پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻين ون ڊي 12 ڊسمبر تي کيڏي ويندي

شارجا (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻين ون ڊي ميچ 12 ڊسمبر تي شارجا ڪرڪيٽ اسٽيديم ۾ کيڏي ويندي ، ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي ۽ پاڪستاني وقت موجب شام 4 وڳي شروع ٿيندي. گرين شرٽس کي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. دبئي ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ مصباح اليون سخت مقابلي کان پوءِ ٽن وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ون ڊي ميچ 14 ڊسمبر تي شارجا ڪرڪيٽ اسٽيديم، چوٿين 17 ڊسمبر تي شيخ زيد اسٽيڊيم، ابوظهبي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي 19 ڊسمبر تي ساڳي هنڌ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *