ويرات ڪوهلي انوشڪا شرما کي مايوس ڪري ڇڏيو، صرف هڪ رنس ٺاهي آئوٽ

سڊني(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان نائب ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ اداڪاره انوشڪا شرما جي عشق جا چرچا ته عام آهن ۽ ان ئي دل جي هٿان مجبور ٿي انوشڪا شرما آسٽريليا خلاف سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ گرائونڊ ۾ پهچي وئي جڏهن ته ان کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو، ويرات ڪوهلي وڪيٽ تي آيو ته ڊريسنگ روم ۾ ويٺل انوشڪا شرما هٿ لوڏي ان جي گرائونڊ ۾ حوصلا افزائي ڪئي جڏهن ته جلد ئي سندس منهن تي مايوسي ڇانئجي وئي، ڪوهلي هڪ رنسن ٺاهي جونسن جي بال تي هيڊن ڪيچ ڏئي آئوٽ ٿي ويو جنهن تي انوشڪا منهن تي هٿ ڏئي ويهي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *