عيد ڪجي يا گهرن ۾ ويهي گهر جي سنڀال؛امام علي ڀلائي

رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ ڄامشوري ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، جيئن جيئن عيد ويجهي ايندي پئي اچي، تيئن تيئن ڏوهن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي. لکين روپيا، سون،  موٽر سائيڪلون ۽  ڪارون ڦُريون وڃن ٿيون ! قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص ڪري پوليس جو ڪم ۽ ڪردار سواليا نشان بڻجي ويو آهي. عيد جي خريداري جي ڪري ماڻهو، پنهنجي گهران نڪرن ٿا، پر اُنهن جي مُنهن تي خريداري واري خوشي بدران، غير يقيني ۽ خوف جون ريکائون ڏسڻ ۾ اچن پيون! حيرت آهي ته اسين هڪ اهڙي بيمار سماج ۾ رهون پيا، جتي اسين ڪنهن به خوشي کي محسوس نٿا ڪري سگهون! اسان جون خوشيون، اسان جون خريداريون، اسان جا سُک، ڏوهارين جي نشاني تي آهن. اهڙي حالت ۾ ”خوشي ۽ خريد“ ۾ اُهو ساءُ ناهي رهيو، جيڪو ساءُ پُرامن ماحول ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان خريداري ڪندي ايندو آهي. بدامني جي ڪري اسان جون خوشيون به خوف ۽ ڊپ جي وَر چڙهي رهيون آهن. عيدون اينديون آهن ته ماڻهن کي وقتي خوشي ڏئي وينديون آهن. هاڻي ته ڏوهاري اسان کان اسان جون وقتي خوشيون به ڦُري رهيا آهن! اهڙي بدامني ۽ خوف واري ماحول ۾ ڪنهن گهڙي ”سُک جو ساهه کڻڻ“ به غنيمت سمجهيو وڃي ٿو ۽ سُک جو ساهه کڻڻ، اسان جي زندگين مان ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي! عيد جي خوشي هوندي ئي ٻارن ۽ عورتن جي آهي. بدامني تي ضابطو نه اچڻ جي ڪري، ٻارن ۽ عورتن کان به خريداري جون خوشيون کسيون پيون وڃن! جنهن سماج ۾ مائرون ۽ ايندڙ نسل، پنهنجون خوشيون، خوف ۾ گُذاري ڇڏين، اهڙي سماج ۾ اڳتي هلي، اهو خوف ۾ جيئندڙ نسل پنهنجو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ پر اسان جي سماج ۾ ڪي ماهر نفسيات ته ناهن، جيڪي اسان کي نفسياتي مرضن ۽ بيمارين بابت ڄاڻ ڏئي سگهن.

پوليس جو ادارو، ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ جڙيل آهي. ڄامشورو پوليس جو ايس ايس پيِ سٺو ڪيپٽن ۽ سٺي ساک ۽ رکندڙ آفيسر آهي، جنهن جي ڪم کان هرڪو واقف آهي، پر الائي ڇو هِن ڀيري ڄامشورو پوليس، انتظامن جي حوالي سان خاموش آهي! ميڊيا تي هلندڙ خبرن ڄامشورو پوليس جي ڪرپشن جي رڪارڊ کي پڌري پٽ ڪري ڇڏيو آهي. سيوهڻ جي ميلي دوران زائرين کي سڪيورٽي روڊن رستن تان ڦرڻ ۽ لٽڻ ۾ ڪابه قصر ناهي ڇڏي، ٻڌڻ ۾ ائين آيو پي ته اهو لٽڻ وارو ٺيڪو ڄامشوري جي انسپيڪٽر aمحمد خان برهماڻي کي ڏنو ويو، جڏهن ته 15 شعبان کان 22هين شعبان تائين ٺيڪو مڪمل ٿيو ته پوليس جي ماڻهن موجب 50 لک روپين جو ٺيڪو مڪمل ٿيو هو هاڻ عيد ويجهي آئي آهي ته خبر ناهي اهو ساڳيو ٺيڪو هاڻ وري ڪنهن سنڀاليو آهي ۽ ڪير ذميواريون سنڀاليندو ،ڄامشوري جي ايس ايڇ او رمضان ايندي ئي هوٽلن ۽ فحاشي،منشيات جي اڏن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي هئي ، مقامي ڄامشوري جي صحافين ان معاملي کي پرنٽ تي شايع ڪيو، ايس ايڇ او سندن مٿان ڏمرجي پيو، هاڻ ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته ڄامشوري جي مقامي ميڊيا تي پوليس جو ڪيترو اثر آهي. هوڏانهن شهر اندر مقامي دڪاندار ۽ ريڙهن ۽ پڪوڙا کپائيندڙن کي به پوليس نه بخشيو آهي، شام ٿيندي ئي پوليس موبائيل شهر ۾ ريڙهن تان فروٽ ،پڪوڙا سنبوسا ، شهر جي هر هڪ دوڪاندار کان ائين وٺندا آهن، ڄڻ ته سندن سرداري نظام هجي،ٿيڻ ته ائين کپي جو اهڙو سيڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي، جو ماڻهو پُرامن ماحول ۾ پنهنجي عيد جي خريداري ڪري سگهن! پر هِن وقت تائين اهڙي قسم جو ڪو به سيڪيورٽي پلان ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، جنهن کي ڏسي ڄامشوري جا شهري سُک جو ساهه کڻي سگهن ۽ پُرامن ماحول ۾ گهمي ڦري سگهن ۽ انهن جي آزادگي ۾ خلل نه پئي. پُرامن ۽ آزاد فضا حيدرآباد واسين جي لاءِ خواب بڻجي چُڪا آهن. اِها سڄي ذميواري پوليس تي عائد ٿئي ٿي؛ ۽ اسين ڄامشورو پوليس جي اعليٰ عملدارن کان اِها گهر ٿا ڪيون ته هاڻي سان ئي شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاءِ هڪ سيڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي، جنهن سان شهرين کي پنهنجي جان ۽ مال تحفظ جو يقين ٿئي ۽ پوليس ماڻهن جو ڀروسو قائم ٿئي، جيڪو بظاهر ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. اسين پوليس جي ڪردار تي ڪنهن به قسم جي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بجاءِ، رُڳو اِهو چاهيون ٿا ته ڄامشوري ۾ امن قائم ٿئي ۽ ڄامشوري واسي خوف ۽ ڊپ واري ماحول مان نڪري پرُامن ۽ آزاد فضا ۾ آزادگي سان زندگي گذاري سگهن ۽ پنهنجي جان و مال جي تحفظ جي احساس سان عيد جي خريداري جي خوشين کي ڀرپور نموني ماڻي سگهن! اُميد ٿا ڪيون ته ڄامشورو پوليس، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجو گهُربل ڪردار ادا ڪندي ۽ حيدرآباد مان بدامني جون جَڙون پٽي اُکيڙي ڇڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *