لٽل ماسٽر سچن ٽنڊوڪر ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان وڏي مداح سڌير گوتم تي حملو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) لٽل ماسٽر سچن ٽنڊوڪر ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان وڏي مداح سڌير گوتم دعويٰ ڪئي آهي ته بنگلاديش هٿان ٻين ون ڊي ۾ عبرتناڪ شڪست کان پوءِ بنگلاديشي ڪرڪيٽ شوقينن مٿس حملو ڪيو هو. پنهنجي جسم کي ڀارتي تِرنگي سان پينٽ ڪرائيندڙ 34 سالن جي سڌير هندي نيوز چينل سان ڳالهائيندي چيو ته شوقينن طرفان پٿراءُ ڪيو ويو، جڏهن اُن رڪشا تي به حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو سفر ڪري رهيو هو. سڌير ٻڌايو ته مڇريل ماڻهن اهو چوندا رڪشي جو پيڇو ڪيو ته هو ڀارت کان ورلڊڪپ ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست جو بدلو وٺندا. سڌير موجب ان موقعي تي سڪيورٽي عملدارن مداخلت ڪري کيس مڇريل مجوم کان بچائي ورتو. ياد رهي ته بنگلاديش جي 19 سالا فاسٽ بالر مستفيض الرحمان ٻين ون ڊي ميچ ۾ تباهي آڻيندڙ بالنگ ذريعي پنهنجي ٽيم کي ٽِن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ناقابل شڪست سرسي ڏياري هئي. ان فتح سان گڏ بنگلاديش 2017ع ۾ کيڏجندڙ چيمپئنز ٽرافيءَ جي لاءِ پنهنجي جڳهه به پڪي ڪري ڇڏي آهي. ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز جي آخري ون ڊي ميچ اربع تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *