پهرين ملاله يوسف زئي وومينز ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جو فائينل (سڀاڻي) کيڏيو ويندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پهرين پي سي بي ملاله يوسف زئي قومي وومينز ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ جو فائينل (سڀاڻي) اڱاري تي سائوٿ اينڊ ڪلب گرائونڊ ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. ڪراچي ۽ لاهور جون ٽيمون ميچ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. واضح رهي ته ايونٽ جو فائينل 17 ڊسمبر تي ڪنٽري ڪلب مريدڪي ۾ رٿيل هو پر پشاور سانحي سبب پي سي بي ان کي ملتوي ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي اعلانيل نئين تاريخ موجب ايونٽ جو فائينل (سڀاڻي) کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *