بالي ووڊ بي بي ڊول ڪترينه ڪيف 32 هين سالگرهه ملهائي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ بِي بي ڊول ۽ خوبصورت ترين اداڪاره ڪترينا ڪيف اڄ پنهنجي 32 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي. 16 جولاءِ 1983ع تي هانگ ڪانگ ۾ جنم وٺندڙ ڪترينا ڪيف جا والدين برطانوي شهريت رکندڙ آهن پر هنن پنهنجي زندگي جو ڳــَچ عرصو چين، جاپان، فرانس، سوئزلينڊ، برلن، بيلجيئم ۽ آمريڪي رياست هوائي ۾ گــُذاريو جنهن بعد هـُو مستقل طور ڀارتي شهر ممبئي ۾ منتقل ٿيا. 14 سالن جي عمر ۾ ماڊل طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ڪترينا ڪيف بالي ووڊ ۾ قدم 2003ع ۾ فلم ”بوم“ ذريعي ڪئي جيڪا باڪس آفيس تي ناڪام ثابت ٿي. ڪترينا جون 2005ع ۾ آيل فلم ”مينـَي پيار ڪيون ڪيا“ ۽ 2006ع ۾ رليز ٿيل فلم هم ڪو ديوانا ڪر گئـَي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪئي. ڪترينا تي قسمت جي ديوي 2007ع ۾ مهربان ٿي، سندس آيل فلمون ”نمستـَي لنڊن“، اَپنـَي، پارٽنر ۽ ويلڪم چڱيون خاصيون ڪامياب رهيون. ڪترينا جي فلمن ريس، سنگهه، اِز ڪنگ، نيويارڪ، عجب پريم ڪـِي غضب ڪهاني، راج نيتي، زندگي نا مليگـِي دوبارا، ميريَ برادري ڪــَي دلهن ، ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ بينگ بينگ کي باڪس آفيس تي بيحد ڪاميابي حاصل ٿي. ڪترينا ڪيف کي فلمن ۾ بهترين پرفارمنس ڏيکارڻ تي ڪيترائي ايوارڊن پڻ نوازيو ويو. آئٽم نمبر شيلا ڪــِي جواني ۽ چِڪنــِي چميلــِي ذريعي باڪس آفيس تي ڌاڪو ڄمائيندڙ بار بي ڊول جي سلمان خان سان آيل فلم اَيڪ ٿا ٽائيگر، شاهه رخ خان سان ”جب تڪ هــَي جان“ ۽ عامر خان سان آيل ”ڌوم ٿِري“ سئو ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون. پنهنجي خوبصورتي ذريعي ڪروڙين مداحن جي دلين ۾ گهر ڪندڙ ڪترينا ڪيف کي هن وقت تائين چار ڀيرا ايف ايم ايڇ ميگزين طرفان دنيا جي پـُرڪشش ترين عورت قرار ڏنو ويو آهي. ڪترينا ڪيف جي ايندڙ فلمن ۾ رنبير ڪپور سان ”جـَگا جاسوس“، سيف علي خان سان ”فينٽـَم “ ۽ اَدتيا راءِ ڪپور سان فتور شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *