سرڪاري ملازم ۽ پگهارن جو مسئلو

مختلف شهرن مان آيل خبرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄامشوري ضلعي مان پوليس کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 200 کان وڌيڪ نون اهلڪارن کي پگهارون نه ملڻ جي ڪري اهي ملازم سخت پريشان آهن، جنهن جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته انهن ملازمن جا اڃا بئنڪ ۾ اڪائونٽ نه کلي سگهيا آهن. جنهن ڪري اهي پگهار وٺڻ کان لاچار آهن، ڇاڪاڻ ته بئنڪن ۾ اڪائونٽ کلڻ ۾ هڪ مهيني کان به وڌيڪ وقت لڳيو وڃي ۽ جيستائين بئنڪون اڪائونٽ کوليندڙ شخص بابت مطمئن نه ٿين ۽ انهن جي تصديق بئنڪن جي هيڊ آفيس کان نه ٿي ٿيئي، تيستائين ڪنهن جو به اڪائونٽ نه ٿو کلي سگهي.

                      اهڙي ريت بدين کان به هڪ خبر آئي آهي جنهن تحت ضلعي ڪائونسل جي ملازمن کي گذريل 7 مهينن کان پگهارون نه مليون ۽ اهي پگهارون نه ملڻ جي ڪري گذريل ٻه عيدون به ملهائي نه سگهيا آهن. خيرپورناٿن شاهه جي ميونسپل ملازمن به احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو لڳايو آهي ۽ الزام لڳايو آهي ته 144 ملازمن کي گذريل ٻن سالن کان پگهار نه ملي آهي. قمبر مان خبر ملي ته اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن به پگهار نه ملڻ خلاف مظاهرو ڪيو، سندن چوڻ هو ته ڊيوٽي جوائين ڪرڻ کانپوءِ به اڃا تائين پگهارن وارو مسئلو حل نه ڪيو ويو آهي. اسان جيڪي خبرون مٿي ڄاڻايون آهن اهي رڳو ڪالهوڪين اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن، جڏهن ته اهڙيون خبرون هاڻ معمول بڻجي چڪيون آهن.

                      اسان سمجهون ٿا ته پگهار ۾ رخنو پوڻ جا ڪيئي ٽيڪنيڪل سبب به ٿي سگهن ٿا، ليڪن اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ملازم ڪيترائي مهينا احتجاج ڪندا رهن، پر انهن کي پگهار ڏيڻ لاءِ ڪو به تحرڪ وٺندو نظر نه اچي. اسان اها ڳالهه به نوٽ ڪئي آهي ته جن سرڪاري کاتن ۾ ٻه چار مهينن کان مٿي ملازمن جي پگهار چڙهي وڃي ٿي، تنهن اداري جو ڪم ڪار به ڄڻ ته ٺپ ٿيو وڃِي ۽ ائين به ڏٺو ويو آهي ته سرڪار جڏهن اها پگهار قسطن ۾ ڏيڻ شروع ڪري ٿي تڏهن به ملازم اها ئي رڙ ڪندا نظر اچن ٿا ته اسان کي جيستائين ٽوٽل پگهار نه ٿي ملي تيستائين ڪم ڪار به نه ڪنداسين، ائين ڪرڻ سان سرڪار ته قسطن ۾ سڄي سال جي پگهار ڏيو ڇڏي پر ملازم پگهارون نه ملڻ جو بهانو ڪري سڄو سال ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن. پگهارون نه ملڻ جي سلسلي ۾ سرڪاري ملازمن کي گهڻي کان گهڻي شڪايت مڪاني ادارن جي ملازمن جي آهي. جڏهن کان مڪاني ادارا ايڊمنسٽريٽرن ۽ اڻ چونڊيل نمائندن جي حوالي ٿيا آهن، تڏهن کان ته دانهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.

                      شايد ئي ڪو مڪاني ادارو هجي جنهن خلاف عوام جي ڪا شڪايت نه ٿيندي هجي. لڳي ٿو ته مڪاني ادارن ۾ ويٺل ڪامورن جي ڪرسين کي ڪا ”ايلفي“ لڳل آهي جو اهي پنهنجين ڪرسين تان اٿي سندن حدن ۾ ايندڙ شهرن ۽ ڳوٺن جو دورو نه ٿا ڪن جڏهن ته اهي ڏسن ته شهرن جي ڪهڙي حالت آهي ۽ عوام ڪهڙين مصيبتن ۾ مبتلا آهي.پر اهي آفيسن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. هن وقت سنڌ جا سڀيئي شهر ڄڻ ته گند جو ڍير بڻجي چڪا آهن، ڪنهن به شهر ۾ ڪو به عملو صفائي ڪندي نظر نه ٿو اچي، ويتر جڏهن کان ڪجهه مسلمان ملازمن کي سوئيپر ڀرتي ڪيو ويو آهي، تڏهن کان ته اهي سوئيپر ڄڻ ته پاڻ ئي مڪاني ادارن جا وڏا آفيسر بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته آرڊر وٺڻ وقت کين خبر هئي ته اسان کي سوئيپر ڪري ڀرتي ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي شهرن جا گٽر، روڊ ۽ رستا صاف ڪرڻا آهن. اهي جيڪڏهن ايڏا چڱا مڙس هجن ها ته پوءِ اهي ڀنگين سان گڏ هڪ ٿالهي ۾ کائڻ وارو آرڊر وٺن ئي نه ها.

                      اسان صفائي جي سلسلي ۾ جڏهن مڪاني ادارن وٽ موجود مختلف گاڏين ۽ ٽريڪٽرن کي ڏسون ٿا ته حيرت ٿيئي ٿي ته ايتريون گاڏيون هوندي به صفائي وارو عمل صحيح طريقي سان ٿيندو نظر نه ٿو اچي. جڏهن ته ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته اسان به ڇا ڪريون گاڏين لاءِ جيڪو پئٽرول اچي ٿو، اهو ان ئي ڏينهن سرندي وارن کان وٺي وڏين ۽ ننڍين پارٽين جي عهديدارن ۽ ڪجهه صحافين ۾ تيل وارين پرچين جي شڪل ۾ ورهائجيو وڃي. يعني ڪنهن کي 100 ليٽر ته ڪنهن کي 500 ليٽر تيل جي پرچي گهر ويٺي پهچائي وڃي ٿي. اهڙي ريت ترقياتي ڪمن لاءِ جيڪي رقمون اچن ٿيون اهي به سفارشي ٺيڪيدارن کي ڪوڙن ڪاغذن تي اڳواٽ ئي ورهائجيو وڃن.

                      اهڙي هڻ وٺ واري صورتحال ۾ ڪو به سرڪاري ادارو ملازمن کي نه ته ڪا پگهار ڏيڻ واري پوزيشن ۾ آهي ۽ نه ئي اهو ادارو عوام کي شهري سهولتون فراهم ڪري سگهندو. اسان جيتوڻيڪ اها صورتحال اشاري طو ر هڪ اداري جي لکي آهي پر هتي ته ڄڻ ته سڀني ادارن جو جهڳو ئي جهڻ لڳو پيو آهي. سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ گڊ گورنينس جو نه هجڻ جا سبب به اهي به آهن ته جيستائين هيٺين سطح تي ادارن جي نگراني نه ڪئي ويندي، تيستائين نه ته ڪا ڪرپشن ختم ٿيندي ۽ نه ئي ”گڊ گورنينس“ قائم ٿيندي اهڙي ريت نه ملازمن کي پگهارون وقت سرملي سگهنديون ۽ نه ئي عوام کي شهري سهولتون حاصل ٿي سگهنديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *