ورلڊ ڪپ 2015ع، پاڪ ڀارت مقابلو ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏسجندڙ ميچ هوندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ايندڙ مهيني ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ٽيمن وچ ۾ دنگل ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏسجندڙ ميچ هوندي. پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ميگا ايونٽ جي شروعاتي ميچ ۾15 فيبروري تي مهاڏو اٽڪائينديون. ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڀارت کي گرين شرٽس تي نفسياتي سرسي حاصل آهي. پاڪستاني ٽيم هيل تائين ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ روايتي حريف کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. 2011ع ۾ منعقد ٿيل ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي شڪست ڏني هئي. رپورٽ مطابق پاڪ ڀارت ٽيمن وچ ۾ 15 فيبروري تي ٿيندڙ ميچ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ڏسجندڙ ميچ هوندي جنهن کي سڄي دنيا ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ شوقين ڏسندا. اها آسٽريليائي سرزمين تي به سڀ کان وڌيڪ ڏسجندڙ پهرين ميچ هوندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *