ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل ڌرڻي خلاف آپريشن…!

اسلام آباد ۾ ڌرڻي خلاف آپريشن بعد حالتون ڇڪتاڻ جي ور چڙهي ويون، سڄو ڏينهن چڪرين، فائرنگ ۾ پوليس، ايف سي اهلڪار، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ مذهبي ڪارڪنن سميت 200 کان مٿي زخمي ٿي پيا آهن. فورسز سڄو ڏينهن ڪارروائي باوجود مڪمل طور علائقو خالي ڪرائي نه سگهي. مذهبي ڪارڪن مختلف هنڌن تي پکڙجي ويا. هوڏانهن حڪومت آرٽيڪل 245 تحت فوج طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزارت موجب فوج حساس عمارتن جي حفاظت لاءِ موجود هوندي. اسلام آباد انتظاميه طرفان فيض آباد وٽ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيلن کي رات جو 12 وڳي تائين ڏنل ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ بعد ڇنڇر تي صبح جو مظاهرو ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو.آپريشن ۾ پوليس، ايف سي ۽ رينجرز جي وڏي نفري حصو ورتو، جن مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو.شديد شيلنگ بعد مظاهرو ڪندڙ ڇڙ وڇڙ ٿي ويا ۽ پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ،200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.مظاهرو ڪندڙن طرفان پٿراءَ ڪرڻ سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي به ٿيا. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز(پمز) جي ڊاڪٽر الطاف ٻڌايو ته پوليس جي 53 اهلڪارن، ايف سي ٻن اهلڪارن ۽ ڪجهه عام شهرين سميت 168 زخمين کي پمز ۾ داخل ڪيو ويو آهي.خانگي ٽي وي چئنلن جي رپورٽ مطابق صبح جو ساڍي 7 کان شروع ٿيل آپريشن بعد هيل تائين 300 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ضلعي انتظاميه جي ذريعن مطابق فيض آباد انٽرچينج آپريشن سبب هن وقت اختيارين جي ڪنٽرول ۾ آهي،فيض آباد کي ملائيندڙ رستن ۽ گهٽين کي انتظاميه بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته گادي واري شهر جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي،آپريشن شروع ڪرڻ جو حڪم ضلعي ميجسٽريٽ محمد مشتاق ڏنو هو جنهن بعد اٽڪل 800 اهلڪار پنڊال ۾ داخل ٿيا ۽ پوليس طرفان مليل هدايتن موجب آپريشن شروع ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن درجنين مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو جن کي اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي،  انتظاميه طرفان سيف سٽي پروجيڪٽ تحت لڳايل ڪئيمرائن جي مدد سان آپريشن جي مڪمل نگراني ڪئي وئي آهي. جاڙن شهرن کي ملائيندڙ فيض آباد ۾ پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪرين جو سلسلو جاري رهيو، هڪ ٻئي سان اکٻوٽ کيڏندا رهيا، وقفي وقفي سان پوليس ڳوڙها گيس جو استعمال ڪندي رهي، جوابي طور تي مظاهرين پوليس تي شديد پٿراءُ ڪيو. چڪرين جي نتيجي ۾ هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالهادي، ڊي ايس پي ستار شاهه، 4 ايس ايچ اوز، بني گاله جو ايس ايچ او ذوالفقار، آئي نائين جو قاسم نيازي، کنه جو عبدالجبار ۽ نذر قريشي، جوان شديد زخمي ٿيا جڏهن ته لڳ ڀڳ 160 مظاهرين به زخمي ٿيا. زخمين کي فور طور تي جاڙن شهرن جي اسپتالن پمز، پولي ڪلينڪ، هولي فيملي، بي نظير ڀٽو شهيد اسپتال ۽ سول اسپتال ۾ پهچايو ويو . مظاهرين هڪ بڪتر بند گاڏي سميت پوليس جي 5 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس ترجمان مطابق پوليس وڏي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو پر مظاهرين شديد پٿراءٌ ڪري پوليس اهلڪارن ۽ ايف سي جي جوانن کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *