ڪمار سنگا ڪارا آگسٽ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چوندو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نامياري بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا چيو آهي ته هو هلندڙ سال آگسٽ جي پڇاڙي ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چوندو. 37 سالن جي ڪمار سنگا ڪارا پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي آخري ورلڊ ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم کي آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015ع جي فائنل ۾ ڏکڻ افريڪا هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو. آگسٽ ۾ ڀارت خلاف شيڊيول ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ڪمار سنگا ڪارا جي آخري سيريز هوندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪمار سنگا ڪارا چيو آهي ته هو هلندڙ سال آگسٽ تائين ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندو ۽ ان بعد ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪندو. هن چيو ته جون ۽ جولاءِ ۾ ٽيسٽ ميچون رٿيل آهن پر آگسٽ جي پڇاڙي ۾ سندس ٽيسٽ ڪيريئر به پڄاڻي تي پهچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *