ڀارت جي بدترين ڪارڪردگي ڏسندي پاڪستان وٽ دفاعي چئمپين کي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست ڏيڻ جو بهترين موقعو آهي: ظهيرعباس

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ايشين بريڊ مين جي نالي سان مشهور عظيم پاڪستاني بيٽسمين ظهير عباس چيو ته ڀارت جي آسٽريليا ۾ تازي ڪاررڪردگي ڏسندي پاڪستان وٽ دفاعي چئميپن کي ورلڊ ڪپ ۾ شڪست ڏيڻ جو بهترين موقعو آهي تفصيل مطابق پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ اڄ تائين انڊيا کان ناهي کٽي سگهيو ۽ ان کي هن وقت تائين ٿيل پنجن مقابلن ۾ شڪست ملي ٻئي ٽيمون 15 فيبروري تي ايڊليڊ اوول ۾ ٿيندڙ مئچن ۾ آمهون سامهون ٿينديون جيڪو ٻنهي ٽيمن جو عالمي ايونٽ ۾ پهريون مقابلو هوندو ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ ڀارت ناهي کٽي سگهيو جڏهن ته ان وٽ ان جمود کي ٽوڙڻ جو سنهري موقعو آهي مان آسٽريليا ۽ پهرين پريڪٽس مئچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي ڏٺي آهي انهيءَ لاءِ مان اهو چئي رهيو آهيان هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجو بهترين ڪابينيشن جلد تلاش ڪرڻو پوندو ڇو ته زخمي رانديگرن جي لسٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *