ھندو ڌرم(سناتن ڌرم) ۾ ھونئن ته گھڻائي مذھبي ڏڻ آھن پر ڏياري جي اھميت سڀني کان وڌيڪ آھي ڏياري ھندن جو وڏو وڻ آھي جيڪو ھر سال مھا لڪشمي پوڄا ديوالي جي صورت ۾ ملھايو ويندو آھي. ھن تھوار کي ھندو ڌرم ۾ قديم وقت خاص اھميت حاصل آھي. ھن ڏڻ مختلف مصلن لھڻ وقت ايندو آھي. ھن درتي جي قديم رھواسين انھيءَ خوشحالي واري مند ۾ لڪشمي پوڄا جو ڏھاڙو مقرر ڪيو ھو ۽ ساري رات اوجاڳو ڪندا ھئا. سندس عقيدو ھو ته لڪشمي(دولت جي ديوي) انھي سڀ رات پنھنجي بندن تي مھربان ٿي ڌن ۽ دولت سان نوازيندي آھي.انھي مقرر ڪيل شڀ ڏھاڙي جي صدين گذرڻ جي باوجود اڄ به ساڳئي عقيدت سان سناتن ڌرم جا پوڄاري ڏيئا ٻاري . ڦٽاڪا ڇوڙي خوشيون ملھائي ڏياري جو سواگت ڪن ٿا
جڏھن مريادا پرشوتم ايشور اوتار شري رام چندر 14 سال بنواس ڪاٽي ساٿين سان گڏ ايوڌيا پھتا ھئا ته اھا رات لڪشمي پوڄا ديوالي جي شڀ رات ھئي. شري رام ايوڌيا پھچڻ سان ڏياريءَ جون خوشيون تمام وڌي ويو ۽ نتيجي ۾ ھندن جي وڏي تھوار جي صورت ۾ ڏياري جو ڏڻ وجود ۾ آيو
ڏياري جو ڏڻ شري رام چندر ۽ ساٿين جي 14 سالن جي بنواس گذارڻ . ظالم راجا راوڻ سان جنگ جوٽڻ ۽ انيڪ ڪٿائن جو اتھاس آھي، ھن تھوار جي اچڻ سان ھر گھٽي گھر ۾ صفائي نطر ايندي. سياري جي سرد ھوائن سان ڏياري.سنتن.مھاتمائن جا سندر سنيھا آڻي نروار ٿيندي آھي ھن رات مندرن گھرن ۾ عبادتون ڪيو وينديون آھن . ٻار ۽ نوجوان بارود ٻاري ڏياري جون خوشيون ملھائيندا آھن
ڏياري تي ھندو ڀائر پاڙي جي مسلمان ڀائرن ڏانھن به مٺايون ۽ بارود موڪليندا آھن ته جيئن اھي به ھن خوشي ۾ برابر جا شريڪ ٿي سگھن! ڪو دور ھو جو سنڌي مسلمان۽ سنڌي ھندو ڀائر ھڪٻئي جون عيدون گڏجي ملھائيندا ھئا پر ھن دور ۾ مذھبي تھوار صرف يادگيري طور ملھايا وڃن ٿا . ھاڻ نه اڳ وارا ماڻھو رھيا آھن . دور بدليا ته ان سان گڏ ماڻھن جا من به ندلجي ويا.
ڏياري جو ڏڻ پريم ورھائڻ . وچن (واعدي) جي پالنا ماتا پتا جي شيوا ڪرڻ ٻين کي پنھنجين خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ من اندر مان ڪام ڪروڌ لوڀ موھ ۽ اھنڪار کي ڪڍڻ جو درس آڻي ٿو
ڏياري مھا لڪشمي ديوي جي آراڌنا جي ڏڻ آھي جيڪر اسين سچي من سان لڪشميءَ ديوي جو سواگت ڪريون ته ھوند اسان جي من مان انساني نفرتون ختم ٿي وڃن.
اي مھا لڪشمي ديوي! توھان ھڪ ھوندي به توھان جا انيڪ روپ آھن توھين ھڪ ئي وقت ۾ مھادرگا ، مھا ڪالي ، مھا سرسوتي ،مھا لڪشمي آھيو. مھا لڪشمي جي روپ ۾ توھين جڳت ۾ ڌن ۽ سمپتي جي ديوي آھيو ھرمنش توھان جي ئي انھي روپ جو ديوانو آھي تنھن ڪري پنھنجي ڪرپا ڪري منش کي سال ۾ ھڪ ڀيرو ڏياري جي شڀ رات پوري شرڌا سان شڪتي پرڌان ڪري مڪت ڪري ڏيکاريو ته منش توھان جو ٿورائتو رھندو.
ڏياري ڌن تيرس روپ چتردشيءَ . گورڌن پوڄا ۽ ڀاءُ ٻيج جھڙن ڌرمي ڏڻن جو گلدستو پڻ آھي شل ڏياري جا ڏيئا ڏکولين جي اندر ۾ پنھنجي سچي جوت جلائيندا رھن ۽ جنتا پنھنجي پرماتما آڏو من سان سچي شرڌا انجلي ارپڻ ڪري پنھنجو جنم سڦل ڪري ھميشه لاءِ خوشيون ملھائيندا رھن.
ھيل جڏھن ڏياري جو شڀ ڏڻ آيو اھي ته ھر طرف مھانگائي. بيروزگاري ، سماجي پريشانيون اکين آڏو آھن انھي ماحول ۾ ھر ڪو حال سارو ڏيارو ملھائيندو.
ڏياري جي شڀ تھوار تي اسان کي گھرجي ته پنھنجي پاڙي جي ڪنھن غريب لاءِ ڪپڙن جو جوڙو ، بوٽ ۽ مٺائي جوڪو ڪلو پنھنجي کيسي مان پئسا ڀري کيس وٺي ڏياري جون خوشيون حقيقي معني ۾ حاصل ڪري سگھون ٿا! سنڌ واسي پنھنجي گھرن ۾ بلبن ۽ ٽيوب لائٽن جي روشني ۾ ڏيئا ٻاري بارود جلائي ڏياري ملھائيندا جڏھن ته ٿر جا مارو لوڪ ڪنھن جوپڙي اندر ڏيئو ٻاري رکي سکي کائي ڏياري جو سوگت ڪندا. اميرن جي ڏياري ۽ غريبن جي ڏياري جو فرق ھن تھوار ۾ نظر ايندو…
ڏياري جي رات ڪجھ ڀائر اصولن تي نه ھلي ڪري شراب جون محفلون مچائين ٿا جيڪا سراسر غلط ڳالھ آھي . ڏياري جي مھاتمائن . سنتن . رشين . منين ۽ ايشور جي اپاسا جو شڀ اوسر (سٺو وقت) آھي. اسان کي گھرجي ته ھن پوتر رات پوڄا پاٽ ۾ گذاريون ڇاڪاڻ ته ماڻھوءَ کي ھيءُ جوڻ بار بار نتي ملي تنھن ڪري ضروري آھي ته ھن سنسار ۾ پنھنجو من ڦاسائڻ بدران ايشور جي رام ڀڳتي ڪجي . جيڪو انسان اھو انمول موقعو وڃائي تو اھو لک چوراسي جوڻيون ڀوڳي ٿو انھي لاءِ جوڻين واري چڪر مان مڪت ٿيڻ لاءِ ڏياري رات شڀ گھڙي آھي.
ڏياري جي رات ڀڳواڻ شري رامچندر ۽ سندن ساٿين جي 14 سالن جي بنواس بعد وطن واپس ورڻ ۽ انيڪ داستان جو سنگم آھي. انھيئ سنگم جيون جون سچيون ڳالھيون سمايل آھن انھي داستان جو مرڪزي بنياد . اگياڪاري . وفاداري ۽ شيوا جو آدرش آھي.
شري رامچندر وفاداريءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ته ھوءَ پتا جي ڪيل وچن جي پالنا لاءِ ڪنھن سوچ ويچار بغير 14 سالن لاءِ بنواس وڃي ٿو. راجه دشرٿ جي وچن جي پالنا به اکين آڏو آھي جيتوڻيڪ کيس ڄاڻ ھئي ته شري رام کان سواءِ جيئڻ ڏکيو آھي پر ھن راڻي ڪيڪئي سان ڪيل وچن پورو ڪرڻ پٽ جي جدائي قبول ڪري پنھنجي جان ڏيڻ قبول ڪيائين! لڪشمڻ ھڪ سچي ڀاءُ جو فرض ادا ڪندي شري رام سان گڏ روانو ٿيو ته ٻئي طرف سيتا ماتا ھڪ ثيل . ست ۽ شيوا جو عظيم اعلٰي ڪارنامو سرانجام ڏيئي ھندو نارين لاءِ پتي ڌرم جو رستو ڏيکاريو . ڀرت جيان وڏي ڀاءُ لاءِ حق سمجھي راجائي سک تياڳ ڪيا. ھنومان ھڪ ايشور ڀڳت جي روپ ۾ بيمٽال شيوا جو نمونو پيش ڪيو. مطلب ته ھن سموري داستان جا ڪردار اسان جي زندگي جي طرز عمل لاءِ اھم حيثيت جاحامل آھن. اسين ٿورو پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون ته اسين رشتن . ناتن کي اھڙو مان ڏيون ٿا ؟ ڏياري جو ڏڻ خوشين ملھائڻ سان گڏ اسان لاءِ يوم احتساب پڻ آھي ۽ جيڪڏھن انھيءَ احتساب تي اسين اڄ پورا نٿا لھون ته پوءِ اسان کي شرا رامچندر جو پيروڪار سڏائڻ جي ڊاڙ(لباڙ) ھڻڻ بدران شري رام جن جي قائم ڪيل ادرشن ٿي پورو لھڻ جو عھد ڪري انھن آدرشن تي عمل ڪرڻ اسن جو ڌرم آھي.
ايشور اوتار شري رام جن ٻن ۾ ھڪ ڀيلڻي جي وات جا جوٺاٻير کائي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سڀ برابر آھن ڪو به نيچ ڪونھي!؟.
ڏياري روشنن جو تھوار آھي . روشني زندگي جي علامت آھي ڏياري اوندھ ت روشني ڪوڙ تي سچ ۽ شيطاني قوتن تي حق جو سوڀ جو ڏڻ آھي. ڏياري جي رات ھر ھڪ کي پنھنجي حصي جو ھڪ ڏيئو ضرور ٻارڻ کپي جڏھن اسين ڏيئو ٻاريون ته ان ڏيئي جي وٽ کي ٿورو اوچو رکون ته جيئن اماوس جي اونداھ تي روشني جا پاڇا پر گھٽ ٿي سگھن! ۽ وقت جي راوڻن کي روشني ذريعي مات ملي سگھي!
ڏياري رات گھرن گھٽين دڪانن ۽ رستن تي ھر طرف چراغان ٿيل ھوندو آھي جڏھن ته آڪاش ۾ ڪاري ماوس (اوندھ)ڇانيل ھوندي اھي تڏھن ڌرتي تي ڏيئن . ميڻ بتين جي لاٽ آڪاش مارگ رستي انساني ڪامنائون پرماتما تائين پھچڻ لڳن ٿيون ڏياري جو ڏڻ ڏيا باري ڦٽاڪا ٻاري مٺايون کائي کڳيون ھڻي وقت گذارينداسين ته ڏياري ملھائڻ جو مقصد پورو نه ٿيندو! ڏياري جي خوشي پنھنجي اندر جي انھي سدا امر ڏيئي کي روشن ڪرڻ سان ئي حقيقي ۽ دائمي خوشي پراپت ڪري سگھون ٿا جيڪا انساني جنم ملڻ کانپوءِ ھر انسان جي منزل ھجڻ کپي ڇو ته انھئ کي حاصل ڪرڻ ئي جيون جو اصل مقصد آھي.
ڏياري جي شڀ رات مريادا پرشوتم شري رامچندر جي ڀوميءَ ايوڌيا ۾ موٽي اچن ٿا ! ان جو ذڪر آھي ان پويتر ڪتاب ۾ جنھن جو نالو (رامائڻ) آھي رامائن ۾ ذڪر آھي شري رام جو شري رام 14 سالن لاءِ پنھنجي پتا جي ڪيل وچن جو پالن ڪندي بنواس وڃن ٿا! جڏھن پرڀوءَ جو پيارو شري رامچندر بن مان واپس ايوڌيا لاءِ ھوائي ڪٽولي ۾ چڙھن ٿا ته ان اڏام کٽولي(پشپڪ) ۾ ماتا سيتا . شري رام. لڪشمڻ ۽ ڀڳت ھنومان چڙھي ايوڌيا اچن ٿا! ان کان پوءِ شري رام ايوڌيا نگر م پھچن ٿا . شام جو ڀاءُ ڀرت ملي ٿو ۽ شري رام اڳيان سر جھڪائي ٿو ۽ چوي ٿو داداھيءَ اوھان جون چاکڙيون! اوھان جي امانت اوھان کي واپس ڪريان ٿو! ڀرت اھي چاکڙيون تخت تي رکي ديش جو راڄ ھلائيندو ھو. 14 سال ھر روز اچي انھن سامھون سر جھڪائيندو ھو. شري رام ڀرت کي ڇاتي سان لڳائي ٿو ۽ شتروگھن ۽ عام لوڪ پياري رامچندر جو سواگت ڪن ٿا.
شري رام جي اچڻ تي ھر طرف خوشي ھئي پر انھن مان سڀ کان وڌيڪ خوش شري لڪشمڻ جي استري راڻي ارملا ھئي . جنھن پورا 14 سال پنھنجي پتي جي اوسيئڙي ۾ گذاريا ! ايوڌيا نگر ۾ عجيب نظارو ھو. خوشين ۾ جنتا چئي رھي ھئي ” راجا رام آيو . ڀائي رام آيو. ڀلي آيو…..“ جڏھن شري رام محلات ۾ اچن ٿا ته شري رام راڻي ڪوشليا . ڪيڪئي. سمترا کي پرنام ڪن ٿا. پوءِ شري رام کي راڄگدي تي ريھاريو وڃي ٿو . توتاريو. مرليون وڄن ٿيون شري رام کي ندين جو امرت جل (پاڻي) پياريو وڃي ٿو. ھر ندي جو پاڻي گڏ ڪن ٿا. انھن ندين ۾ سنڌونديءَ جو پاڻي به شامل ھجي ٿو ته جيئن ھر نديءَ جي آسيس شري رام تي اچي ۽ پوءِ شري رام حڪم ڏين ٿا ته غريبن ۾ دان ورھايو شام جو سرگس ڪڍيو وڃي ٿو۽ پوري ايوڌيا نگري ۾ جشن جو سمان ھو. اھا ورتا ھجي ٿي ايوڌيا نگري ۾ ڏياري واري شڀ رات جي ! انھئ عجيب نظاري جو مڪمل احوال اسان کي شري رامائڻ مان ملي ٿو.
رامائڻ وقت جي ڪسوٽيءَ تي پرکيل پشتڪ آھي ۽ سنسار ۾ رھندڙلوڪ جو عظيم ورتو آھي. رامائڻ پراچين رشي والميڪيءَ جي رچيل آھي والميڪيءَ جي رچيل رامائڻ جي عظمت اھا آھي جو ھن رام کي عام منش جيان پيش ڪري انساني ذھن لاءِ عظيم آدرش جي روپ ۾ آندو. شري رام جو جيون چريتر اسان عام لوڪن لاءِ مشعل راھ آھي ڇو ته اسين به شري رام سان اھو وچن ڪيون ته اوھان وانگي اسين به سنسار ۾ ڏسيل آديش تي ھلي ڪري پنھنجو پاڻ ارپن ڪنداسين!.
” ڏٺي ڏياري. سامونڊين سڙھ سنباھيا“
ان کي مند اتر جي اوچتي آئي.
وڻجارن وائي. آھي پرئين پار جي!