پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ورلڊڪپ جي ٽين ڪوارٽر فائينل ميچ 20 مارچ تي کيڏي ويندي

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ورلڊڪپ جي ٽين ڪوارٽر فائينل ميچ 20 مارچ تي کيڏي ويندي. ميچ ايڊيليڊ ۾ هٿرادو روشنين ۾ کيڏي ويندي ۽ پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي 8 وڳي شروع ٿيندي. جڏهن ته ايڊيليڊ ۾ موجود قومي ٽيم ڀرپور ٽريننگ سيشن مان پڻ گذري، جنهن دوران آسٽريليا خلاف بيٽنگ، بالنگ ۽ خاص طور فيلڊنگ تي خاص ڌيان ڏئي رانديگرن کي ٽريننگ ڪرائي وئي، آءِ سي سي ناڪ آئوٽ رائونڊ لاءِ پڻ ڪو ريزرو ڏينهن ناهي رکيو، ان ڪري جيڪڏهن ڪوارٽر فائنل برسات سبب متاثر ٿي يا ميچ برابر ٿي ته پوءِ گروپ ميچن ۾ بهتر پوزيشن رکندڙ ٽيم سيمي فائنل لاءِ ڪوليفاءِ ڪندي. آسٽريليا پول اي ۾ ٻين ۽ پاڪستان پول بي ۾ ٽين پوزيشن تي آهن ان ڪري جيڪڏهن ميچ دوران برسات پئي يا ميچ ٽاءِ ٿي ته ڪينگروز ئي اڳتي ويندا. ان ڪري پاڪستان کي سٺي راند سان گڏوگڏ موسم پڻ سٺي رهڻ جي دعا ڪرڻي پوندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *