هڪ ئي وقت 3 طلاقون ڏيڻ سزا جوڳو ڏوهه قرار

 

اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ ئي وقت 3 طلاقون ڏيڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته شرعي پردي ۾ رهي عورت جج بڻجي سگھي ٿي ۽ اها هر قسم جي ڪيسن جا فيصلا پڻ ڪري سگھجي ٿي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس ڪائونسل جي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڪائونسل جي يارهن ميمبرن کان سواءِ ٻين مذهبي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي ۽ سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ هڪ ئي وقت ٽي طلاقون ڏيڻ کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي سفارش ڪندي چيو ويو آهي ته هڪ ئي وقت 3 طلاقون ڏيڻ سزا جوڳو ڏوهه آهي، هڪ وقت ٽي طلاقون ڏيڻ وارن کي سزا ڏيڻ عدالتن جو ڪم آهي. عدالتن وٽ طلاق جو قانون اڳ ئي موجود آهي ان ڪري ٽن طلاقن تي سزائن جو اختيار عدالت تي ڇڏيون ٿا. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين مولانا شيراني چيو ته اسان جي معاشري ۾ طلاق ڏيڻ جو طريقو غلط آهي. ماڻهو هڪ وقت طلاق ڏيڻ ٿا پر شريعت موجب هڪ طلاق ڏيڻ کانپوءِ ٻي طلاق ڏيڻ جي وچ ۾ هڪ مهيني جو وقت هوندو آهي. اهڙي طرح ٻي کان ٽي طلاقون ڏيڻ جي وچ ۾ به مهيني جو مدو مقرر ٿيل آهي، ان کان پوءِ ئي طلاق مڪمل ٿيندي آهي. جڏهن ته هڪ ئي وقت 3 طلاقون ڏيڻ سان طلاق ته ٿي ويندي آهي پر اهو عمل سنت جي خلاف آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اسٽامپ پيپر تي هڪ ئي وقت ٽي طلاقون لکن ٿا انهن کي به سزا ملڻ گھرجي. هن چيو ته پهرين طلاق تي رجوع ڪري سگھجي ٿو، جڏهن ته ٻي طلاق تي ٻيهر نڪاح ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل انفساخ مسلم ازدواج جي 1939 جي قانون جي مختلف قلمن جي حوالي سان به فيصلا ڪيا آهن، انهن فيصلن تحت قانون ۾ ٻي شادي لاءِ نڪاح ختم ڪرڻ جي شق کي رد ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ نصاب ۾ غير اخلاقي شيون شامل ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان حوالي سان سفارشون حڪومت کي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ان حوالي سان ڪائونسل نصاب ۾ شامل جنسي تعليم بابت ڪورس جا  ڪتاب پڻ طلب ڪري ورتا آهن. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ٻارن کي جسماني سزائون ڏيڻ بابت بل به رد ڪري ڇڏيو  ۽ چيو آهي ته ٻارن کي سزا ڏيڻ غلط آهي. ڪائونسل اهڙو بل رد ڪندي نئون مسودو جوڙڻ جي هدايت ڪئي. مولانا شيراني چيو ته ٻارن کي سزا ڏيڻ جي حوالي سان ڪائونسل تحقيق ڪري پوءِ واضح جواب ڏيندي.اجلاس ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل پاران عورت جج کي پردو ڪرڻ جي به سفارش ڪري ڇڏي. جڏهن ته اجلاس ۾ سفارش ڪئي وئي ته فرقيواراڻي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ ضابطه اخلاق جوڙيو وڃي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ان سوال کي به رد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو قيام 27 رمضان المبارڪ تي ٿيو، 14 آگسٽ بدران 27 رمضان المبارڪ تي آزادي جو ڏنيهن ملهائيندي موڪل ڪئي وڃي.  اجلاس ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته 14 آگسٽ واري موڪل کي برقرار رکيو وڃي ۽ ڪنهن قسم جو ڪارو ڏينهن نه ملهايو وڃي. ان سلسلي ۾ جامع بنوريه ٽائون جي سربراهه مفتي نعيم جو چوڻ هو ته نبي ڪريم ﷺ طلاق کي ناپسند عمل قرار ڏنو آهي. هن چيو ته ٽن طلاقن کي ڏوهه قرار ڏيڻ جي سفارش ان ڪري ڪئي وئي آهي ته جيئن طلاق جي وڌندڙ رجحان کي روڪي سگھجي.  اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني چيو ته عورت جج بڻجي سگھي ٿي پر عورت جي جج بڻجڻ لاءِ ان جي عمر 40 سال يا ان کان وڌيڪ هجي ۽ اها پردو ڪندڙ هجي. هن چيو ته عورت جج حدود، قصاص سميت سمورن ڪيسن جو فيصلو ڪري سگھي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي ۽ جهاد بابت ايندڙ اجلاس ۾ غور ٿيندو. مولانا شيراني چيو ته طلاق وارو فيصلو انهن مسلڪن جي ماڻهن تي لاڳو نه ٿيندو، جن وٽ هڪ جاءِ تي 3 طلاقون هڪ ئي شمار ٿين ٿيون. هن چيو ته ٻارن کي سزا ڏيڻ تي پابندي وارو بل اهو چئي رد ڪيو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ شريعت جي رهنمائي جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ٻارن کي سمجهائڻ لاءِ شريعت هلڪي تشدد جي اجازت ڏئي ٿي. اجلاس ۾ مسيحي ۽ هندو ميرج بل درست قرار ڏئي منظور ڪيا ويا. ڌرين مان جيڪڏهن ڪو هڪ ٻيو مذهب اختيار ڪندو ته ان تي اهو قانون لاڳو نه ٿيندو. هن چيو ته ڪائونسل جي ميمبر حافظ طاهر محمود اشرفي جي پيش ڪيل فرقيواراڻي تشدد جي خاتمي لاءِ ضابطا اخلاق واري معاملي تي به غور ڪيو ويو پر ان کان پهرين ڏسڻو پوندو ته شرعي لحاظ کان مسلم ۽ غير مسلم جا شهري حق هڪ جهڙا آهن يا ضمني آهن؟ قاديانين بابت به غور ڪرڻو پوندو ته اهي مرتد آهن يا غير مسلم آهن. ڪلمو پڙهندڙ مسلمان کي ڪافر سڏڻ جو شرعي بنياد ڪهڙو آهي. ان معاملي تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو. سني اتحاد ڪائونسل جي دهشتگردي ۽ جهاد ۾ فرق جو معاملو به ايندڙ اجلاس ۾ کنيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *