ڇا بدين ۽ سانگهڙ درازا شريف بڻبا!؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

پاڪستاني سياست اندر ڌانڌليون ڪا نئي ڳالهه ناهي.جهموري سياست هجي يا آمريت جو راج پر پاڪستاني سياست اندر اها اليڪشن اليڪشن ناهي هوندي جنهن اندر ڌانڌالين نه ٿيون هجن.پر پاڪستاني معصوم عوام هميشه انهي ڌانڌلين واري حڪومت اندر ئي پنهنجي مقدرن جا فيصلا ٿيندي ڏٺا آهن،اهو ئي سبب آهي جو اقتدار جي ڪرسين جون واڳون سنڀالڻ وارن تي هميشه ڌانڌلين جا الزام لڳندا پيا اچن،۽ اها پاڪستاني سياست اندر ڌانڌيلن کي وائکو ڪرڻ ۾ عمران خان صاحب جو وڏو ۾ وڏو هٿ آهي.۽ پاڪستاني سياست جي تاريخ ۾ به اهو اهم واقعو آهي جو اين اي 122ايازصادق واري سيٽ جو اليڪشن ڪميشن اڌنڌلين جو نوٽيس وٺندي ٻيهر اليڪشن ڪرائي هجي.ڀلي انهي الڪيشن اندر عمران خان کي ٻيهر هار ضرور ٿي هجي پر اهو صاف ۽ واضع ثبوت آهي ته پاڪستان اندر ڌانڌليون ٿيون آهن،جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن انهي ڳالهه جو نوٽيس وٺندي انهي حلقي تي ٻيهر اليڪشن ڪرائي هجي،۽ پاڪستاني سياست اندر عمران خان صاحب هو اهو اليڪشن جي ڌانڌلين خلاف هنيل ڌرڻو به تاريخي ڌرڻو هو جيڪو صرف انهي بنياد تي هنيو ويو هو ته پاڪستاني سياست اندر شفاف چونڊن جو تصور به ڪرڻ درست ناهي ۽ پاڪستاني سياست اندر جيڪي ملڪ جون واڳون سنڀاليندا آهن.اهي پارٽي بنياد تي تڏهن مٿي ايندا آهن جو انهن الڪيشن اندر وڏي مقدار ۾ ڌانڌدليون ڪري سيٽون کٽيون آهن،

عمران خان جي هاءِ گهوڙا کي ڪنهن به ڪن نه ڏنو ۽ عمران جي سياسي اميج ڪرڻ جو ڪارڻ سندس گهر واري ريحام بڻي،پر پاڪستاني سياست اندر ايتري حد تائين ڌانڌيلون ڇو ٿيون ٿين.ڇا پاڪستاني آرمي يا پاڪستاني ريجنرس انهي ڌانڌلين تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي وڃي.ڇو انهي اليڪشن اندر هٿيارن جي نمائش تي پاپندي نه ٿي لڳائي وڃي.انهي سمورن سوالن جو جواب جيڪا پاڪستاني عوام گهري رهي آهي.انهي سوالن جو جواب نه ته پاڪستاني حڪومت وٽ آهي ۽ نه ئي پاڪستان آرمي وٽ،هن وقت پاڪستان اندر بلدياتي الڪيشن جا مرحلا هلي رهيا آهن.جنهن اندر پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي مرحلي جون تياريون زور شور سان جاري آهي.۽ انهي اليڪشن جي آسري ايم ڪيو ايم به رڙهي اچي سينٽ جو پاسو ورتو آهي ڇو ته ايم ڪيو ايم ميمبر جيڪي سنيٽ تان استيفيٰ ڏئي چڪا هئا.جن لاءِ حيدرآباد،ڪراچي اندر پنهنجون مخصوص سيٽون رکيل آهن.جن تان هو هميشه اليڪشن کٽيندا ٿا اچن.پر کين ايترو پريشان ڪنهن به ناهي ڪيو جيترو کين نواز حڪومت ۽ عمران خان ڪيو آهي ۽ اها به ايم ڪيو ايم جي تاريخ جي پهرين اليڪشن هئي جڏهن اين اي 145واري سيٽ تان جيڪا ايم ڪيو جي ميبمر جي استيفيٰ کان پوءِ خالي ٿي هئي.انهي سيٽ کي صرف ۽ صرف ايم ڪيوايم سان عمران خان ئي مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل هو.جتي عمران خان صاحب ايم ڪيو ايم لاءِ ايتريون ته پريشانيون پيدا ڪيون جو ايم ڪيو ايم کٽڻ لاءِ پوڙهن،۽ معذورن ۽ بيمارن جو به استعمال ڪيو جيڪو ايم ڪيو ايم زندگي ڀر پنهنجي سياسي ڪيئر ۾ نه ڪيو هو،

برحال انهي سيٽ تان نه عمران کي فتح نصيب نه ٿي پر قوم کي ايتري ضرور خبر پئي ته جتي هميشه ايم ڪيو ايم ڌانڌليون ڪري غريب مسيڪن ماڻهن کي پاردر هڻي ڪري اليڪشن کٽيندي هئي انهي سيٽ کي کٽڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي پور زور لڳائڻو پيو.پر هن وقت بلدياتي اليڪشن اندر سنڌ ۾ عمران خان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم سان هاڻ ڪير انهي سيٽن تي مقابلو ڪرڻ وارو ناهي انهي ڪري ايم ڪيو ايم بلدياتي اليڪشن جو مزو وٺڻ لاءِ سينٽ کان پنهنجون استيفائون واپس وٺي ڪري ٻئي مرحلي جي بلدياتي اليڪشن اندر اچي حصو ورتو آهي،جڏهن ته ٻئي مرحلي اندر بلدياتي اليڪشن تي نظر سموري اندر هن وقت ٻه اهڙا ضلعا آهن جن اندر هر پولنگ اسٽيشن تي فوج يا ريجنرس جو مقرر هجڻ ضرور آهي.ڇو ته بلدياتي اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ ٿيڻ واريون ڌانڌليون ڪنهن کان لڪل ناهن.جڏهن ته اليڪشن دوران پوري ملڪ اندر جٿي جٿي اليڪشن جو پهريون مرحلو جاري هو اتان ڌانڌلين جون خبرون ڌاڙا ڌڙ اچي رهيو هنيون پر سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ واقعي واري خبر تڏهن آئي جڏهن درازا شريف اندر هلندڙ پولنگ اسٽيشن اندر ڌاندلين کي وٺي ڪري جهيڙو ٿيو.جيڪو لتن مڪن کان ويندي، آخر هٿيارن تائين وڃي پهتو جنهن جي نتيجي اندر12ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته ان فائرنگ اندر ڪيترائي جڻا زخمي ٿي ويا هئا جن مان هڪ سانگهڙ واسي ڪالهه ڪراچي اندر فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته فوتين جو انگ وڌي ڪري 13 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته درازا شريف اندر ٿيندڙ واقعو ف ليگ سان تعلق رکندڙ هئا.۽ ف ليگ جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سانگهڙ سندس قعلو آهي.ان ڪري مان به ڪنهن سماجي اين جي او جي ڪنهن ڪم جي سلسلي سان ٽي ڏينهن کان وٺي سانگهڙ ۽ کپرو ۾ رهي رهيو آهيان.۽ مان پنهنجي سڄي زندگي اندر هٿيارن کي نمائش اهڙي ناهي ڏٺي جهڙي کپرو ۽ سانگهڙ جي سياسي ڌرين جي بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.مان جڏهن کپرو هيس ته ان وقت ٻن سياسي گروپن جون ريليون هنيون جڏهن ته ٻنهي ريلين اندر ٻنهي سياسي ڌرين اندر وڏي تعداد اندر هٿيارن جي نمائش هئي.نقاب پوش ماڻهو جن جي هٿن ۾ جديد هٿيارن هئا.هزارن جي تعداد ۾ گاڏين جي پوري کپري شهر جي ٽريفڪ کي جام ڪري رکيو هو.جڏهن ته اتي جي هڪ مقامي صحافي ٻڌايو ته اڄ انهي ريلين جي ڏهون ڏينهن آهي ۽ اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽين هٿيارن جي زور تي ڪا ريلي نه ڪڍي هجي انهي صحافي دوست ٻڌايو ته اقتدار جي سياسي پارٽين اهڙو به دٻاءُ وڌو آهي جو ڪو به سرڪاري ڪامورو اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهي ته پولنگ اسٽيشون ڪهڙي جڳهه تي ٿينديون.جڏهن ته انهي شهر اندر ف ليگ هڪ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي جيڪا شايد اخبارن جي سرخي نه ٻڻي اها اها هئي ته انهن ٻڌايو ته اسان جا ووٽر پريشان آهن کين اڃان اها به پوري طرح خبر ناهي ته سندس ووٽ ڪهڙي پولنگ اسٽيشن تي آهي.جڏهن ته اهڙي ماحول اندر مون محسوس ڪيو ته هر ماڻهو انهي اليڪشن کي ڏسي ڪري پريشان هو،حراسان هو ته ڪٿي ڪو جاني نقصان نه ٿي،جڏهن ته پيرسائين پاڳاري پارٽي جي سمورن ڳواڻن جي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته هو پر امن رهن،پر ڇا اتي ٻئي سياسي پارٽي جيڪا ف ليگ سان اليڪشن ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهي انهي ڪي پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.پر اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ نه پئي اهڙي سياسي ماحول اندر ڇا عوام ووٽ ڪري سگهندي.

ڇا عوام پنهنجي آزادي جو اظهار ڪري سگهندي،هن وقت عوام کي هٿيار ڏيکاري حراسان ڪيو پيو وڃي.ڇا انهي هٿيارن جي نمائش مان عوام ڇا سمجهي ته اهي اليڪشن جي ڏينهن پولنگ جو رک نه ڪن اگر اهي اليڪيشن جي ڏينهن پولنگ طرف ايندا نه سندس اهو حال ڪيو ويندو جيڪو درازا شريف جي عوام سان ڪيو ويو هو،ڀلي هن وقت حڪومت ۽ سياسي پارٽيون عوام کي کلوسري عام اهو چئي نه سگهن پر هٿيارن جي نمائش مان اهو صاف ظاهر آهي ته الڪيشن جي ڏينهن سانگھڙ اندر اگر فوج ۽ رينجرز مقرر نه ڪئي وئي ته نه شفاف چونڊون ٿينديون ۽ نه ئي عوام جي موت جو دپ هٽندو.سانگهڙ جي صورتحال کي ڏسي ڪري وري بدين جي طرف اچون ته بدين ۾ پ پ جو مقابلو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان آهي جيڪو پ پ کان هن وقت ناراض آهي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پڻ هر جلسي اندر اها ئي ڳالهه ڪندو پيو اچي ته به اگر حڪومت چاهي ٿي ته بدين ۾ ڪا خون ريزي نه ٿئي ۽ عوام جو تحفظ برقرار رهي ته حڪومت کي بدين ضلعي جي هر پولنگ اسٽيشن تي فوج يا ريجنرز مقرر ڪرڻي پوندي

اها به ڳالهه صاف آهي ته بدين اندر ۽ سانگهڙ اندر صرف ۽ صرف پ پ سان مقالبو ڪندڙ پارٽيون آهن بدين اندر ڊاڪٽر ذوالفقار۽ سانگهڙ اندر ف ليگ جڏهن ته بدين اندر پ پ ۾ ڪيترائي اهڙا وڏا سياسي ڌڙا شامل ٿي ويا آهن جن وٽ طاقت ۽ پئسو موجود آهي.جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به پنهنجي طاقت ۽ پارو رکندڙ آهي.جڏهن ته عوامي اتحاد پينل پاران اليڪشن وڙهندڙ ڊاڪٽر اها به ڳالهه واضع چئي چڪو آهي ته اگر پنهنجي ڪنهن پارٽي جو هڪ ڪارڪنن زخمي ٿيو ته مخالف کي ڪافي نقصان ڏسڻو پوندو.جڏهن ته کڏهرو ۾ ڪالهه واري جلسي کان پوءِ مرزا جي ريلي تي فارئرنگ پڻ ٿي انهي ڪري عوام ويچاري هڪ عجيب خوف ۽ حراس ۾ ورتل آهي ته وڃي ته وڃين ڪيڏانهن.انهي ڪري ڊپ آهي ته ڪٿي سياسي ماحول اندر عوام جو ته نقصان نه ٿيندو ڇا عوام ته پنهنجي پيارن جي مٿان ماتم نه ڪندي.انهي ڪري بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي اندر اگر حڪومت چاهي ٿي ته بدين ۽ سانگهڙ درازا شريف نه بڻجن ته حڪومت کي بدين ۽ سانگهڙ جي هر پولنگ اسٽيشن تي فوج يا رينجزر کي مقرر ڪرڻو پوندو ۽ هٿيارن جي لائينسز کي 2ڏينهن پهرين ختم ڪرڻو پوندو ۽ هٿيارن جي نمائش تي مڪلمل پابندي لڳائڻي پوندي ۽ سياسي توڙي عوام ماڻهو کي هٿيار ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙ گارڊ کي انهي عمل کان روڪڻو پوندو ۽ حڪومت کي مڪلمل سنجديدا ٿيڻو پوندو اگر اهين نه ٿيو ته بدين ۽ سانگهڙ اندر جيڪي به ڪجهه ٿيو انهي جي زميوراي حڪومت کي کڻڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *