لاهور ۾ گهر کي باهه، 6 ٻارڙا سڙي فوت، علائقي ۾ سوڳ

لاهور (م.ڊ) شاد باغ  جي علائقي مان گهر کي باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 6 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا. لاهور جي علائقي شاد باغ ۾ شير شاهه روڊ تي واقع هڪ گهر  جي پهرين منزل ۾ باهه لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي مٿي منزلن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو، باهه سبب 3 ٻار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 3 کي ٻارن کي انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي هنن دم ڌڻي حوالي ڪيو. باهه ۾ سڙي ويل ٻارڙن جون عمرون 12 کان ڏيڍ سال جي وچ ۾ هيون، ٻارڙين جي والدين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا، معصومن جي جنازي نماز ۾ به ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، هر اک آلي نظر آئي،. پاڙي وارن جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ دير سان  آئي، تڏهن ايڏو وڏو نقصان ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *