هالي ووڊ جي نئين هارر فلم ”آئوٽ آف دي ڊارڪ “ جو ٽريلر جاريا

لاس اينجلس(شوبز نيوز)هالي ووڊ ۾ نئين هارر فلم آئوٽ آف دي ڊارڪ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي لويئز ڪوئيلز جي ڊائريڪشن ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي شيطاني روح جي اثر هيٺ هڪ اهڙي ويران گهر جي چوڌاري گهمي ٿي جتي شيطاني قوتون پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارڻ لاءِ اهڙا اهڙا طريقا استعمال ڪنديون آهن جو سموري خاندان جي جان خطري ۾ پئجي ويندي آهي ڊيڄاريندڙ منظرن ۽ ڇرڪائيندڙ واقعن تي ٺهيل هن فلم ۾ اهم ڪردار جوليا اسٽيليس، اسڪاٽ اسپيڊ مين ۽ پڪسي ڊيوس ادا ڪري رهيا آهن هي فلم هلندڙ سال 27 فيبروي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *