عمران خان ڀلي گوڙ ۽ غنڊا گردي ڪري، عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: ن ليگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڀلي گوڙ ۽ غنڊا گردي ڪري، شهباز شريف جي تقرير به ٿيندي ۽ عوام دشمن بجيٽ به منظور ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب جڏهن توهان پارليامينٽ ۾ پنهنجي وزيرن کي هنگامو ڪرڻ جي هدايت ڏيندا ته سوال ته اٿندا، پارليامينٽ تي حملو ڪندڙ ئي رڳو پارليامينٽ جي  آواز کان ڊڄي سگهي ٿو، عمران خان ڏوهه توهان جو ناهي نالائق، ووٽ چور، سليڪٽڊ وزيراعظم کي پارليامينٽ مان خوف ئي ايندو، افسوس آهي ته توهان پنهنجي وزيرن کي ڌرڻي ۽ ڏڦيڙ کانسواءِ ڪجهه نه سيکاري سگهيا.  هن چيو ته عمران خان ڪابينا جو اجلاس رڳو  پارليامينٽ ۾ ڏڦيڙ ۽ اپوزيشن ليڊر جي بجيٽ تقرير روڪڻ لاءِ باضابطا هدايتون ڏيڻ لاءِ  طلب ڪيو ويو آهي.  سندس چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ هنگامو ڪندڙن کي ميڊل ڏنا ويندا، عمران خان ڄاڻي ٻجهي سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت بجيٽ تي بحث نه ٿيڻ ڏئي رهيو آهي، عمران خان نه ٿو چاهي ته شهباز شريف عوام دشمن آءِ ايم ايف ميڊ بجيٽ جون حقيقتون عوام کي ٻڌائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *