پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ رواني ٿي وئي

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم دنيا جي ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ميگا ايونٽ ورلڊڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ رواني ٿي وئي آهي، قومي ٽيم جو ڪپتان مصباح الحق ڪاميابي لاءِ گهڻو پراميد آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا 13 رانديگر۽ ٽيم آفيشلز لاهور کان دبئي رستي نيوزيلينڊ روانا ٿي ويا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور رٿيل يارهين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ شرڪت ڪندي. ميگا ايونٽ کان پهرين قومي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي. پهرين ميچ 31 جنوري تي جڏهن ته ٻي اهم ميچ 3 فيبروري تي کيڏي ويندي. قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ وقار يونس نيوزيلينڊ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو، جڏهن ته انجري جي ورچڙهيل جنيد خان جي جاءِ تي ڪيوي ٽيم خلاف اسڪواڊ ۾ شامل ٿيل بلاول ڀٽي جلد نيوزيلينڊ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو. نيوزيلينڊ روانگي کان پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين تياري ڪئي آهي ۽ گرين شرٽس شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري 1992 واري ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي تاريخ کي ورجائيندي. پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته جنيد خان کي ڊاڪٽرن ٻن هفتن جي آرام جو مشورو ڏنو آهي، جيئن هو ميگا ايونٽ کان پهرين فٽ ٿي سگهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽي نيوزيلينڊ خلاف ٻن ون ڊي ميچز ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ جنيد خان فٽ نه ٿي سگهيوته بلاول ڀٽي کي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *