ورلڊ ڪپ تاريخ: شيمن انور سينچري ٺاهيندڙ گڏيل عرب امارات جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

برسبين(اسپورٽس نيوز) شيمن انور عالمي مقابلي جي تاريخ ۾ سينچري ٺاهيندڙ گذريل عرب امارات جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو. انور آئرلينڊ خلاف ميچ ۾ اهو سنگ ميل عبور ڪيو. گذريل ڏينهن هلندڙ ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ آئرلينڊ خلاف کيڏيل ميچ ۾ شيمن انور مشڪل وقت ۾ انتهائي شاندار ۽ ذميدارانه بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. هن ڊٽجي مخالف بالرن جو مقابلو ڪيو ۽ شاندار سينچري ٺاهي پنهنجي ٽيم جي پوزيشن مستحڪم ڪئي. هو عالمي مقابلن جي تاريخ ۾ سينچري ٺاهيندڙ عرب امارات جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو. انور 106 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيو، سندس اننگز ۾ 10 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو پڻ شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *