ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ۾ اڳڀري

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ۾ اڳڀري آهي. 1982ع  کان هيستائين 48 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستان 17 کٽيون 13 هارايون ۽ 18 ميچون ڊرا ٿيون. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هيستائين 17 گڏيل سيريزون کيڏيون ويون آهن. پاڪستان 7 ۽ سريلنڪا پنجن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته پنج سيريز ڊرا ٿيون. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 17 جون کان گال ۾ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *