عورتن لاءِ ٽرانسپورٽ پاليسي صرف ڪاغذي!: شبانه علي

ادي ٻي ڪا عورت ناهي، ان ڪري توهان کي ٻه سيٽون وٺڻيون پونديون! مجبورن چُپ ڪري ٻه سيٽون ورتم. ٿوري دير کان پوءِ اسٽارٽر ڀاڙو ورتو ۽ وين هلڻ شروع ٿي ته پويان آواز آيو ته ابا اي سي ته هلا گرمي آهي. ان تي ڊرائيور وراڻيو ته اڄ سي اين جي بند آهي، اي سي نه هلندي. اهو ٻڌي مون چيو ته پوءِ جڏهن سي اين جي کليل هوندي آهي ته ڀاڙو گھٽ وٺندا آهيو ڇا؟ اسان کي ڀاڙو واپس ڪيو جي توهان اي سي نه ٿا هلايو! ان تي ڊرائيور جام گوڙ ڪيو ۽ آخرڪار مجبور ٿي اي سي ته هلايائين پر اها هڪ ڏينهن جي ڳالهه ناهي، اهو قصو هر ٻئي ٽئين ڏينهن حيدرآباد ۽ ميرپورخاص اسٽاپ تي ٿيندو رهندو آهي.

جڏهن اسان هر وقت عورتن جي حقن جي ڳالهه ٿا ڪريون، جنهن ۾ ننڍي عمر جي شادي زور زبردستي جي شادي، ڇوڪرين جي تعليم ۽ ٻيا ڪيترائي صنفي بنياد تي ٿيندڙ اڻ برابري جا سلوڪ ۽ اهڙا ٻيا مسئلا، پوءِ آخر هن مسئلي تي اسان ايترا خاموش ڇو آهيون؟

مون گھر پهچڻ سان ئي روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي ويب سائيٽ چيڪ ڪئي ته جيئن ڏسان ته ڪو اهڙو ڊاڪيومينٽ يا پاليسي هجي، جنهن مان اها خبر پوي ته عورتن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ڪهڙا حق مليل آهن. پر واهه ڙي سنڌ گورنمينٽ! مجال آهي جو ويب سائيٽ تي ڪو اهڙو ڊاڪيومينٽ رکن، جنهن سان ماڻهن کي ڄاڻ ملي ته عوام جا ڪهڙا حق آهن ۽ ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ وارن کي مسافرن سان ڪيئن پيش اچڻو آهي.

ان ڪري مون (آر،ٽي،اي) ڊپارٽمينٽ وارن جي آفيس وڃي هڪ ڊاڪيومينٽ ورتو، جنهن ۾ لکيل آهي ته: عورتون سنڌ جي آبادي جو 50 سيڪڙو آهن ۽ ورڪنگ وومين مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهن، پر وقت جي حساب سان انهن ۾ واڌارو اچي پيو، ان ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ عورتن جي سيٽن جي ڪوٽا 30 سيڪڙو رکي وئي آهي. جنهن ۾ عورتن لاءِ مخصوص ۽ خاص جاءِ رکي وڃي ۽ ڪنهن به صورت ۾ فيميل سيٽون مردن کي نه ڏنيون وڃن. ان کان علاوه اهو به واضح آهي ته ڊرائيور سائيڊ کان هڪ الڳ پورشن لڳايو وڃي ته جيئن فزيڪلي عورتون محفوظ هجن. جتان وومين ورڪرز جو اچڻ وڃڻ گھڻو آهي، اتي خاص ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ جو گذر وڌيڪ ڪرايو وڃي ته جيئن کين آساني سان پبلڪ ٽرانسپورٽ ملي سگھي. پاليسي ۾ صرف اهو ذڪر ٿيل آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سگريٽ پيئڻ، تيز رفتاري، اوورلوڊنگ ۽ اوور ٽيڪنگ وغيره تي جرمانو آهي. پر عورتن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ٿيندڙ بدسلوڪي ۽ ناانصافي خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويندا، ان جو ذڪر ڪٿي به نظر نٿو اچي.

اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ عجيب محسوس ٿيو ته صرف لکت ۾ ئي حق ڏنا ٿا وڃن، اهو به صرف ڏيکارڻ لاءِ پر ان جي عمل لاءِ ڪجھ به ناهي. جيڪڏهن اسان ڏسون ته ڀلا جيڪا پاليسي ويب سائيٽ تي ئي ڏيڻ جھڙي ناهي ته ان جو عام عوام کي ڪھڙو فائدو ٿيندو؟

اسان جي معاشري ۾ حق حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار بابت ڪيترن ماڻهن کي ڄاڻ آهي، وري خاص طور تي ان عوام کي جنهن جو ٽوٽل 33 سيڪڙو پڙهيل لکيل آهي. ان ۾ وري اسان جون عورتن ڪيتريون پڙهيل آهن. ڇا ڊرائيور ۽ ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ وارن کي ڪا خبر آهي ته پاليسي مطابق اسان کي عورتن کي ڪهڙيون سهولتون مهيا ڪرڻيون آهن ۽ اسان جو ورتاءُ ڪهڙو هجڻ گھرجي.

اها ته پاليسي ۽ عورتن سان سلوڪ جي ڳالهه آهي! پر جڏهن اسان سھولتن جي ڳالهه ٿا ڪريون، جيڪي اتي اسٽاپ تي موجود آهن ته ائين سمجھو اهي نه هجڻ جي برابر آهن. اسٽاپ تي عورتن لاءِ ڪا خاص ويهڻ جي جاءِ نه آهي. عورتون ڪلاڪن جا ڪلاڪ گرم ۽ تتل اس تي بيٺل گاڏين ۾ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪنديون آهن. مرد ته پوءِ به گاڏي مان لهي وڃي ڇانو جي ڪنهن پاسي ۾ بيهندا آهن. ان کان علاوه نه ڪو باٿ روم نه ئي وري ڪو پيئڻ جي پاڻي جو انتظام هوندو آهي. افراتفري وارو منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڊرائيور پنهنجا من پسند ڀاڙا وٺندا آهن، کين ڪير به چوڻ وارو نه هوندو آهي ۽ نه وري انهن کي ڪو روڪڻ وارو.

سنڌ حڪومت جا ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل سڀ ادارا صرف آفيسن تائين محدود آهن، جيئن پاليسيون صرف فائيلن تائين ئي محدود آهن. انهن جي ڪا به امپليمينٽيشن ناهي. جنهن جي ڪري عوام ۽ خاص ڪري عورتون ڪيترو ڀوڳين ٿيون، ان جو احساس صرف عورتن کي ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *