آءِ سي سي ون ڊي ٽيم ۽ پليئرز رينڪنگ، سيريز ۾ ڪاميابي بعد نيوزيلينڊ پاڪستان کان ڇهين پوزيشن کسي ورتي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي ٽيم ۽ پليئرز جي تازي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ون ڊي سيريز ۾ 2-3 جي فتح کان پوءِ ڪيويز پاڪستان کان ڇهين پوزيشن کسي ورتي، آسٽريليا پهرين، ڀارت ٻئين ۽ ڏکڻ آفريڪا ٽين نمبر تي آهي. ڪيويز ڪپتان ڪين وليمسن پهريون ڀيرو ٽاپ 10بيٽسمينن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي. مصباح الحق پوائنٽس گهٽجڻ بعد 14 هين نمبر تي پهچي ويو. محمد عرفان ۽ شاهد آفريدي جي رينڪنگ ۾ بهتري ٿي آهي. ٽاپ ٽين ۾ پاڪستان جو ڪو بيٽسمين شامل ناهي. جڏهن ته پابندي جو شڪار جادوگر اسپنر سعيد اجمل ٻين نمبر تي موجود اهي. نيوزيلينڊ سان ون ڊي سيريز کان اڳ پاڪستاني ٽيم ڇهين نمبر تي هئي پر سيريز ۾ 2-3 تان شڪست کان پوءِ گرين شرٽس ستين نمبر تي اچي وئي. بيٽنگ جي شعبي م اي بي ڊي وليئرز پهرين، ويرات ڪوهلي ٻين ۽ هاشم آمله ٽين نمبر تي آهي. پاڪستان خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪيويز قائد ڪين وليمسن ڪيريئر بيسٽ رينڪنگ حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هو 3 پوائنتون وڌيڪ حاصل ڪري نائين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستاني ڪپتان مصباح الحق هڪ درجو گهٽجڻ بعد 14 هين نمبر تي اچي ويو آهي. جڏهن ته محمد حفيظ، عمر اڪمل ۽ ناصر جمشيد به پوئتي ٿي ويا آهن. شاهد آفريدي 13 درجا ترقي سان 44 هين نمبر تي اچي ويو آهي. بالنگ ۾ پابندي جو شڪار سنيل نارائن ۽ سعيد اجمل ترتيبوار پهرين ۽ ٻين نمبر تي آهن. محمد حفيظ 3 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 10 هين نمبر تي پهچي ويو آهي جڏهن ته محمد عرفان 11 ۽ شاهد آفريدي 19 پوائنٽن جي ترقي سان ترتيبوار 16 هين ۽ 18 هين نمبر تي اچي ويا آهن محمد عرفان جي اها ڪيريئر بيسٽ رينڪنگ آهي. آل رائونڊرن ۾ شاهد آفريدي 4 پوائنٽون وڌيڪ حاصل ڪري پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *