ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ڏکڻ آفريڪا کي به 130 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو

ميلبرن(اسپورٽس نيوز)ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا ستارا عروج تي آهن هنن پنهنجي ٻئين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي به وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو 130 رنسن سان شڪست ڏئي ٻئين فتح حاصل ڪري ورتي ۽ اعزاز جي دفاع ۾ هو اڳتي وڌي رهيا آهن 30 رنسن جي هدف جي حاصلات ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم شروعات ۾ ئي مشڪلاتن جو شڪار رهي ۽ 12 جي اسڪور تي ان جي پهرين وڪيٽ ڪري پئي، هاشم آملا به وڌيڪ رنسون نه ٺاهي سگهيو ۽ 22 رنسون ٺاهي پويلين واپس هليو ويو ڊوپليسز 55 ۽ ڊويليئرز 30 رنسن سان ڪجهه مزاحمت ڪري سگهيا ان کان علاوه ڪوبه بيٽسمين ڀارتي بالرن سامهون نه بيهي سگهيو ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڀارتي بالرن جي حوالي ڪندا رهيا ائين ئي 177 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڏکڻ آفريڪا ڍير ٿي وئي، ڀارت طرفان اشون 3، موهت شرما ۽ محمد شامي 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون ان کان اڳ ڀارتي اوپنر شکر ڌون جي شاندار 137 ۽ اجنڪيا رهاني جي ففٽي جي مددسان ڀارت ستن وڪيٽن تي 307 رنسون ٺاهيون ميلبرن ۾ ڌوني ٽاس کٽي بيٽنگ ڪئي ٽئين ئي اوور ۾ روهت شرما رن آئوٽ ٿي ويو پر پوءِ ويرات ڪوهلي ۽ شکر ڌون 127 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي ڪوهلي 46 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو ته اجنڪيا رهاني اچي ويو هن صرف 60 بالن تي 79 رنسن جي اننگز کيڏي شکر ڌون شاندار سينچري ٺاهي ڌون 137 رنسن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو ڏکڻ آفريڪا طرفان مورني مورڪل 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *