سلمان خان پنهنجي پسنديده ڪرڪيٽر جو نالو ٻڌائي ڇڏيو

دبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين محمد اظهرالدين کي پنهنجو پسنديده ترين ڪرڪيٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي دبئي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سلمان خان کان جڏهن اهو پڇيو ويو ته اوهان جو پسنديده ڪرڪيٽر ڪير آهي ته ان تي هن جواب ڏنو ڪرڪيٽ اڇا منهنجي خيال ۾ ان ۾ 11 رانديگر هوندا آهن ۽ منهنجو پسنديده ڪرڪيٽر اظهرالدين آهي سلمان خان جو چوڻ هو ته سنگيتا بجلاڻي جو اڳوڻو گهروارو محمد اظهرالدين ان جو پسنديده ۽ بهترين رانديگر آهي هي ڪو سياسي بيان ناهي سنگيتا بجلاڻي کي ڪير سڃاڻي ٿو جو سڃاڻي ٿو اهو سمجهي سگهي ٿو ته پسند خراب ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *