صولت مرزا ۽ عزير بلوچ رڳو مورا آهن اصل ۾ انهن جي پويان سياسي پارٽيون آهن: پرويز مشرف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته صولت مرزا ۽ عزير بلوچ رڳو مورا آهن انهن جي پويان ته سياسي پارٽيون آهن جڏهن ته ڪراچي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُهو ڀارتي خفيه ايجنسي ”را“ جو به هٿ آهي. ڪارگل  واري ويڙهه هڪ عظيم فوجي فتح هئي، جنهن کي سياسي هار ۾ تبديل ڪيو ويو.آل پاڪستان مسلم ليگ جي يوٿ ڪنوينشن سان خطاب ڪندي پرويز مشرف جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حالت اڄ اهڙي آهي جهڙي مون پنهنجي صدر هجڻ واري دور ۾ پنهنجي آخري خطاب ۾ چئي هئي، پر مون سوچيو به نه هو ته حالتون ايتري حد تائين خراب ٿي وينديون. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي بدقسمتي آهي جو پاڪستان کي سچا، مخلص ۽ ايماندار سياتدان نه مليا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ پاڻي، بجلي، گئس، تعليم نه هجڻ جي برابر آهن.ڪارگل واري ويڙهه تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪارگل ۾ اسان 5 اهم اسٽريٽجڪ هنڌن تي ڀارتي علائقن ۾ گهڻو اندر تائين داخل ٿي قبضو ڪري چڪا هئاسين جن مان رڳو هڪ علائقي ۾ اهي 50 سيڪڙو علائقا واپس وٺي سگهيا هئا باقي 4 جي انهن کي خبر به نه هئي.اڳوڻي صدر اسمائيلي برادري تي حملي خلاف سخت مذمت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *