنگ شروع ڪري ڏني،مظاهرو ڪندڙ اهلڪارن مٿان پٿرن جو وسڪارو شروع ڪري ڏنو جنهن جي ڪري وڏي تعداد اندر سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا ۽ سڪيورٽي اهلڪار ڌرڻي وارن مان 300کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو هو،جنهن اندر اهم شخصتيون به شامل هنيون،هڪ مليل ڄاڻ موجب اسلام آباد جي فيض آباد واري علائقي ۾ لڳل ڌرڻا مٿان ڪاروائي جو حڪم هاءِ ڪورٽ جاري ڪيو جنهن بعد آپريشن شروع ڪيو ويو هو،آپريشن کان پهرين ٽن طرفن کان مظاهرو ڪندڙن  جو گهيرو تنگ ڪيو ويو هو،جنهن اندر احتجاج ڪندڙ مٿان لاٺي چارج به ڪئي وئي هئي،جنهن جي ڪري احتجاج ڪندڙ جو وڏو تعداد پويان هٺڻ شروع ٿي ويو هو،

پوليس اهلڪارن ڌرڻن جي مخلتف پاسن کان احتجاج ڪندڙن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو جنهن جي ڪري مظاهرو ڪندڙن جي هڪ وڏي تعداد گرفتار ڪئي وئي هئي،مظاهرو ڪندڙن تي ڪاروائي ڪرڻ کان پهرين اسلام آباد،راولپنڊي،۽ ٻين شهرن جي اسپتالن اندر ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ ڊاڪٽرجون موڪلون بند ڪيون ويون هنيون،اهڙي ريت لٺ بازي،آنسو گئيس،پاڻي شيلنگ،گرفتارين ۽ پوليس اهلڪارن ۽ احتجاج ڪندڙ جي وڏي تعداد زندگي زخمي ٿيڻ کانپوءِ اهو احتجاج پنهنجي پڄاڻي تي پهتو،پر ڌرڻو ڪيترائي سوال ذهن جي آسري ۾ بند ڪري ويو ته هن ملڪ ۾ اهڙو ماحول آخرڪيسائين رهندو، اها به هڪ حوالي سان سياسي خلا جي ڪيفيت هئي جنهن کي حڪمرانن جا ڌڙا ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. اهو ئي ڪارڻ آهي ته پارٽين مان ڪابه اڳ وانگر عوامي تحريڪ نه هلائي سگهي.

برحال معاملو هاڻ تمام گهڻي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي،جنهن اندر هاڻ ڪجهه به ٿي سگهي،انهي ڪري حڪومت سموريون زميواريون هن وقت فوج جي حوالي ڪري ڇڏيون آهن،مان سمجهان ٿو ته فوج لاءِ اهو وڏو چئلج هوندو ڇو ته فوج هن وقت سولين جو زميواريون کڻي رهي آهي جنهن اندر کيس انهي ڳالهه جو پورو پورو خيال رکڻو پوندو ته اسلام آباد ۾ امن ڪرائڻ دوران ڪابه زندگي ذيان نه ٿي ۽ هو اسلام آباد جي امن امان ڪرائڻ به پوري طرح ڪامياب وڃي.انهي ڪري ڏسڻو هاڻ اهو آهي ته اسلام آباد ۾ امن ڪرائڻ لاءِ فوج ڪهڙو ڪردار ادا ٿي ڪري..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *