”سامونڊين سائين! واءُ سڻائو وارئين ؛ مشتاق گبول

                         تازي آيل ٻوڏ کانپوءِ طوفان ”نيلوفر“ اچي پيو، جيڪو ڪراچي کان 250 ڪلوميٽر جي فاصلي تان گذري ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته انهيءَ طوفان جون ٻاهريون لهرون پاڪستان جي ساحلن سان ٽڪرائبيون. طوفان جي گذرڻ وقت سنڌ جي ساحلي علائقن ۽ ٿر واري پٽي ۾ تيز هوائون هلنديون ۽ مينهن وسندو.

چيو پيو وڃي ته اهو سامونڊي طوفان چوڏهن ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان وڌي رهيو آهي. هندستان پنهنجي ساحلي پٽي جا اسڪول ۽ ڪاليج ٻن ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ 200 امدادي ڪيمپون قائم ڪري ورتيون آهن. جڏهن ته ان جي برعڪس وفاقي حڪومت يا سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن اڃا تائين امدادي ڪئمپون قائم ناهن ڪيون ۽ نه ئي ماڻهن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ئي ڪري سگهيا آهن. منتقلي جي حوالي سان ڏسجي ته هندستاني حڪومت، هن وقت تائين 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تائين پهچايو آهي.

مينهن، زلزلا ۽ طوفان، قدرتي آفتون آهن، انهن کي روڪڻ ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي پر انهن قدرتي آفتن کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو، انهن کان احتياطي اُپاءُ وٺي سگهجن ٿا، جنهن سان انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون پر اسان وٽ قصو ان جي اُبتڙ آهي! هنگامي حالتون لاڳو ڪيون وڃن ٿيون ۽ ساحلي علائقا خالي ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي وڃي ٿي! ائين ڪري وزير وڙا ڄڻ ته پنهنجي پاڻ کي ذميوارين کان آجو قرار ڏين ٿا پر انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه پئي اچي ته ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ جي ذميواري حڪومت جي آهي تنهن ڪري اِهو سوال ٿو اُٿي ته سخت متاثر ٿيندڙ ساحلي علائقا خالي ڪرائڻ لاءِ اڄ تائين وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ڪهڙا بندوبست ڪيا آهن؟

ٺٽي، بدين، سجاول، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ۽ سنڌ سرڪار هنگامي حالتن جو اعلان ڪري، ڇا پنهنجي ذميواري کان آجي ٿي وئي آهي؟

سنڌ حڪومت اهو ڇو نه پئي ٻُڌائي ته هن وقت تائين ڪيتريون امدادي ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن؟

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سمورن ساحلي علائقن ۾ هنگامي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته انهن علائقن جي رهائشي ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اُهي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته انساني جانين جي نقصان کان بچڻ جي لاءِ حڪومت، وڏن اشتهاري بورڊن کي هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي مالڪن کي به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اُهي پنهنجا اشتهاري بورڊ هٽائي ڇڏين جيڪڏهن انهن جي ڪري ڪنهن انساني جان جو نقصان ٿئي ٿو ته ان جي ذميواري اُنهن جي هوندي ۽ ان صورت  ۾ اُنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي! انهيءَ بيان کي غور سان پڙهجي ته خبر پئجي ويندي ته حڪومت اشتهاري بورڊ هٽائڻ وارو ڪم به نه ڪري سگهندي!

جيڪا حڪومت، طوفان جي اچڻ تائين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ڪري سگهي هُجي، جيڪا حڪومت، امدادي ڪئمپون قائم نه ڪري سگهي هجي ته اُها حڪومت ٻيو ڇا ڪري سگهندي؟ ان حڪومت کان باقي ٻيو ڪهڙو ڪم ٿي سگهندو؟ سنڌ حڪومت کي 1998ع ۾ آيل طوفان کي نه وسارڻ گهرجي، جنهن بدين ۾ وڏي تباهي آندي هُئي ۽ ماڻهن هنيانو ڏاريندڙ منظر اکين سان ڏٺا هئا، جن ۾ وڻن تي ٽنگيل ماڻهن جي لاشن کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي؟

سامونڊي طوفانن جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ۽ رڳو پاڙيسري ملڪ هندستان کي ڏسجي ته اُتي به سامونڊي طوفان تباهي مچائيندا رهيا آهن. 1999ع ۾ ڀارت جي رياست اڙيسه ۾ آيل ”سپر سائيڪلون“ سان ڏهه هزار مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ڀارت جي ساحلي پٽي ۾ ”هُد هُد“ طوفان ٽڪرايو هو، جنهن سان 40 کان مٿي انساني جانين جو نقصان ٿيو هو ۽ وڏي پئماني تي مالي نقصان پڻ ٿيو هو. ڀارت کي انهيءَ طوفان جي ڪري ساڍا ٽي لک ماڻهو، محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪرڻا پيا هئا!

انهيءَ حوالي سان ڏسجي ته سنڌ حڪومت وٽ هنگامي حالتن وقت اُهي ڪهڙا ذريعا آهن؟ جن جي ذريعي هلندڙ مصيبت ۾ هوءَ ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقلي وارو ڪم ڪري سگهي ٿي.

اسان جي ملڪ جي اها بدقسمتي آهي ته اهو اڃا تائين  مينهن، طوفان، زلزلن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل اوزار ۽ ذريعا قائم نه ڪري سگهيو آهي! ٻوڏون اينديون آهن ته تباهي مچائي وينديون آهن، مينهن وسندا آهن ته تباهي مچائي ويندا آهن ۽ طوفان ايندا آهن ته اُهي پڻ وڏي تباهي آڻيندا آهن! پر اسان وٽ گهربل سامان، مشينري ۽ اوزار نه هجڻ ڪري، امدادي ٽيمون، امدادي ڪاررواين وقت بهتر ۽ خاطر خواهه نتيجا نه ڏيئي سگهنديون آهن!

ڏٺو وڃي ته ماڻهن کي قدرتي آفتون ۽ مصيبتون گهٽ مارينديون آهن پر حڪومت جي غفلت وڌيڪ ماريندي آهي؟

انڊيا ۾ ڇنڇر تي طوفان ايندو. پر انهن هن مهل تائين نه رڳو 30 هزار ماڻهو محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪيا آهن پر 200 امدادي ڪيمپون پڻ قائم ڪري ورتيون آهن ۽ اسان جي حڪومتن جي حالت اها آهي جو طوفان اچي ويو آهي پر اڃا تائين اُهي ڪجهه ناهن ڪري سگهيون!

وفاقي حڪومت، ’نيلوفر‘ طوفان جي آمد جي حوالي سان سنڌ حڪومت کان لاتعلق بڻيل آهي! انهيءَ لاتعلقي کي ڇا سمجهجي؟

انهيءَ کان علاوه جيڪي هوڙها ۽ ٻيڙيون سمنڊ ڏانهن ويل هيون، اُنهن مان پڻ اڃا تائين گهڻن جي واپسي ناهي ٿي!

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ حڪومتون اهڙي قسم جو بندوبست نه ڪري سگهيون آهن، جو انهن ٻيڙن ۽ هوڙهن جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهي سگهجي ۽ وقت بوقت اُنهن ماڻهن کي قدرتي مصيبتن ۽ آفتن کان آگاهي ڏيئي سگهجي!

’نيلوفر‘ طوفان سنڌ جي ساحلي پٽي جي ماڻهن جو ساهه سُڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته ماڻهو، حڪومتي دعوائن ۽ اعلانن کان واقف آهن. اُهي سمجهن ٿا ته مصيبت جي وقت ۾ حڪومت ڪجهه به نه ڪري سگهندي آهي ۽ نه ئي حڪومت وٽ اهڙا ڪي ذريعا آهن، جو اُن جون امدادي ٽيمون، طوفان جي وقت ريسڪيو واريون ڪارروايون ڪري سگهنديون! تڏهن ته ماڻهو پريشان آهن ته طوفان سان الائي ڪيتري تباهي ايندي ۽ الائي جي ڪيترو نقصان ٿيندو!

هڪ طرف ماڻهو ’نيلوفر‘ طوفان جي ڪري تيز هوائون ۽ تيز مينهن پوڻ واري امڪان کان گهٻرايل آهن ۽ سوچي رهيا آهن ته مسلسل ٽي ڏينهن مينهن وسڻ ۽ تيز هوائن کان پاڻ کي بچائي سگهجي ٿو. ايترا ڏينهن، جيڪڏهن ڪراچي ۾ مسلسل مينهن وسندو رهيو ته اُهو مينهن پڻ اڳ وانگر وڏو نقصان ڪري سگهي ٿو ۽ ڪراچي مينهن جي پاڻي ۾ ٻُڏي سگهي ٿي ۽ غريبن جا ڪچا اجها ڪري سگهن ٿا. هڪ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ۽ ٻئي طرف سمنڊ ويل ٻيڙين ۽ هوڙهن ۾ سوار ماڻهن جون وَهون، وڻجاريون، هٿ مٿي کڻي ٽِمندڙ اکين ۽ سُڏڪي گاڏڙ آواز ۾ لطيف جي سِٽ، دعا طور ورجائي رهيون آهن:

”سامونڊين، سائين! واءُ ڻائو وارئين.“

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *