ڀارتي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگھه ڌونيءَ جي ڪپتاني خطري ۾ پئجي

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش هٿان تاريخي شڪست کان پوءِ ڀارتي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگھه ڌونيءَ جي ڪپتاني به خطري ۾ پئجي وئي آهي، بنگلاديشي دوري ۾ ڀارتي ٽيم کي هڪ ٻئي پويان ناڪامين ايم ايس ڌونيءَ جي ڪپتانيءَ تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. بنگلاديس ٽِن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي ماڻي ورتي آهي. بنگلاديش کان تاريخي شڪست کان پوءِ هاڻي سڀني توپن جو رخ ڪپتان ڌونيءَ طرف ٿي ويو آهي. غير ته غير پر پنهنجا به ايم ايس ڌونيءَ تي تنقيد ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري ڀارتي ڪپتان اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته جيڪڏهن هُن پاران ڪپتاني ڇڏڻ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڀلائي آهي ته هو ان لاءِ به تيار آهي. ڌونيءَ گڏوگڏ اهو به واضح ڪيو ته هو ڪڏهن به ڪپتاني ءَ جي لائين ۾ ناهي رهيو، هيءَ سندس لاءِ هڪ نوڪري ۽ ذميواري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *