وطن پياري ۾ پياري ۾ پياري شيءِ آهي، وطن سان نه رُڳو ماڻهو پر جيت جانور ۽ پکي به پيار ڪندا آهن، هن وقت اسين نه رڳو ملير جا ماروئڙا يا رُڳو ٿري ۽ ڍاٽي آهيون، هن وقت ته اسين اُن آزاد ۽ خودمختيار مُلڪ جا باشندا آهيون، جنهن کي پاڪستان چئجي ٿو ۽ سنڌڙي جنهن کي ماءُ جهڙن لقبن سان پُڪاريون ٿا، اُهو اسان جو يعني صوبو آهي ۽ ٿرپارڪر ته اُن جو فقط هڪ ضلعو آهي، جنهن جي ايراضي فقط 19638 اسڪوائر ڪلو ميٽر ۾ پکڙيل آهي ۽ آدمشماري 15 لک جي لڳ ڀڳ ٻُڌائي پئي وڃي. هِن وقت ڏيپلو، مٺي، ڇاڇرو، ننگرپارڪر سميت اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي کي پڻ تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٽوٽل ڳوٺ ئي 2305 آهن، 15 لک جي آبادي مان 50 سيڪڙو عورتون ۽ 20 سيڪڙو ٻار آهن، جڏهن ته هِن وقت به ٿر مان 3 ايم اين اي ۽ 5 ايم پي اي ۽ هڪ وزير به ٿر جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف وري هن سال ٿر کي ڏُڪار سٽيل قرار ڏئي ڪروڙين روپين جا سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت، بحريه ٽائون ۽ ٻين امدادي ادارن کان پڻ وڏا وڏا ٿر جي مُتاثرن جي بحالي لاءِ اعلان ڪيا ويا آهن، انهن ڪروڙين رپين جي امدادي اعلانن کانسواءِ هر ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي سال به سال فنڊ 5 کان 6 ڪروڙ پڻ ملن ٿا، پر سالن کان ملندڙ اُهي فنڊ ۽ اهي امدادي اعلان ڪٿي ۽ ڪهڙن ڳوٺن ۾ استعمال ٿيا ۽ خرچ ٿيا؟ انهن جو ٿر ئي ٻُڌائي پيو ۽ ٻُڌائيندو رهندو. پ پ سينيٽر گُل محمد لاٽ، ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، موجوده ايم اين اي فقير شير محمد جلالاڻي، ايم پي اي مهيش ملاڻي کان ضرور وري اليڪشن ۾ عوام ڏسڻ جي خواهشمند هوندي، جن اڳواڻن جي منهن ڏسڻ لاءِ هن وقت عوام پريشان پڻ آهي.کڻي قلم هٿ ۾ جي ڪيم ملير مُهاڙته سامهون ٿيون شور جون آيون ٿي آپارلکي ڇا لکان يار، درد رُڳو هن ديس ۾هي سٽون وري ورجائڻ کان آئون قطعي رهي نه ٿو سگهان ته مُون هِن دردن جي ديس ۾ ڀٽن جو ڀٽڪيل، اُداس ۽ اُڃايل، جيءَ جهُرندڙ جهانگيئڙن، سُڏسڪندڙ سانگيئڙن، منهن لٿل ماروئڙن اٽي، لٽي، اجهي ۽ پاڻي لاءِ سدا پريشان، اُس ۾ اُسڙ ڪندڙ الائي ڪيترن انسانن جون اُڀ ڏاريندڙ آهون ۽ دانهون ڪنن سان ٻُڌم ۽ اکين سان ڏٺم، ٿر چوڻ ۾ ڏاڍو سولو ۽ سادو آهي، پر هتي جي ماروئڙن جي زندگي ڏاڍي ڏکي ۽ اڙانگهي آهي، سچ پڇو ته هن ڌرتي جي باشندن گهڻو لوڙيو ۽ ڀوڳيو آهي، ڌارين جي يلغارن، بخاري پٺاڻن، انگريزن، ترخانن ۽ ارغونن کان علاوه ڪڏهن ڏڪارن ته ڪڏهن ٻوڏن، ڪڏهن طوفانن ته ڪڏهن زلزلن، ڪڏهن تڏن ۽ مَڪڙن ته ڪڏهن نام نهاد وياج خور اين جي اوز ۽ وياج خور وڏيرن به هِن ڀونءَ کي ڀيلائڻ ۽ سانگيئڙن کي سُور ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ڪا ئي ڪسر ڪانه ڇڏي آهي، پر هن ڌرتي جي سدا سورمن ۽ سُورمين، سٻاجهڙن ۽ سَچارن، دليرن ۽ بهادرن ۽ مهمان نواز، مُحبتي ۽ مڻيادار وطن پرست وانگيئڙن ڪڏهن به مايوس بڻجي نه ماٺ ڪئي نه ئي پنهنجن اڏول ۽ ڪارونجهر جيان ڪَر کنيل مضبوط ارادن ۽ اُميدن مان نراس ٿي ڪڏهن به الله مان آسرو ڪو نه پليو اٿن، هي سدائين سوين سور سختيون ۽ صدما سهڻ باوجود پنهنجا هزارين درد، ڏک سور ڏوجهڙا ۽ تڪليفون دل ۾ دفن ڪري، مرڪون پکيڙي سدائين مُرڪندا ئي رهيا آهن. ٿر نه رڳو روپلي ڪولهي، جهان خان کوسو، مائي ڀاڳي، رائيچند هريجن، فوزيه سومرو، موهن ڀڳت، عثمان اديب يا ٻين انيڪ نامور سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن، اديبن، ليکڪن، صحافين، دانشورن ۽ اديبن جي ڌرتي آهي ۽ نه ئي رُڳو رنگ برنگي لباس دلڪش تهذيب، ادب، اخلاق، محبت مهمان نوازي، ڀائيچاري، محبت، مال مويشي، ڌڻڪار، ڀٽن، بَرن مڙهن مندرن، قُدرتي معدني وسيلن جنهن طرف به جاچبو، هي اسان جو ٿر دنيا کان مُنفرد ۽ پنهنجي سونهن سوڀيا سميت سڀني کان نمايان خطو ڏسڻ ۾ ايندو. مون کي افسوس آهي، مُنهنجي هن سنڌڙي جي ڪُجهه اهڙن سُٺن شاعرن، اديبن، ليکڪن تي جيڪي هتي جي ”عورت جي حُسن ۽ سونهن تي“ پير جي نُنهن کان وٺي گل جي تر کان چوٽي واري بڪل تائين ته پنهنجي غزلن، بيتن ۽ لکڻين ۾ لکي سگهن ٿا، پر ٻه دلا مٿي تي کڻندڙ ۽ ڪوهين ڏور منزل تان ٻيلهڙا کڻندڙ پاڻي لاءِ پريشان اُن عورت جي ڏکن ڏاکڻن، بُکن بدحالين، مجبورين ۽ سندن تڪليفن کي هڪ سٽ ۾ به سهيڙي نٿا سگهن، ٿر جنهن کي مارئي جو مُلڪ ملير چئي اسان جي نه ڄاڻ ڪيترن شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين ايترو ته ساراهيو آهي، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ هونئن به سچ پچ هِن مٽي جو ڪوئي مُلهه ناهي، هي سورمن ۽ سورمين جو ديس آهي ۽ جيڪي ڪُجهه هِن مٽي ۾ آهي، اُهو گهڻو ڪجهه آهي.رڳو نه ٿر ٿوهر، رُڳو نه ڌرتي ڌوڙ،ڪڻي جنهن به پروڙ، موتي تنهن ئي ميڙيا. ڏسي ڏيهه جا ڏکڙا، ڪي ڏکويا ڏُسڪن،سُکيا ڇا سمجهن، سواءِ سور سهڻ جي.هونئن ته ٿر سڄو مسئلن جو ڄار آهي، پاڻي جو مسئلو، تعليم جو مسئلو، صحت جو مسئلو، سفر جو مسئلو، روڊ جو مسئلو، لائيٽ جو مسئلو ۽ ٻيا به کوڙ سارا مسئلا، جن تي وقت به وقت آئون پنهنجي حال سارو لکڻين ذريعي ذڪر ڪندو رهيو آهيان.
**********(جاري)********
هن وقت به هتي جي حالت ڏسو سچ پُڇو ته دل جلي ٿي، باهه ٻري ٿي، ٿرپارڪر ضلعي جي مڙني مسئلن تي لکڻ لاءِ نه رُڳو هي هيڪڙو ڪالم بلڪه ڪيئي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا، پر هن وقت آئون فقط ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي جي ڪُجهه اهم ۽ خاص مسئلن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. هي وقت اسان سڀني لاءِ جاڳڻ ۽ جاڳائڻ جو آهي، اڄ به جي اسان پنهنجي ماءُ ۽ منزل کي نه ڏسنداسون ته وقت جون ويرون اسان کي هڪ اهڙي اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي سگهن ٿيون، جنهن مان نڪرڻ لاءِ اسان کي نه ڪي چند سال بلڪه صديون کپن، حقيقت ۾ هي سڄو معاشرو اسان جو ئي ٺاهيل آهي ته اسان جو ئي بگاڙيل آهي. هِن معاشري ۾ رهندڙ هر فرد تي ڪُجهه ذميواريون پڻ عائد ٿيل آهن، ڪاش جي اُهي ذميواريون اڄ به جي اسين سڀ پنهنجي نهايت ديانتداري، ايماندار، پُرخلوص سچي نيت ۽ وطن دوستي جي جذبي سان نڀايون ته هوند هي سڄو معاشرو سون ٿي پوي، ڪوبه ماڻهو ذات پات يا مذهب جي بنياد تي اتم يا اعليٰ ناهي، پر سندس نيڪ ڪارنامن، سچاين ۽ سُٺي اخلاق جي اعليٰ گُڻن جي حيثيت سان هو اتم يا اعليٰ ٿي سگهي ٿو. مدر ٽريسا جو هڪ قول آهي ته ماڻهن کي اَن جي اُڻاٺ نه بلڪه محبت جو ڏُڪر ماري ٿو. ”ڏُڪر جو ذڪر ايندي ئي لون لون ڪانڊارجيو وڃي ٿو، هونئن ته ٿرپارڪر ۾ ڏُڪار ڪو نئين ڳالهه ناهي“ پاڪستان جي آزادي کانپوءِ به ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڪيئي ڏُڪار آيا، ماڻهن وڻن جا ڇوڏا به کاڌا، هڪ ڏُڪار محمد خان جوڻيجو جي وزارت اعظميٰ واري دور ۾ به آيو، جيڪو به تمام خطرناڪ ڏُڪار هو، رڳو ڏڪارن نه بلڪه ٻوڏن به وڏي تباهي مچائي. 2011ع واري ٻوڏ جنهن کي تازي ٻوڏ به چئي سگهجي ٿو. ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڏيپلي ۾ جيڪو هِن ٻوڏ دوران نقصان ٿيو، اُهو اڄ به لڪل ناهي، غريب ۽ مسڪين ماڻهو جا جهوپا جهري ويا، هزارن جي تعداد ۾ گُذر سفر جو چوپايو مال پڻ مري تباهه ٿي ويو. يوسي جهرميو ڊاڀڙو ۾ جاگير ٻنيون ٻُڏي لوڻ جون کاڻيون ٿي ويون، پر حڪومت طرفان اڄ ڏينهن تائين نه اهڙين ٻنين جي صحيح سروي ٿي نه ئي مُتاثر ٿيل ماڻهن کي ڪو معاوضو مليو. بهرحال ٿر رُڳو بر ناهي. هن مٽي جو ذرو ذرو زر ۽ سون آهي، جت رُڳو ڪارونجهر جبل مان سوا سير سون جيتري آمدني روزانو صدين کان ملندي هُجي، جتي ڪوئلي جون کاڻيون، لوڻ جون کاڻيون، چائنا ڪَلي، گرينائيٽ، مال مويشي، وڻڪار، هٿ جا هُنر، زراعت، هيڏين وڏين نعمتن باوجود ٿر جي ماڻهن کي غريب ۽ مسڪين ماڻهو چوڻ اسان تي ٺٺول ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ مون کي افسوس آهي هيترن وڏين نعمتن هُئڻ باوجود ڏُڪارن ۾ هتي جا ماروئڙا سرڪاري امدادن جي آسري تي پيا اکيون اُڀ ۾ ڀَٽڪائين! هن وقت غربت حد کان وڌيڪ وڌيل آهي، ماڻهو صفا مجبور ۽ لولي لاءِ به ڪيترائي لاچار بڻيل آهن، هزارين بيروزگار ڊگرين يافته پڙهيل لکيل نوجوان سرڪاري نوڪريون نه ملڻ ڪري ۽ عمر جون حدون وڌڻ ڪري خودڪشيون ڪرڻ لاءِ پڻ مجبور آهن. تعلقي ڏيپلي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گذريل ٽن سالن کان ڏڪار جون سنگين ۽ خطرناڪ حالتون جيئن جو تيئن برقرار آهن. هن وقت تائين هزارن جي تعداد ۾ گذر سفر جو خاص ذريعو چوپايو مال پڻ مري چڪو آهي ته بچيل ۾ وري بُک وگهي بيماريون پڻ هلي رهيون آهن. غريبن کي ڪو به آٿت ڏيڻ وارو ڏسڻ ۾ نٿو اچي. تعلقي ڏيپلي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هن وقت به ڏڪار جا راڱا جاري آهن، ٻن سالن کان ڏڪاري حالتون هئڻ باوجود ڪيترن ئي خاندانن کي گذريل ٻن سالن دوران فقط رليف واري ڪڻڪ جي ٽن قسطن کان علاوه اڄ ڏينهن تائين ٻيو ڪجهه به نه مليو آهي. گذريل سال واري ڏڪار ۾ ڪروڙين رپين جا ڪيل اعلان ۽ امدادون پڻ فقط ڪجهه مخصوص ماڻهن تائين پهچي سگهيون آهن!