ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي دوري جي شروعات (اڄ) کان ٽن ڏينهن جي ٽوئر ميچ سان ڪندي

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي دوري جي شروعات ”اڄ“ کان ڏکڻ آفريڪا انويٽيشن اليون جي خلاف ٽن ڏينهن جي ٽوئر ميچ سان ڪندي. تفصيل مطابق ويسٽ انڊيز ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي آهي جتي هوءَ 3 ٽيست، 3 ٽوئنٽي-20 ۽ 5 ون ڊي مئچن جي سيريز کيڏندي. ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ٽن ٽيسٽ مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مئچ 17 کان 21 نومبر تائين سپر اسپورٽ پارڪ سينچورين ۾ کيڏي ويندي. ٻي ٽيسٽ 26 کان 30 ڊسمبر تائين پورٽ الزبٿ ۽ آخري ٽيسٽ 2 کان 6 جنوري تائين ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *