چيف جسٽس ذوالفقار مرزا طرفان حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جو فوري نوٽيس وٺي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ذوالفقار مرزا طرفان حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جو فوري نوٽيس وٺن.صوبي ۾ گوڊگورننس لاءِ وزيراعليٰ سنڌ ۽ سڀني وزيرن ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽سٺن ۽ شهرت آفته آفيسرن کي کاتن ۾ مقرر ڪيو پيو وڃي.صفوران چوڪ سانحي ۾ پوليس، رينجرز۽ خفيه ادارن کي شاهديون ملي چڪيون آهن۽ جلد ئي ان سانحي ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.ڪراچي آپريشن کي ان وقت تائين جاري رکيو ويندو جيستائين هڪ به دهشتگرد موجود هوندو.دهشتگرد غيرملڪي تربيت آفته آهن ان لاءِ پوليس کي انهن سان وڙهڻ لاءِ جديد طريقي ۽ جديد هٿيارن سان گڏوگڏ فوجي ۽ عسڪري تربيت به ڏني پئي وڃي، جڏهن ته پوليس جي نفري ۾ به اضافو ڪيو پيو وڃي.وزيراعليٰ سنڌ يا ڪنهن به وزير داخله جو ڪم پاليسي ڏيڻ آهي ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه هڪ بهتر ايڊمنسٽريشن هلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو۽ هن اسانجي امن و امان جي بحالي جي  هڪ واضح پاليسي ڏني آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن واٽر بورڊ جي مرڪزي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ذوالفقار مرزا طرفان جهڙي طرح پوليس اسٽيشن ۾ کلي عام پاڻ سان گڏ هٿيارن سان  ماڻهن کي براه راست گوليون هڻڻ جي واضح هدايت ڏيندي چيو ۽ ميڊيا ڏيکاريو آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته هو حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪري رهيو آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ان کي نوٽيس ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته مان چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به استدعا  ڪريا ن ٿو ته هو ذوالفقار مرزا طرفان حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جو فوري نوٽيس وٺن. شرجيل ميمڻ چيو ته ذوالفقار مرزا کي پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊز رکڻ جي اجازت اسانجي معزز عدالت ڏني آهي ۽ زوالفقار مرزا پاڻ سان گڏ 50 کان 60 هٿيارن سان  ماڻهو رکي ٿو ۽ انهن کي پوليس تي براه ارست  گوليون هڻڻ جو حڪم ڏيندي سڀني ڏٺو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صفوران چورنگي واروسانحو هڪ قومي سانحو آهي جنهن جو سوڳ ملڪ جي هڪ هڪ گهر ۾ منايو پيو وڃي.هن چيو ته سانحي جي حوالي سان اسانجي امن وامان جي ادارن کي ڪجهه شاهديون مليون آهن ۽ اهي انهن جي روشني ۾اهي دهشتگردن جي چوڌاري پنهنجو گهيرو تنگ ڪري رهيا آهن ۽ هن چيو تن مونکي اميد آهي ته اسانجي ادارن جهڙي طرح ماضي ۾ ڪيترن ئي وڏن وڏن ڪيسن کي حل ڪيو اهڙي طرح هن سانحي جي ڪيس کي به جلد حل ڪندا ۽ ان ۾ ملوث دهشتگردن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ اسانجي ادارن ۾ جيڪي آفيسر مقرر ڪيا ويندا هئا انهن ڪري مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي پيو پر هاڻي پوليس، بلديات کاتي سميت سڀني کاتن ۾ سٺا شهريت جا مالڪ ۽ اهل آفيسرن جي مقرري ڪئي پئي وڃي ۽ هن وقت اسانجي پوليس ۾ 90 سيڪڙو اهڙا آفيسر سنڌ ۾ لڳايا ويا آهن جيڪي سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري آيا آهن انهن کي سڄي صوبي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. پوليس سان گڏوگڏ ايس ايس يو، ريپڊ ريسپانس فورس ۽ ڪائونٽر ٽيررزم فورس جو قيام ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه اسانجي پوليس جي جوانن کي فوج جي مدد سان ايس ايس جي، جي به ٽريننگ ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي دهشتگردن کان جيڪي غير ملڪي تربيت آفته ۽ جديد هٿيارن سان آهن، انهن جو ڀرپور مقابلو ڪري سگهن ۽ ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومت ۽ خاص ڪري وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه جيڪو هڪ سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي، ان پاران اهڙن ادارن کي مڪمل طور تي فري هينڊ جي پاليسي ڏني ويئي آهي.هن واضح ڪيو ته ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ هي آپريشن دهشتگردن ختم ڪرڻ تائين جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *