پاڪستان جي ٽيم ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ پنهنجي ٽين پول ميچ پهرين مارچ تي زمبابوي خلاف کيڏندي

برسبين (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور جاري يارهين ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پهرين ڪاميابي جي ڳولا لاءِ پاڪستاني ٽيم جي زمبابوي خلاف ميچ لاءِ پريڪٽس جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان ۽ زمبابوي جون ٽيمون اهم ميچ ۾ پهرين مارچ تي آمهون سامهون ٿينديون. شروعاتي ٻن ميچن ۾ ناڪامين کانپوءِ ڪوارٽر فائينل جي ڊوڙ م شامل رهڻ لاءِ ان ميچ ڪاميابي گرين شرٽس لاءِ انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن هو اها ميچ هارائي ٿي وڃي ته ان جا لاسٽ ايٽ ۾ پهچن جا امڪان پڻ گهٽجي ويندا. گرين شرٽس کي پهرين ميچ ۾ ڀارت ۽ ٻين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو. سومر تي پاڪستاني ٽيم جي پهرين پريڪٽس سيشن رد ڪيو ويو هو ۽ ٽيم مينجمينٽ ۽ رانديگر سڄو ڏينهن ميٽنگز ۾ مصروف رهيا هئا جنهن جو مقصد تيم جي انتهائي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کان پوءِ رانديگرن کي حوصلو ڏيڻ ٻڌايو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *