لاهور (م.ڊ) شاد باغ جي علائقي مان گهر کي باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا. لاهور جي علائقي شاد باغ ۾ شير شاهه روڊ تي واقع هڪ گهر جي پهرين منزل ۾ باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي مٿي منزلن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، باهه سبب 3 ٻار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 3 کي ٻارن کي انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي هنن دم ڌڻي حوالي ڪيو. باهه ۾ سڙي ويل ٻارڙن جون عمرون 12 کان ڏيڍ سال جي وچ ۾ هيون، ٻارڙين جي والدين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا، معصومن جي جنازي نماز ۾ به ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، هر اک آلي نظر آئي،. پاڙي وارن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ دير سان آئي، تڏهن ايڏو وڏو نقصان ٿيو.