ڏکڻ آفريڪا سريلنڪا کي هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

سڊني(اسپورٽس نيوز)سڊني ڪرڪٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندڙ ڪوارٽر فائنل ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي ڏکڻ آفريڪا بالنگ کانپوءِ بيٽنگ ۾ به شاندار راند جو مظاهرو ڪيو پروٽيز 134 رنسن جو آسان هدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 18 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، اوپنر هاشم آملا 16 رنسون ٺاهي لسٿ ملنگا جي بال تي آئوٽ ٿيو جنهن کانپوءِ ڊي ڪوڪ ۽ ڊوپليسي  ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٻئين وڪيٽ تي 94 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، ڪوڪ ون ڊي ڪيريئر جي پنجين هاف سينچري مڪمل ڪئي هن 78 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ڊوپليسي 21 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، ان کان اڳ سريلنڪن بيٽنگ لائن پروٽيز بالنگ سامهون واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ پوري ٽيم 37.2 اوورن ۾ 133 رنسن تي ڍير ٿي وئي ست بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا ٽورنامينٽ ۾ هينئر تائين 4 سينچريون هڻي پهريون نمبر رهندڙ ڪمار سنگاڪار 45 جڏهن ته ٿريماني 41 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا ڏکڻ آفرڪا طرفان ڊوميني شاندار هيٽرڪ ڪئي ان کان علاوه ليگ اسپنر عمران طاهر به چار شڪار ڪيا، ڊيل اسٽين، ايبٽ ۽ مورڪل هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *