سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام والي بال ٽيم جوڙي ڇڏي

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام والي بال ٽيم جوڙي ڇڏي، ٽيمآل پاڪستان انٽر يونيورسٽي والي بال زون ايڇ چئمپين شپ ۾ شرڪت ڪندي. خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوارحسين خانزادي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ٿيندڙ ٿيندڙ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي والي بال زون ايڇ چئمپين لاءِ يونيورسٽي جي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏي آهي، اهڙي ٽيم جو اعلان راند هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي 3 ڏينهن واري اوپن ٽرائيل جي آخري ڏينهن ڪيو ويو. جوڙيل ٽيم ۾ ڪئپٽن شجاعت علي قادري جڏهن ته رانديگرن ۾ ناصر خان، عدنان خان، ممتاز علي، امتياز علي، محمد الياس، ممتاز الرحمان، عماد خان ۽ روح الله شامل آهن، جڏهن ته مئنيجر غلام محمد هوندو. والي بال ٽيم مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي والي بال زون ايڇ چئمپين شپ ۾ شرڪت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *