اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان بجيٽ کانپوءِ قوم کي خطاب ۾ 10 سالن دوران اڳوڻي حڪومتن لاءِ قرضن جي جاچ لاءِ ڪميشن بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو جيڪا قرضن جي استعمال ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪندي. ذريعن موجب نيب جي ڊپٽي چيئرمين حسين اصغر کي ڪميشن جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حسين اصغر اڳوڻو پوليس آفيسر آهي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن پنجاب سميت ايف آءِ اي ۾ به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.