اسلام آباد ڇڪتاڻ جا جمهوريت تي پوندڙ اثر..!!: صاحب خان ڀٽي

اسلام آباد  ۾ فيض آباد انٽر چينج وٽ مذهبي جماعتن پاران قانون واري وزير زاهد حامد جي استعيفيٰ لاءِ لڳل احتجاجي ڌرڻو 20 ڏينهن تائين جاري رهيو، عدالت پاران سوال به ڪيو ويو ته آخر انهن جي کاڌي پيتي جو خرچ ڪير پيو ڪري؟ ايتري قدر جو اسلام آباد هائيڪورٽ وفاقي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت نوٽيس به جاري ڪيو ۽ عدالتي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪم به جاري ڪيو پر ان باوجود ڌرڻوختم نه ٿي سگهيو، وفاقي حڪومت پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن هون ڌرڻي خلاف ڪو قدم کڻندا ته حالتون به خراب ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته کين خبر پئي آهي ته  ڌرڻي تي ويٺل مذهبي جماعتن جي  ڪارڪنن وٽ هٿيار به موجود آهن،  جيڪڏهن حڪومت انهن خلاف آپريشن ڪيو ته حالتون خراب  ٿيون وينديون، عدالت پاران به ريمارڪس ڏيندي چيو ويو هو ته عدالتي حڪومت باوجود آپريشن نه ڪرڻ عدالتي حڪمن کي گهٽ ڏيکارڻ برابر اهي،

بهرحال گذريل ڏينهن حڪومت ٿرٿلي ۾ آئي ۽ الٽيميٽم خمت ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن 12 وڳي آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن بعد ريڊ زون علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، هر طرف والاريل ڪشمير جهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، ڪراچي، لاهور ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، اسلام آباد ۾ جڏهن آپريشن شروع ٿيو ته ان وقت ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ شيلنگ ڪئي وئي، آپريشن ۾ پوليس، ايف سي ۽ رينجرز اهلڪارن حصو ورتو، جن مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ ڳوڙها آڻڻ واري گيس جي شيلنگ ڪئي. جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي ۽ احتجاج ڪندڙن گاڏين کي باهيون ڏئي ڇڏيون ۽ ريڊ زون واري علائقي کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن پاران اهلڪارن تي پٿراءُ به ڪيو ويو ۽ ڏنڊا بردار ماڻهن روڊن تي لڳل ٽريفڪ سنگنل ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين تي به پٿراءُ ڪيو،

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن اهو ڌرڻو جاري هو ته ان وقت ايمبولينس کي رستو نه ملڻ سبب هڪ ڄڻو فوت به ٿي ويو هو، جنهن مسئلي کي ميڊيا تمام گهڻو  کنيو هو، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ فيض آباد انٽرچينج بند ٿيڻ سبب شاگردن، شاگردياڻين، پورهيتن، وڪيلن ۽ ٻين سرڪاري ملازمن کي تمام گهڻيون ڏکيائون پيش اچي رهيون هيون ۽ هي ڌرڻو ڪو هڪ يا ٻه ڏينهن تائين جاري نه هو پر گذريل 20 ڏينهن کان اسلام آٻاد جي فيض آباد انٽر چينج وٽ لڳل هو، جيڪڏهن ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن ڌرڻو لڳندو آهي ته لکين ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن ۽ اهڙي صورتحال مان ڪراچي جا شهري به گذري چڪا آهن،

بهرحال  20 ڏينهن کانپوءِ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي ڦڙتي ڏيکاري ته ان ۾ سندن اهلڪار ئي شهيد ٿيو ۽  ڪيترائي اهلڪار زخمي به ٿيا، جن کي پمز اسپتال سميت مختلف اسپتالن  ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، پمز اسپتال جي ترجمان ته ميڊيا کي ٻڌايو هو ته زخمين ۾ پوليس ۽ ايف سي جا اهلڪار به شامل آهن. ٻي طرف انتظاميا پاران  اسلام آباد جي هوائي نگراني به ڪئي وئي، مري روڊ بند ٿيڻ سبب اسڪول  به بند رهيا،  حڪومت جڏهن  احتجاج ڪندڙن تي ضابطو نه آڻي سگهي  ته چينلن جي نشريات اف ايئر ڪرڻ جو حڪم  ڏنو ويو، پيمرا جي حڪم تي عمل به ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته پيمرا ڌرڻي جي سڌي ريت ڪوريج تي پابندي لڳائي هئي، پيمرا  جي هدايت تي ڪيترن ئي نيوز چينلن جي نشريات کي بند ڪري ڇڏيو هو.

اسلام آباد ڌرڻي سبب اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 80 .17 پوائنٽس لاٿ سان 41 .40248 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جا هڪ ارب 78 ڪروڙ 15 لک 34 هزار 972 رپيا ٻڏي ويا. ايتري قدر جو مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن پاران اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي گهر تي حملو به ڪيو ويو ۽ سندس گهر  جي درين جا شيشا به ٽوڙيا ويا، جماعت اسلامي  جي امير سراج الحق چيو ته اسلام آباد ڌرڻي تي حڪومت طاقت جو استعمال ڪري معاملي کي الجهائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ڌرڻي سبب ملڪ تي تمام گهڻا اثر پئجي رهيا آهن، هڪ طرف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي  هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري ناڻي  واري وزير اسحاق ڊار خلاف به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندس ضامن  کي به عدالت طلب ڪيو هو، جنهن   ناڻي واري وزير کي پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو هو، هن وقت  هڪ سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ته ٻي طرف وري مذهبي ڇڪتاڻ به شروع ٿي وئي آهي، حلف نامي ۾ غلطي ڪنهن ڪئي ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿي، ان جي جاچ ٿيڻ به تمام ضروري آهي،  کي مڃي به ورتو آهي ۽ ان کي درست به ڪيو آهي پر مذهبي جماعت پاران  اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيستائين ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو ۽ اهو  احتجاج 20 ڏينهن جاري رهيو، جنهن کانپوءِ  وڃي حڪومت قدم کنيا.

هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال آهي، هر طرف باهه ٻري رهي آهي، اسلام آباد ڌرڻو ختم ڪرائڻ خلا ف سڄي ملڪ ۾  ماڻهو مڇرجي پيا آهن ۽ مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن پاران ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويا آهن، ڪراچي، لاهور، فيصل آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٻاهه ٻري رهي آهي، اهلڪارن تي حملا ۽ گاڏين تي پٿراءُ واريون خبرون  به رپورٽ ٿينديون رهيون، ايتري قدر جو حڪومت پاران پاڪ فوج کان مدد طلب ڪرڻ جي درخواست به ڪئي وئي،  ڪيترائي ايف سي ۽ پوليس جا اهلڪار زخمي به ٿيا، هڪ شهادت به ماڻي،  جيئن  ته نوازشريف هر طرف کان جڪڙيل نظر  اچي رهيو آهي ۽ سندس  پارٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ ۾ به باقي ٿورو وقت رهيو آهي، ان وقت اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ اليڪشن وقت تي نه ٿي سگهندي،

هونئن به تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب جي ڪنهن وڏي پارٽي کي عدالت پاران نااهل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جي حڪومتي دور ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ سمجهه کان ٻاهر آهن، جيڪهن نوازشريف کي چونڊون وقت تي ڪرائڻيون هجن ها ته اڄ ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه هجن ها، جيئن ته پيپلزپارٽي به هن ڏکئي وقت نوازشريف  جو ساٿ نه ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته چونڊون به تمام گهڻو ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ پيپلزپارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته هو هن وقت نواز ليگ جو ساٿ ڏئي پنهنجو سياسي ڪيريئر تباهه ڪري، هڪ طرف نوازشريف عدالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڪپتان عمران خان به هاڻ عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي، مطلب ته ٻنهي جو جهيڙو هاڻ عدالتن ۾ ئي حل ٿيندو، باقي رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته اها صر ف وقت جو انتظار ڪري رهي آهي ته جئين انهن ٻنهي جو جهيڙو انجام تائين پهچي سگهي. بهرحال پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته نوازشريف ميموگيٽ ۾ ڪارو ڪوٽ پهري پيپلزپارٽي خلا ف عدالتن ۾ پهتو هو ۽ هاڻ هو ڪهڙي منهن سان کانئن مدد گهري رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سياسي بحران پيدا ٿي چڪو آهي ۽ سموريون پارٽيون هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پوريون آهن ۽ انهن جي جهيڙي سان صرف جمهوريت دشمنن کي ئي فائدو ٿي سگهندو.

بهرحال هن وقت ملڪ ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن ان جو ذميوار ٻيو ڪير نه نواز ليگ، تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن جي ڪري ئي پيدا ٿيون آهن ۽ ان جو فائدو صرف نواز ليگ کي ئي ٿيندو. هن وقت  ملڪ ۾ صرف مذهبي جماعتن جو احتجاج هلي رهيو آهي، سوشل ميڊيا ۽ نيوز چينلز جي بندش سبب نوازشريف وارو معاملو به دٻجي ويو آهي، هاڻ ان احتجاج سان چونڊون دير سان ڪرڻ جو به جواز ملي ويو آهي ۽ عدالتن ۾ نوازشريف خلا ف هلندڙ ڪيسن جي ٻڌڻين ۾ به دير ٿي سگهي ٿي، جنهن جو سڌو سنئون فائدو نوا زشريف کي ئي ٿيندو. هڪ ٻن وزيرن جي استعيفيٰ سان جيڪڏهن نوازشريف جي نااهليت ختم ٿي وڃي ته نوازليگ اهو به ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي، جيئن دان ليڪس ۾ هڪ ٻن وزيرن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو هو. بهرحال اسلام آباد ڌرڻي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جا جمهوريت تمام گهڻا خراب اثر  پوندا جن بابت ڪو سوچي به نٿو سگهي، نوازشريف  کي انهن احتجاجن سان ته فائدو  ٿي سگهي ٿو پر عام ماڻهو جو نقصان اڳ به ٿي رهيو هو ۽ هاڻ به ٿي رهيو آهي،

جڏهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو لڳو ته ان وقت به ماڻهو پريشان هئا ۽ اڄ ان کان وڌيڪ آهن، جيڪڏهن وفاقي سرڪار طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران مذهبي جماعت سان ڳالهيون ڪري ها ته اڄ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها۽ اهلڪار به شهيد نه ٿين ها ۽ نه زخمي ٿين ها، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن به سنڌ ۾ ڪو احتجاج ٿيو آهي ته پوليس پاران انهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي پر ان جو ڪو به نوٽيس ناهي وٺندو پر اسلام آباد ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ شروع ٿيل آپريشن ۾ صر ف سيڪيورٽي ادارن جو ۽ عام ماڻهو جو نقصان ٿيو آهي، حڪومت جي رٽ ته اڳ به ڪا نه هئي پر گذريل ڏينهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به ڪٿي به رٽ نظر نه آئي. هاڻ اسان جي حڪومت کي اهو ئي عرض آهي ته ٻيهر جيڪڏهن ڪو اهڙو احتجاج ٿئي جيڪو ڪنهن مذهبي جماعت پاران ڪيو وڃي ته ان تي طاقت جو استعمال ڪرڻ بدران ڳالهيون ڪري، باقي رهي ڳالهه پورهيتن جي، سرڪاري ملازمن جي ته  اهي جڏهن جائز حقن لاءِ احتجاج ڪن ته انهن تن لٺين جو وسڪارو ۽ وحشياڻو تشدد ڪيو وڃي، جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو  آهي، ان سان نه ته قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي نقصان ٿيندو ۽ نه ئي وري حڪومت کي ڪو نقصان ٿيندو ۽ حڪومت جي به رٽ برقرار رهندي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *