ادارن جي تباهيءَ جو ذميوار ڪير؟؛مدد علي سنڌي

جن ملڪن ۾ قومي ادارا تباهه ٿيا آهن، انهن ملڪن جي تباهيءَ جي تاريخ اڄ جي دور ۾ مثال طور اسانجي آڏو آهي. چون ٿا ته بين القوامي طاقتون جڏهن به جن ملڪن جي تخت و تاج، تي قبضو ڪري انهن ملڪن  جا وسيلا سندن مٺ ۾ آڻڻ چاهينديون  آهن، اتي هنن هڪ سازش تحت پهريون اتان جا قومي ادارا تباهه ڪيا آهن. اڄ جي دور ۾ افغانستان، عراق، تيونس، لبيا، يمن ۽ شام جا مثال اسانجي سامهون آهن. ماضيءَ ۾ يوگو سلاويا جو مثال اڃا پراڻو نه ٿيو آهي. اڄ به وچ اوڀر جا ملڪ شام، عراق ۽ لبيا اڄ تباهيءَ جو شڪار آهن. فقط شام ۾ هلندڙ گهرو لڙائيءَ سبب اٽڪل 25 لک ماڻهو دربدر ٿي پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه گير ٿيو ويٺا آهن. جن جو ڪو به ڌڻي سائين سامهون نٿو اچي.

وري لبيا جو مثال وٺو. تيل پيدا ڪندڙ هڪ اهم ملڪ پر اتان جي قومي ادارن کي تباهه ڪري، اتان جي حڪمران کي قتل ڪري، ان جو لاش رستن تي گهلي، ملڪ کي گهرو لڙائي ۾ گهيريو ويو. عراق جي صدر صدام جو حال خراب ڪري، اتي پڻ خانه جنگي پيدا ڪئي ويئي. هاڻ، عراق۾ وڌ کان وڌ بمن جا ڌماڪا ٿين ٿا ۽ ملڪ جو حال خراب آهي. مٿي لبيا جو پاڻ ذڪر ڪيو. شام جي حالت تباهه و بربارد آهي. يمن جون حالتون ڪنهن کان لڪل آهن، ا ڃا پاڻ آفريڪي ملڪن ڏي ڪو نه ٿا هلون، جو اُتي جيڪي حالتون آهن تن کي بنانا اسٽيٽ ٿو سڏجي جتي نه پوليس آهي، نه فوج، بس الله ڏي ٻانهون سهي.

افغانستان جو ماضي ياد ڪريو، ايران جي به آيت الله روح الله خميني جي قيادت نه سنڀالي ها، ته هو ته  ايران به شام ۽ عراق کان وڌيڪ برباد ٿي وڃي ها.

مقصد اهو ته قومي ادارا، جيڪڏهن تباهه ٿين، يا انهن کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو وڃي ته پوءِ حالتون تباهيءَ جي منزل ڏانهن وينديون آهن، جنهن جي اصلوڪي حقيقت کان ڪنهن به ذي شعور ماڻهوءَ کي بلڪل انڪار نٿو ٿي سگهي. هڪ ٻيو مثال پاڻ وٽ ٿي گذريو آهي. ۽ اهو آهي سوات جو. اتي اوهان پاڻ ڏٺو ته ڪيئن نه ڪجهه مذهبي عناصرن پنهنجون ڪورٽون، پنهنجو ريڊيو اسٽيشن ٺاهي، رياستي ادارن کي آئوٽ ڪري، ماڻهن کي سزائون ۽ جزائون ڏيڻ جو سلسلو ڪيئن نه شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ جڏهن فوج اتي ايڪشن شروع ڪيو ته الله جي بندن جي مسين مسين وڃي جند آزاد ٿي. اڃا به اسان جي آڏو ملڪ جي اترين علائقن جا مثال اکين آڏو آهن. جتي فوجي ادارا، ضرب مومن ذريعي انهن طاقتن جو مقابلو ڪري کين اتان پوئتي هٽائي ڇڏيو آهي.

يا اسين ملڪي حالتن جو جائزو وٺون. پشاور ۾ ڪنين سون معصوم ٻارن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو. آپگهاتي  بمن جو نه کٽندڙ سلسلو. عبادتگاهن، جن ۾ مسجدون، سني ۽ شيعن جون مسجدون، عيسائين جا گرجا گهر، ۽ ٻيون ڪاررايون، انتهائي ڏکوئيندڙ رهيون آهن. ڪراچي ۾ اڃا تازو بي گناهن کي بس ۾ قتل ڪندڙن جو انسانيت سوز واقعو ڪنهن کان ڳجھو آهي. خوش قسمتيءَ سان انهن قاتلن جي گرفتاريءَ کانپوءِ سندن انڪشاف ته وري لنڱ ڪانڊاريندڙ آهن.

اهڙين حالتن ۾ يا جنگ جهڙي صورتحال ۾ فوج جي خلاف تقريرون، ڪنهن به طرح سان مناسب آهن، نه آهن. ايم ڪيو ايم هڪ ذميوار سياسي جماعت هجي، يا نه هجي، ته ان تي پاڻ بحث نه ٿا ڪريون.پر ايم ڪيو ايم قائد کي بار بار لنڊن مان ويهي، ملڪ جي اهم اداري جي خلاف تقريرون ڪرڻ يا وري پوءِ انهن بابت معافي طلب ڪرڻ ڪنهن به طرح سان ملڪي حالتن لاءِ فائدي مند ڪونهي.

اوهان پاڻ ڏسو. هاڻ ايم ڪيو ايم پاڻ، انهن معاملن کانپوءِ دفاعي پوزيشن  ۾ اچي ويئي آهي. وضاحتن تي وضاحتون، پر انهن وضاحتن ۾ ته اهي اسان جا دوست پاڻ منجھي پيا آهن هن وقت سموري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن ۽ وڏي ڳالهه ته تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم به جهڙوڪه هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي  جي سامهون اچي ويون آهن. بي بي سي جي رپورٽ آهي ته تحريڪ انصاف نه برٽش سفارت خاني ۾ هڪ درخواست پڻ داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي آهي. ميمبر قومي اسيمبلي ڪراچي، عارف علوي جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جو وفد برٽش ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي رهائش گاهه تي پهتو ۽ برٽش هاءِ ڪمشنر مسٽر فلپ مارٿر کي ان قسم جي درخواست پيش ڪئي.

تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته الطاف حسين جي مذڪوره اعتراض جوڳي تقرير سبب پاڪستانين جي جذبات کي ڌڪ لڳو آهي ۽ پاڪستاني عوام ملڪي ادارن خلاف ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪندي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته ٻٽي شهريت رکندڙ شخص، برٽش تحفظ ۽ اتان جي سرزمين کي استعمال ڪندي ملڪي اهم ادارن جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي، ان ڪري هن جي تقريرن کي روڪيو وڃي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ ان قسم جو هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم پڻ سنڌ اسيمبليءَ ۾ انهيءَ قسم جو ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، مقصدن ٻنهي جماعتن هڪٻئي تي فوج جي توهين جو الزام هنيو آهي.

هوڏانهن ملڪ جي گهرو معاملن ۽ بچاءُ وارن وزيرن جو الطاف حسين جي ان بيان تي ته جيڪڏهن کيس هٽايو ويو ته ڪراچيءَ جون حالتون خانه جنگي تي وڃي پهچنديون.

گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار ته اهو به چئي ڇڏيو ته پاڪستان، الطاف حسين جي تقريرن بابت هاڻ انگلينڊ جي حڪومت سان ڳالهائيندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين خلاف لنڊن ۾ مني لانڊرنگ جو ڪيس هلندڙ آهي، جڏهن ته رينجرز ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس نائن زيرو تي ڇاپو هنيو، جتان ڪيترائي ناجائز هٿيار ۽ ٽارگيٽ ڪلنگس ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا هئا.

مقصد اهو ته انهيءَ ڳالهه کان ڪو به شخص انڪار نه ڪري سگهندو، ته ڪراچي مختصر وقت اندر رينجرز امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن ۾ نه فقط ايم ڪيو ايم، پر ٻين ڪجهه سياسي جماعتن جا ڪارڪن، يا ڀتي خور مافيا، ٽارگيٽ ڪلنگس ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي.

ان ڪري ڪراچي شهر ۾ بدامني کي روڪڻ لاءِ، ڪا ڪارروائي ٿئي ٿي، ته ان تي هرو ڀرو اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. ڪراچيءَ جي تباهي سموري ملڪ جي تباهي آهي. ملڪ ۾ شدت پسندي سموري ملڪ جي بربادي آڻي سگهي ٿي. ۽ انهن ڪاررواين کي روڪيندڙ  قومي ادارن خلاف ڳالهيون، مجموعي طور تي ملڪ لاءِ هاڃيڪار آهن.

مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته جن ملڪن ۾ قومي ادارا تباهه ٿيا آهن، اتي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به هٿ نه آيو آهي. ان ڪري خدارا، معروضي حالتن جو خيال ڪيو وڃي. چئوپاسي کان باهه ٻري رهي آهي، خبر ناهي ڪير ڪنهن جي اشاري تي ڪم پيو ڪري. ڪا خبر ڪونهي. ان ڪري حالتون ۽ انهن حالتن جو اندازو ڪري، پنهنجي ئي گهر کي برباد نه ڪيو وڃي ته اهو هن ۽ ايندڙ نسل تي وڏو احسان ٿيندو..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *