ن ليگ جي سردار اياز صادق جو ٻيهر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيڻ ۽ وري پي ٽي آءِ جا ڌانڌلين جا راڳ

گذريل سومر تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ ٿي جنهن ۾ نون ليگ اميدوار سردار اياز صادق 268 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو ٻيهر اسپيڪر چونڊجي ويو، پي ٽي آءِ اميدوار شفقت محمود 31 ووٽ حاصل ڪيا، قومي اسيمبليءَ جو اجلاس وقتي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو،جنهن ۾ آئين جي آرٽيڪل 53 ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي نمبر 9 موجب اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي. سڀ کان پهرين وزيراعظم نواز شريف ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان،اپوزيشن اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به پنهنجو ووٽ ووٽ وڌو.. 300 ميمبرن جي ايوان مان نواز ليگ اميدوار اياز صادق 268 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو 20 هون اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏهن ته پِي ٽي آءِ اميدوار شفقت محمود رڳو 31 ووٽ حاصل ڪري سگهيو، سردار اياز صادق کي پ پ، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (ف) ۽ فنڪشنل ليگ سميت سمورين پارٽين جي حمايت حاصل هئي. وقتي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي سردار اياز صادق کان عهدي جو حلف کڻايو.

اياز صادق عهدي جو حلف کڻندي چيو ته اڄوڪي ڪاميابي سندس نه پر پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي سوڀ آهي، قسم کڻڻ بعد اسپيڪر اياز صادق پيپلز پارٽي، جَي يـُو آءِ (ف)، ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ ۽ ٻين حمايت ڪندڙ جماعتن جا ٿورا مڃيا، جڏهن ته هن اسپيڪر جي عهدي لاءِ ٻيهر نامزد ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پنهنجي پارٽي جا به ٿورا مڃيا. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ ميمبرن جو ٿورو مڃيندي چيو ته تحريڪ انصاف چونڊ ۾ حصو وٺي جمهوريت کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته کيس هڪ ئي اسيمبلي مان 2 ڀيرا اسپيڪر چونڊڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. اياز صادق چيو ته اڄوڪي ڪاميابي سندس نه پر پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي سوڀ آهي، گڏجي جمهوريت ۽ آئين جو دفاع ڪيو ويندو.

اياز صادق جي ٻيهر اسپيڪر ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ وري به ڌانڌلي جا راڳ الاپيندي ثبوت کڻي اليڪشن ڪيشن کي ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، ن ليگ ۽ پي ٽي آهي هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ بجاءَ جيڪڏهن اسيمبلي ۾ عوام جي مسئلن تي پنهنجي توانائي استعمال ڪن ته شايد ملڪ جا مسئلا ڪجهه حل ٿي سگهن ٿا جي اهئي ٻئي پارٽيون هڪ کي سان اورهه زورايون ڪندي پنهنجو وقت رڳو هڪ ٻئي کي هيٺ مٿي ڪرڻ ۾ لڳائينديون ته عوام کي ٽڪي جو به فائدو نه ٿيندو پر ملڪ جو پئسو ۽ عوام جو وقت ضايع ٿي ويندو ان ڪري ٻئي پارٽين کي اپيل آهي ته وقت وڃائڻ بجاءِ ملڪ خاطر ڪجهه ڪريو جنهن لاءِ توهان کي عوام چونڊي ايوانن ۾ پهچايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *